محمد عمر ٿھيم

محمد عمر ٿھيم : وڏيرو محمد عمر ولد حاجي محمد ٿھيم ”سمسمو“ 10 جون 1914ع تي جاتي شھر ۾ ڄائو. ابتدائي سنڌي ست درجا پرائمري اسڪول مغل ڀين ۾ پڙهيو. پوءِ زمينداري ڪرت اختيار ڪيائين. وڏيري محمد عمر تحريڪ پاڪستان ۾ هڪ سرگرم ڪارڪن جي حيثيت ۾ ڪم ڪيو. نيشنل گارڊ تعلقي جاتيءَ جو سالار ٿي رهيو. عمر سمسمو هڪ بردبار ۽ نهايت مخلص انسان هو. هن پنھنجي علائقي جي ماڻهن جي بي لوث خدمت ڪئي. پنھنجي ٿھيم برادريءَ ۾ هڪ باوقار شخصيت جو مالڪ هو. وڏيري عمر کي دشمنيءَ سبب 1962ع ۾ قتل ڪيو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1914.06.10  عيسوي

محمد عمر ٿهيم سمسمو 10 جون 1914ع تي جاتي شهر ۾ ڄائو


1962.00.00  عيسوي

وڏيري عمر کي دشمنيءَ سبب 1962ع ۾ قتل ڪيو ويو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

خانبهادر احمد خان سڌايو
غلام شبير قريشي
دلاور خان هالاڻي
شادي شھيد فقير
پاٽائي عبدالواحد ڪبير
ڏاهري غلام قادر
الطاف سومرو
سليمه احمد
انيس انصاري
قائداعظم محمد علي جناح
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون