سومار شيخ
محمد سومار شيخ: مشهور اديب، شاعر، محقق ۽ نقاد، محمد سومار ولد الهبچايو شيخ، پهرين جنوري 1935ع تي، بدين ضلعي جي ڳوٺ قرهيي ڀانڊاريءَ ۾ ڄائو. سندس والد شاعر ۽ صوفياڻو مزاج رکندڙ هو. محمد سومار شيخ، عربي ۽ فارسيءَ جي تعليم ميان جي عارف ۽ هاشم منڌري وٽ، ڳوٺ دينار ٽالپر ۾ پڙهيو. ان بعد ڳوٺ غلام حسين جماليءَ جي مڪتب مان پڙهڻ کان پوءِ 1967ع ۾ اديب فاضل سنڌيءَ جو امتحان پاس ڪيائين. 1948ع ۾ سندس شادي ٿي. 1952ع ۾ باقاعدي لکڻ شروع ڪيائين. ننڍپڻ کان ئي کيس تاريخ ۽ تهذيب بابت تحقيق ڪرڻ ۾ دلچسپي رهي. هن ان سلسلي ۾ وسيع مطالعو ڪيو. خودڪار نموني مختلف ماڻهن وٽ وڃي، جهرن جهنگن، برن، دڙن ۽ ڀٽن بابت تحقيق ڪري، سنڌ جي تاريخ بابت نئون مواد لکيائين. تحقيق ڪرڻ جو کيس قدرتي ڏانءُ هو. هن جيتوڻيڪ پهرين لکڻ جي شروعات شاعري ۽ افساني سان ڪيائين، پر ستت ئي ثقافتي تاريخ تي قلم آرائي ڪري، نهايت ضخيم مواد ڪَٺو ڪيائين.
سومار شيخ ابتدا ۾ ’ابن الله بچايو‘ جي نالي سان اخبارن ۽ رسالن ۾ لکندو هو. هن پهريون مقالو ’مذهب ڇا آهي؟‘ لکيو، جيڪو 25 صفحن تي مشتمل هو.
هن قديم آثارن، تاريخ، لوڪ ادب، سوانح ۽ ثقافت بابت تحقيق ڪئي. ان کان سواءِ هن زيورن، نانگن، بلائن، وڻن ٻوٽن، هنرن ۽ لاڙ خطي بابت به لکيو. ڪيترن شاعرن جي شاعريءَ جا مجموعا مرتب ڪيائين ۽ سوانح عمريون لکيائين. سندس ڇپيل پهريون ڪتاب ’آڌي رات‘ آهي، جيڪو آر. ايڇ. احمد حيدرآباد، 1955ع ڌاري ڇپايو. جڏهن 1974ع ۾ بدين ضلعو قائم ٿيو ته محمد سومار شيخ کي اڃا به وڌيڪ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو ۽ سرڪاري عملدارن جي دلچسپيءَ ۽ تعاون سان بدين ۾ پهريون ’ثقافتي ميلو‘ لڳرايائين ۽ ’بدين جي ثقافتي تاريخ‘ ڪتاب پڌرو ڪيائين. تنهن کانسواءِ بدين ضلعي تي سندس ٻيا به ڪيترا ڪتاب آهن، جن ۾ ’بدين ضلعي جو مطالعو‘ نهايت اهم آهي.
سومار شيخ 1952ع ڌاري ٽنڊي باگي مان سنڌي فائنل جو امتحان پاس ڪري، ان ئي سال پرائمري استاد مقرر ٿيو. انهيءَ وقت سندس مالي حالتون ڪمزور هيون، ان ڪري هڪ ڀيري پنهنجي لائبرريءَ مان ست مڻ ڪتاب، چوڏهن سؤ روپين ۾ وڪرو ڪيائين. رٽائر ٿيڻ کان پوءِ روزگار لاءِ بدين ۾ هڪ پريس قائم ڪيائين، جيڪا بعد ۾ وڪرو ڪيائين ۽ پوءِ هو مڪمل ورڪر بڻجي، ثقافت، تاريخ ۽ ادب سان لاڳاپيل هر شيءِ گڏ ڪندو ويو. اڳتي هلي ضلعي ڪائونسل جي همت افزائيءَ ۽ سهڪار سان هڪ ميوزيم قائم ڪيائين، جنهن ۾ ڪيترائي نوادرات جمع ڪرايائين ۽ پوءِ ميونسپل ڪميٽيءَ جي ڏنل هڪ ڪمري کي ميوزيم بڻائي، سڀ ڪجهه اچي اتي رکيائين ۽ ميوزيم کي وڌائڻ لاءِ جاکوڙ ڪرڻ لڳو. ان بعد جڏهن بدين ۾ ميوزيم لاءِ رٿيل عمارت جا ٻه ڪمرا ٺهي مليا ته اهو سامان کڻي انهن ڪمرن ۾ منتقل ڪيائين، جيڪو اڳتي هلي ’لاڙ ميوزيم‘ بڻيو.
محمد سومار شيخ جو شاهه عبداللطيف جي ڪلام تي به ڪافي ڪم ٿيل آهي. هن سنڌ جا جهر جهنگ جهاڳي، شاهه لطيف جا ڪيترا گم ٿيل ۽ اڻ ڇپيل بيت هٿ ڪري ڇپرايا. هو ادبي جاکوڙ ۾ عزم وارو ماڻهو، زندگيءَ جي ڊوڙ ۾ پرعزم رهيو. مالي طور مسڪين هئڻ باوجود لکڻ پڙهڻ ۽ ڪتابن جي اشاعت لاءِ هر وقت جاکوڙ ۾ رڌل رهندو هو. هن ’لطيف پبليڪيشن‘ جو بنياد وڌو، جيڪو سرپرستي ڪرڻ وارن جي ضد ۽ حڪم موجب بدلجندو ’جيلاني پبليڪيشن‘، ’بدين پبليڪيشن‘ ۽ ’ساگر پبليڪيشن‘ بڻيو. هن پنهنجي سوچ پٽاندڙ ان کي ’لاڙ ادبي سوسائٽيءَ‘ جي نالي سان ترقي ڏياري ۽ ان پليٽفارم تان پنهنجا ۽ ٻين اديبن ۽ محققن جا ڪتابَ شايع ڪرايا.
محمد سومار شيخ سڄي ڄمار هڪ ڪارڪن وانگر ادب جي خدمت ڪئي. سندس لکيل ڪتاب 232 آهن، جن مان 47 ڪتاب ڇپيل آهن، جن جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو: (1) آڌي رات (1955ع)، (2) هڪ ندي ٻه ڪنارا، (3) ڪليات فاروق، (4) تاريخ الشعرا لاڙ (ڀاڱو پهريون)،
(5) روحاني ابيات، (6) ڪليات شيخ الهبچايو، (7) گوگو چوهاڻ،
(8) ڇوليون، (9) سنڌي آوازن جا تبادلا، (10) بو علي قلندر، (11) ڪلام مرکان شيخڻ، (12) روپا ماڙي، (13) دوها ۽ دونهان، (14) ڪلام پير ڀاون علي شاهه ’ساقي‘، (15) ڄراٽيس ڄيري، (16) پيرو فقير جو ڪلام، (17) عبراني، (18) شيخ قرهئي ڀانڊاريءَ کي ڳائيندڙ شاعر، (19) بدين: واهه بديڻا تنهنجا ڀاڳ، (20) بدين ضلعي جي اديبن شاعرن ۽ فنڪارن کي تحسين، (21) منتخب ڪلام رئيس عالم خان نظاماڻي، (22) بدين ضلعي جا مشاهير، (23) بدين ضلعي جي ثقافتي تاريخ، (24) ڪڇين جا قول،
(25) بدين ضلعي جو مطالعو، (26) لطيف سائينءَ جا لاڙ تان ڀيرا،
(27) سنڌ جا زيوَر، (28) بدين ثقافتي ميلي جي ڪهاڻي، (29) سنڌ جون سورميون، (30) شفا بخش پاڻي، (31) ٽيڙُو اُڀا ٽي، (32) اڻمٽ نقش،
(33) مسٽر حاجي، (34) ڪلام جڙيل عباسي، (35) پير شاهه قادري،
(36) ماهه ذوالحج، (37) مناجات ساقي، (38) شاهه جا گم ٿيل بيت (سر مارئي)،
(39) شاهه جا گم ٿيل بيت (ست سر)، (40) پارس، (41) پکرو وچور،
(42) پرڏيهين جا پيغام، (43) ڪلام الهه بچايو شيخ، (44) برج ڀاشا جوگرامر (مهراڻ ۾ ڇپيل) وغيره. سندس اڻ ڇپيل ڪتابن جو وڏو تعداد آهي، جيڪي تاريخ، لطيفيات، ثقافت، لغت وغيره جي موضوعن تي آهن. شيخ صاحب ڪافي تعداد ۾ شاعري به ڪئي. سندس شعري مجموعو ’دوها ۽ دونها‘ 1971ع ۾ لاڙ ادبي سوسائٽي، بدين طرفان شايع ٿيل آهي.
شيخ سومار جي ڪوششن سان 1980ع ۾ لاڙ ميوزيم جو قيام عمل ۾ آيو، جنهن جو کيس پهريون انچارج مقرر ڪيو ويو. پاڻ لاڙ ميوزيم جي ترقيءَ ۽ واڌاري لاءِ تمام گهڻيون ڪوششون ڪيائين، جيڪي ڪامياب ٿيون ۽ لاڙ ميوزيم ثقافتي وٿن ۽ تاريخي شين تي مشتمل شاندار اداري جي صورت ورتي، پر کانئس پوءِ ان ميوزيم جي حالت چڱي نه رهي. کيس ’بدين ضلعي جي تاريخ‘ ڪتاب تي سنڌالاجيءَ اوارڊ ڏنو. ان کانسواءِ تحقيقي خدمتن جي روشنيءَ ۾ تنظيم ’نظر و فڪر، سنڌ‘ طرفان پڻ کيس اوارڊ ڏنو ويو. محمد سومار شيخ جو ثقافتي تاريخ جي سلسلي ۾ ڪيل تحقيقي ڪم بنيادي ماخذن وارو آهي.
سنڌ جي هن نامور اديب، ٻولي شناس، محقق ۽ عالم سومار شيخ 23 آڪٽوبر 1986ع تي بدين ۾ وفات ڪئي.
1935.01.01 عيسوي
مشهور اديب، شاعر، محقق ۽ نقاد، محمد سومار ولد الهبچايو شيخ، پهرين جنوري 1935ع تي، بدين ضلعي جي ڳوٺ قرهيي ڀانڊاريءَ ۾ ڄائو.
1986.10.23 عيسوي
سنڌ جي هن نامور اديب، ٻولي شناس، محقق ۽ عالم محمد سومار شيخ 23 آڪٽوبر 1986ع تي بدين ۾ وفات ڪئي.