محمد يعقوب سولنگي شھيد

محمد يعقوب سولنگي، شھيد: محمد يـعـقـوب سـولنگـيءَ ٺارو شاھہ، ضلعي نوشهري فيروز ۾ جنم ورتو. مئٽرڪ تائين تعليم ٺارو شاھہ مان حاصل ڪيائين. انٽر گورنمينٽ ڪاليج ڪاري موري حيدرآباد مان پاس ڪري سنڌ پوليس ۾ اسسٽنٽ سب انسپيڪٽر جي حيثيت سان ڀرتي ٿيو. اي.ايس.آءِ مان ترقي ڪندو انسپيڪٽر جي عهدي تي پهتو. هن پنھنجي ايامڪاريءَ ۾ هميشہ ڏوهارين خلاف ڪات ڪهاڙا کنيا. دادوءَ جي بدنام ڌاڙيلن حسن ڪاري، نورو چانڊيي، رانجهو ڪرڪلي، بچو رستماڻي، لائق اوٺي ۽ ابراهيم اوٺي ۽ ٻين جو بهادريءَ سان مقابلو ڪري ڪمانڊو جو لقب حاصل ڪيو. 11 جنوري 1992ع تي رات جو ڌاڙيل لائق چانڊيي ڏيڍ سؤ‍ ساٿين سان ڳوٺ لطف علي ڀنڊ، تعلقي دادوءَ تي ڪاھہ ڪئي، ڳوٺاڻن ۽ محمد يعقوب سولنگيءَ بهادريءَ سان سندن مقابلو ڪيو. آخرڪار ڌاڙيلن جي گولين جو شڪار ٿي شھيد ٿيو. سندس جنازي ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي. هڪ اندازي موجب شھيد جي مڙھہ تي پنجن هزارن کان مٿي اجرڪو پيون.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1992.01.11  عيسوي

11 جنوري 1992ع محمد يعقوب سولنگيءَ ڌاڙيلن جي گولين جو شڪار ٿي شهيد ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جلال الدين شاھہ
حاجي محمد سمون
راهو علي محمد
بروهي عبدالحليم
امام علي سومرو
قاضي آصف
جوکيو ڄام بجار خان
عبدالسميع ميمڻ
ٻاجهي فقير خاصخيلي
آصف جاه نواب
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون