محمد عباس سومرو : پڊعيدن جي نامور وڪيل ۽ تعليمي ماهر محمد عباس سومري، 19 جولاءِ 1924ع تي ڳوٺ چيهي ۾ حاجي حبيب ﷲ جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس گهراڻو علمي ادبي گهراڻو هو، تنهنڪري کين ’آخوند‘ ڪري سڏيندا هئا. سندس پڙڏاڏو محمد حسين رنگريز پنھنجي دور جو مڃيل عالم ۽ ڪاتب ٿي گذريو آهي. سندس ڪتابت ڪيل ڪيترائي نسخا اڄ بہ سندس پونئيرن وٽ محفوظ آهن. محمد عباس سومرو ٻہ درجا انگريزيءَ تائين پڊعيدن جي رام سنگهہ اڪيڊميءَ ۾ پڙهيو، پر پوءِ اچڻ وڃڻ جي تڪليف سبب خواجہ گارڊن اسڪول نوابشاھہ ۾ داخل ٿيو، تنهن دور ۾ اسڪول ۾ بورڊنگ جي سهوليت هوندي هئي. مئٽرڪ جو امتحان 1944ع ۾ ڏنائين ۽ بورڊ ۾ ٽين پوزيشن حاصل ڪيائين. بي.اي جو امتحان سنڌ يونيورسٽي ڪراچيءَ مان 1949ع ۾ پاس ڪيائين. ان بعد ڊي.جي ڪاليج مان 1952ع ۾ قانون جو امتحان ڏنائين. نهايت خوددار ۽ ذميدار انسان هو، ’لا‘ جا ڪلاس شام جو هلندا هئا، تنهنڪري صبح جو بندر روڊ تي واقع اين. جي. وي هاءِ اسڪول ۾ پڙهائڻ لڳو. حفيظ پيرزادو، سينيٽر حسين شاھہ راشدي ۽ امر جليل سندس شاگرد رهي چڪا آهن. ڪراچيءَ ۾ رهڻ دوران ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي جي گهڻو ويجهو رهيو. سندس زندگيءَ تي ٻہ شخص گهڻو اثرانداز رهيا، هڪڙو ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو ۽ ٻيو ايڇ ايم خواجہ. هن بي. اي ڪرڻ دوران ڊي. سي آفيس ڪراچيءَ ۾ ڪلارڪي ڪئي. وڪالت جي ڊگري حاصل ڪري واپس نوابشاھہ آيو، جتي قاضي فيض محمد وڪيل جو اسسٽنٽ ٿي ڪم ڪيائين. 15 سيپٽمبر 1953ع تي سنڌ حڪومت سانگهڙ کي ضلعي جو درجو ڏنو تہ 20 آڪٽوبر 1953ع تي پاڻ بہ سانگهڙ ۾ اچي رهيو. هي سانگهڙ جي تاريخ جو پهريون وڪيل هو، 1960ع کان 1970ع تائين سانگهڙ بار ڪائونسل جو ڏھہ سال صدر رهيو. سومرو صاحب نہ صرف سٺو وڪيل هو، پر هڪ تعليمي ماهر بہ هو. جاگرافيءَ تي سٺي دسترس رکندو هو. سندس ترتيب ڏنل ڪتاب اٽلس جاگرافي تعلقو کپرو (1958ع)، اٽلس جاگرافي تعلقو سنجهورو (1958ع)، اٽلس جاگرافي تعلقو سانگهڙ (1958ع)، اٽلس جاگرافي ضلعو سانگهڙ (1958ع) اسڪولن ۾ پڙهايا ويندا هئا. ان کان سواءِ سندس انٽرميڊئيٽ جي شاگردن لاءِ جاگرافيءَ جي موضوع تي انگريزيءَ ۾ لکيل ڪتاب Commercial Geography تعليم کاتي کان منظور ٿيل هو. ان کانسواءِ سومرو صاحب سياسي توڙي سماجي سرگرمين ۾ بہ اڳڀرو رهيو آهي. ايم. آر. ڊي واري جدوجھد ۾ ڀرپور حصو ورتائين. سماجي حوالي سان شھر جي ترقياتي ڪمن ۾ ڇوڪرن توڙي ڇوڪرين لاءِ ڌار ڌار ڪاليج قائم ڪرائڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيائين. هي سانگهڙ ڊيولپمينٽ سوسائٽي، سانگهڙ بار ۽ سانگهڙ جئمخاني جو باني ليکيو وڃي ٿو. هن جي سڄي زندگي جدوجھد ۾ گذري، آخر ۾ وڪالت توڙي سياسي سماجي سرگرميون ڇڏي اوٿ ڪمشنر طور سانگهڙ واسين جي خدمت ڪيائين.
1924.07.19 عيسوي
پڊعيدن جي نامور وڪيل ۽ تعليمي ماهر محمد عباس سومري، 19 جولاءِ 1924ع تي ڳوٺ چيهي ۾ حاجي حبيب الله جي گهر ۾ جنم ورتو.