محمد عمر ٿهيم

محمد عمر ٿهيم : وڏيرو محمد عمر ولد حاجي محمد ٿهيم ”سمسمو“ 10 جون 1914ع تي جاتي شهر ۾ ڄائو. ابتدائي سنڌي ست درجا پرائمري اسڪول مغل ڀين ۾ پڙهيو. پوءِ زمينداري ڪرت اختيار ڪيائين. وڏيري محمد عمر تحريڪ پاڪستان ۾ هڪ سرگرم ڪارڪن جي حيثيت ۾ ڪم ڪيو. نيشنل گارڊ تعلقي جاتيءَ جو سالار ٿي رهيو. عمر سمسمو هڪ بردبار ۽ نهايت مخلص انسان هو. هن پنهنجي علائقي جي ماڻهن جي بي لوث خدمت ڪئي. پنهنجي ٿهيم برادريءَ ۾ هڪ باوقار شخصيت جو مالڪ هو. وڏيري عمر کي دشمنيءَ سبب 1962ع ۾ قتل ڪيو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1914.06.10  عيسوي

محمد عمر ٿهيم سمسمو 10 جون 1914ع تي جاتي شهر ۾ ڄائو


1962.00.00  عيسوي

وڏيري عمر کي دشمنيءَ سبب 1962ع ۾ قتل ڪيو ويو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سڊس جيمس وليم
شوڪت حيات خان سردار
پهلوان احسان سانڊاڻو
بلوچ عنايت
سيد لال شاهه
شهباز شريف
حاجي ابو طالب اگهمي
حاجي محمد عثمان قاضي
پلي عبدالخالق عبد
خليل کوسو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون