محمد يوسف سرهيو

محمد يوسف سرهيو : محمد يوسف ولد حاجي خان سرهيو، 11 سيپٽمبر 1944ع تي دادو شھر ۾ ڄائو، ابتدائي تعليم دادوءَ مان حاصل ڪيائين. بي. اي سچل سرمست ڪاليج حيدرآباد مان سال 1965ع ۾ ڏنائين، ايم. اي 1967ع ۾ ڪيائين. 1961ع کان 1974ع تائين استادي پيشي سان منسلڪ رهيو، 1974ع کان 1976ع تائين ٽي سال ڊپٽي ٽريفڪ مئنيجر سنڌ روڊ ٽرانسپورٽ ڪارپوريشن رهيو. هن سماجي سرگرمين ۾ بہ وڌي چڙهي حصو ورتو. سگا جو نائب صدر ۽ صدر بہ رهيو. هن پهريون ڀيرو مخدوم بلاول سيمينار ڪرائي، سنڌ جي تاريخ جي اهم سورمي مخدوم بلاول جي ڪارنامن کان عوام کي روشناس ڪرايو. هن پنھنجي ايامڪاريءَ ۾ روشن تارا اسڪول قائم ڪيو. ان کانسواءِ غريب ۽ مسڪين ماڻهن جي سهائتا لاءِ ميڊيڪل ڪئمپون لڳرايون. محمد يوسف سرهيو سماجي ۽ ثقافتي تنظيمن سان وابستہ پڻ رهيو، جن ۾ سپر اسٽار ڪرڪيٽ ڪلب، دادو اسپورٽس ايسوسيئيٽس ۽ نوجوان تنظيم دادو شامل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1944.09.11  عيسوي

محمد يوسف ولد حاجي خان سرهيو، 11 سيپٽمبر 1944ع تي دادو شهر ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

غلام مرتضيٰ کوسو
افلاطون
قادر بخش مگسي ڊاڪٽر
شيام ساڌورام آهوجا
چاچڪ شيخ مغل
طارق احمد ميمڻ
شيخ محمد حاجن پروفيسر
سيٺ ڌريانو مل
فضل محمد حـڪـيم
ڏيٿو عبدالرحيم
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون