
سومرو محمد وريل
محمد وريل سومرو : نامور چترڪار، محمد وريل سومرو، جيڪو ’ايم. وي. سومري‘ جي نالي سان مشھور هو، آخوند حاجي احمد جو وڏو پٽ هو. هن 1921ع ۾ دادو شھر جي ڇاڻي (شاھہ آباد) پاڙي ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم مسلم اسڪول ڇاڻي، ضلعي دادوءَ مان حاصل ڪيائين. فائنل جو امتحان پاس ڪري ان ئي اسڪول ۾ والد جي وفات کانپوءِ هيڊماستر ٿيو. ننڍپڻ کان ئي کيس سنڌ جي مشھور آرٽسٽ، مصور استاد علي نواز امير البحر سيوهاڻيءَ جي حوالي ڪيو ويو، جنهن سندس ڏات ۽ صلاحيتن کي نکاري کيس رنگن جي سڃاڻپ سان گڏ شيشي تي پينٽنگ جي ڪم ۾ ماهر بڻايو. 1938ع ۾ ٽريننگ ڪاليج فارمين حيدرآباد ۾ هڪ سال هيڊماستريءَ جي تربيتي ڪورس دوران ڊرائنگ جو امتحان استاد ﷲ بخش آرٽسٽ جي نگرانيءَ ۾ ڏنائين. امتحان ۾ نمايان پوزيشن حاصل ڪيائين. محمد وريل سومري ۾ خداداد فنڪارانه صلاحيتون موجود هيون، ان ڪري استاد شفيع محمد سولنگي، استاد قربان لاشاري ۽ تاج محمد عرف تاجو حجم سان گڏجي، تاريخي سنڌي ڊراما اسٽيج ڪيائين، جن ۾ مکيہ ڪردارن سان گڏ فنڪارن جي ميڪ اپ جي ذميواري خوبصورتيءَ سان نڀائيندو هو. محمد وريل سومري، درس و تدريس کان سواءِ دادوءَ ۾ پينٽنگ جي ڪم سان گڏ ماڻهن جا پورٽريٽ ٺاهڻ واري فن کي خوب ترقي ڏياري. تاج محل سئنيما، دادوءَ ۾ فلمن جا بئنر ۽ اداڪارن جون تصويرون ٺاهڻ ڪري سندس شھرت وڌندي رهي. ان ڪري گورنمينٽ هاءِ اسڪول دادو جي هيڊماستر پي. ڊبليو. چيناڻيءَ پرمانند هرداس مل هاءِ اسڪول دادوءَ ۾ مئٽرڪ پاس جي شرط کان سواءِ ئي کيس 1949ع ۾ ڊرائنگ ٽيچر مقرر ڪيو. اسڪول ۾ استاديءَ واري زماني ۾ هن هر قسم جي سرگرميءَ ۾ ڀرپور حصو ورتو. راند جي دنيا ۾ والي بال جا وڏا رانديگر پيدا ڪيائين، جڏهن تہ ڊرائنگ جي فن ۾ فتاح هاليپوٽو، عاشق عارباڻي، عيسى مهدي، عباس، جميل ۽ شير محمد سومرو سندس نالي وارا شاگرد ٿي رهيا آهن. مصوريءَ جي فن ۾ کيس پورٽريٽ ٺاهڻ ۾ وڏي مهارت حاصل هئي. وڏي اعتماد سان روبرو ويٺل ماڻهن جي تصوير پنجن منٽن اندر اسڪيچ ڪري ويندو هو. جڏهن کان قلندر لعل شھباز جي درگاھہ اوقاف کاتي ۾ آئي تہ ان سال کان حڪومت طرفان هر سال نمائش جو آغاز ٿيو تہ محمد وريل سومري کي خصوصي اسٽال الاٽ ڪيو ويندو هو، جتي سندس چترڪاريءَ جي شاهڪارن تي ماڻهن جا انبوھہ نظر ايندا هئا. اسٽال اڳيان چئلينج سان ماڻهن جا پنجن منٽن اندر پورٽريٽ ٺاهي ماڻهن کي حيران ڪري ڇڏيندو هو. 1977ع ۾ شاھہ فيصل جي پاڪستان آمد جي موقعي تي محمد وريل سومري کي اسلام آباد ۾ ٻين وڏن آرٽسٽن سان گڏ گهرايو ويو، جتي هن پنجن منٽن اندر شاھہ فيصل جو پورٽريٽ تيار ڪري ورتو. هن پنھنجي محنت سان قلندر لعل شھباز اوارڊ ۽ ٻيا ڪيترا انعام حاصل ڪيا. محمد وريل سومري جي جدوجھد سان دادو ضلعي ۾ اسڪائوٽنگ جو رجحان وڌيو ۽ وُڊبئج سان گڏ ضلعي دادوءَ جو اسڪائوٽ سيڪريٽري بہ رهيو. فنون لطيفہ سان وابستگيءَ سبب شعر و ادب ۽ موسيقيءَ ۾ بہ پاڻ کي چڱو موکيائين. تقرير ۽ ڪامينٽري ڪرڻ وقت ظريفانه انداز سان ماڻهن کي مسرور ڪندو هو. پاڪستان تحريڪ ۾ مسلم ليگ جو سرگر ڪارڪن رهيو. محمد وريل سومري 14 آگسٽ 1993ع تي وفات ڪئي. سندس قبر موسن شاھہ قبرستان، شاھہ آباد، ڇاڻي ۾ آهي.