راهوجو، محمد صالح
محمد صالح راهوجو: محمد صالح ولد محمد پناهه راهوجو 1939ع تي ڳوٺ راهوجا تعلقي خيرپورناٿن شاهه ۾ ڄائو. هن ابتدائي تعليم گوزي مان 1951ع ۾ حاصل ڪئي ۽ مئٽرڪ گورنمينٽ ميونسپل هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي مان 1956ع ۾ پاس ڪئي. غربت سبب هو وڌيڪ تعليم حاصل نه ڪري سگهيو. محمد صالح راهوجي عملي زندگيءَ جي شروعات 1962ع تي تعليم کاتي ۾ ڪلارڪي سان ڪئي. سندس مقرري لاڙڪاڻي ۾ ٿي. هن 1973ع ۾ دوستن سان ڪلارڪ ايسوسيئيشن جو بنياد رکيو ۽ ان جو هو پهريون جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو. هن کي 1980-1981ع ۾ سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ پلاننگ اينڊ مانيٽرنگ سيل ۾ آفيس سپرنٽينڊنٽ مقرر ڪيو ويو. ڪجهه وقت کانپوءِ سندس هوشياريءَ ۽ قابليت تي هن کي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو. سندس ئي ڏينهن ۾ مانيٽرنگ سيل قائم ٿيو. هو انتهائي قابل، ذهين، فرض شناس ۽ محنتي آفيسر ثابت ٿيو. سندس ڏينهن ۾ سنڌ اسيمبليءَ ۾ ورلڊ بئنڪ طرفان جيڪي اجلاس ٿيندا هئا، هيءُ اتي بريفنگ ڏيندو هو ۽ اجلاس جي ڪارروائي لکت ۾ تيار ڪندو هو. 1979ع ۾ هن تعلقي خيرپورناٿن شاهه مان لڏي اچي ڄام شورو ڦاٽڪ ڀرسان رهائش اختيار ڪئي. جڏهن سنڌ ميوزيم حيدرآباد جو قيام عمل ۾ آيو ته ظفر ڪاظميءَ هن کي تعليم کاتي مان ٽن سالن (1980ع-1978ع) لاءِ ڊيپوٽيشن تي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر طور مقرر ڪرايو، جتي سنڌ جي ثقافت سهيڙڻ لاءِ هن ٿر سميت ٻين ڏورانهن علائقن ۾ وڃي ڪافي نوادرات هٿ ڪري انهن کي سنڌ ميوزيم ۾ محفوظ ڪرايو. هو 1983ع ۾ ايم.آر.ڊي واري تحريڪ ۾ گرفتاري ڏنل قيدي ڪارڪنن جي مالي مدد به ڪندو هو. عوامي تحريڪ جي سڀني محاذن جون گڏجاڻيون به سندس ڄام شوري ڦاٽڪ واريءَ جاءِ تي اڪثر ٿينديون هيون. هن ڪراچيءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ تعليم ۽ اُن جي ترقيءَ لاءِ اسڪولن ۾ سنڌي لئنگئيج ٽيچر ڀرتي ڪرايا، ته جيئن سنڌي نوجوان ڪراچيءَ ۾ به پنهنجي ٻوليءَ جي خدمت ڪري سگهن. هن جي ڪوششن ۽ رات ڏينهن جي محنتن سان 1985ع ۾ محمد خان جوڻيجي جي ’پنج نُڪاتي‘ پروگرام هيٺ ’محلا اينڊ ماسڪ اسڪول جو پراجيڪٽ‘ جوڙيو ويو، جنهن سان نه رڳو سنڌ جي ڏورانهن ۽ پوئتي پيل علائقن ۾ هزارين مسجد اسڪول کليا بلڪه هزارين بي روزگارن کي نوڪريون به مليون. محمد صالح راهوجو 1994ع ۾ رٽائر ٿيو. رٽائرمينٽ کانپوءِ ورلڊ بئنڪ وارن هن کي ٻن سالن لاءِ ايجوڪيشن سيل ۾ ڪنسلٽنٽ ڪري رکيو، جتي هن پنهنجي اعلى ڪارڪردگي ۽ ذهانت جو مظاهرو ڪندي وڏي نيڪ نامي ڪمائي. هو شهيد فاضل راهو ۽ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جي شخصيتن ۽ عملي جدوجهدن کان گهڻو متاثر هو. هو اڪثر ڪچهرين ۾ انهن ٻنهي شخصيتن جي سياسي ۽ سماجي پهلوئن جو ذڪر ڪندو هو. محمد صالح راهوجو 15 جنوري 1997ع تي وفات ڪري ويو. سندس آخري آرام گاهه سنڌ يونيورسٽي ڪالونيءَ جي قبرستان ۾ آهي. هن پنهنجي پويان 2 نياڻيون 5 فرزند وارث ڇڏيا.