محمد عالم سومرو مولانا

محمد عالم سومرو، مولانا : نامور عالم ۽ محدث، مولانا محمد عالم ولد محمد نعيم سومرو، 22 جنوري 1903ع تي ميرپور ماٿيلي، ضلعي گهوٽڪيءَ ۾ ڄائو. هن ابتدائي تعليم ميرپور ماٿيلي جي سنڌي پرائمري اسڪول ۾ حاصل ڪئي. قرآن پاڪ ناظره حافظ الاهي بخش سيال وٽ پڙهيو. فارسي تعليم مولانا بھاءُ الدين پتافيءَ وٽان پڙهي، مدرسہ ’قاسم العلوم‘ گهوٽڪيءَ ۾ داخل ٿـيـو، جتي مولانا نور محمد انڍڙ ۽ سيد شير محمد شاھہ کان عربيءَ جي تعليم حاصل ڪيائين. ان کانپوءِ مولوي اميد علي چني شڪارپوريءَ جي مدرسي ۾ پڙهي فارغ التحصيل ٿيو. کيس دستار مولانا تاج محمود امروٽيءَ پارائي. هو فارغ التحصيل ٿيڻ کانپوءِ درس تدريس جي ڪم سان لڳو ۽ ان سان گڏ عرضي نويس جو ڪم پڻ ڪندو هو. مولانا محمد عالم سنڌي زبان جو سٺو عالم ۽ ڪاتب هو ۽ شعر و شاعريءَ جو بہ گهڻو ذوق رکندو هو. قرآن مجيد جو سنڌي ترجمو پڻ ڪيائين، جيڪو پاڻ مڪمل ڪتابت ڪيو هئائين. اهو قرآن مجيد ’قومي هجره ڪاميٽيءَ‘ اسلام آباد پاران 1986ع ۾ شايع پڻ ڪيو ويو. ان کانسواءِ مولانا ٻيا بہ ڪيترائي ڪتاب لکيا، جن ۾ ’دولت علويه جي مختصر تاريخ‘ ۽ ’سوانح حضرت حسين عليہ السلام‘ شامل آهن. وٽس هڪ وڏي لائبرري پڻ هئي، جيڪا سندس پونيرن وٽ موجود آهي. مولانا محمد عالم سومري، 28 جولاءِ 1989ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1903.01.22  عيسوي

نامور عالم ۽ محدث مولانا محمد عالم ولد محمد نعيم سومرو، 22 جنوري 1903ع تي ميرپور ماٿيلي، ضلعي گهوٽڪيءَ ۾ ڄائو.


1989.07.28  عيسوي

مولانا محمد عالم سومري 28 جولاءِ 1989ع تي وفات ڪئي.



عالم - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سام مرزا
عبدالاحد مير
عبدالحڪيم، مولوي 2
علي محمد ٻاگهلائي مولوي
مخدوم محمد صادق ٺٽوي
جهمٽ مل نارومل وسناڻي
زخائو ايڊورڊ
شھاب الدين ڪٽوهر مولوي
نذر حسين سڪندري ڊاڪٽر
امام ابو دائود
عالم ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون