
ڊاڪٽر محمد صادق سيال
محمد صادق ڊاڪٽر سيال: ڊاڪٽر محمد صادق سيال، 28 جنوري 1958ع تي، ڳوٺ نور محمد سيال، تعلقي موري، ضلعي نوشهري فيروز ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم امام آباد، مئٽرڪ سنڌ مدرسہ هاءِ اسڪول نوشهوري فيروز، انٽر سروري اسلاميہ ڪاليج هالا، ايم. بي. بي. ايس لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي، ڄام شوري ۽ پوسٽ گريجوئيشن ڪراچي يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. سندس شروعاتي سڃاڻپ ٻارن جي ماهر ڊاڪٽر طور ٿي. ڊاڪٽر صادق سيال لاءِ اهو مشھور آهي تہ هو سستي قيمت واريون دوائون ٻارن لاءِ لکي صحتياب ڪرڻ ۾ وڏي مهارت رکي ٿو. پي. ايم. سي. ايڇ نوابشاھہ ۽ ڪلينڪ تي ڪيترن سالن کان ٻارن جو علاج ڪري رهيو آهي. هن 2007ع ۾ ٿيلسيميا بيماريءَ ۾ مبتلا ٻارن جي علاج ۽ کين گهربل رت جي انتظام لاءِ هڪ ادارو ’ٿيلسيميا پيشنٽ ويلفيئر آرگنائيزيشن‘ قائم ڪري مفت علاج جون سهولتون ڏنيون. بزرگ سياستدان حاڪم علي زرداري، محٽرمه فريال ٽالپر (ايم. اين. اي) ۽ نوابشاھہ جي سرنديءَ وارن ماڻهن ۽ سندس دوستن مدد ڪئي، ۽ هاڻي ٿيلسيميا سينٽر هڪ اداري جي حيثيت سان هلي رهيو آهي. ڊاڪٽر صادق سيال، سنڌ جي سمورن ڪاليجن ۽ اسڪولن ۾ ڪئمپون لڳائي رت جون هزارين بوتلون جمع ڪيون آهن، جنهن ڪم لاءِ آچر جو ڏينهن وقف ڪندو آهي. سماجي حوالي سان سڄيءَ سنڌ ۾ لاتعداد ڪئمپون لڳائي چڪو آهي. هوشيار شاگردن کي وظيفا ۽ انعام بہ ڏيندو آهي. هن ٻارن کي حفاظتي ٽڪن لڳرائڻ وارو ڪم بہ ڪيو آهي. هي پوليي جي خاتمي جي مھم ۾ حصو وٺندو رهيو آهي. ڊاڪٽر صادق سيال اڄڪلھہ ٿيلسيميا کان بچاءَ جي سلسلي ۾ آگاهي مھم شروع ڪئي آهي، جنهن ۾ هن شاديءَ کان اڳ ۽ حمل ٿيڻ کان اڳ رت جي مختلف نمونن جي چڪاس ڪرائڻ جو آغاز ڪيو آهي. ان لاءِ سندس خيال آهي تہ هر شھر ۾ بلڊ گروپ ٽيسٽ ٿيڻ کپي، جنهن سان خبر پوندي تہ ڪهڙن خاندانن ۽ گروپن ۾ ٿيلسيميا ٿيڻ جا وڌيڪ خدشا آهن. هي چاهي ٿو تہ سنڌ اسيمبليءَ مان هڪ اهڙو بل پاس ٿيڻ کپي، جو ساڳئي بلڊ گروپن وارن ماڻهن جي شادين تي پابنديون وڌيون وڃن تہ جيئن ٿيلسيميا جي بيماريءَ جي روڪٿام ٿي سگهي. نوابشاھہ ٿيلسيميا سينٽر ۾ هزارن جي تعداد ۾ ٿيلسيميا جا مريض رجسٽر ٿيل آهن، جن کي روزانو مفت رت جون بوتلون ۽ دوائون مهيا ڪيون وڃن ٿيون.
1958.01.28 عيسوي
ڊاڪٽر محمد صادق سيال، 28 جنوري 1958ع تي، ڳوٺ نور محمد سيال، تعلقي موري، ضلعي نوشهري فيروز ۾ جنم ورتو.