محمد پناهه ڦرڙو

محمد پناهه ڦرڙو

محمد پناھہ ڦرڙو

محمد پناھہ ڦرڙو: اديب، محقق ۽ اُستاد محمد پناھہ ولد محمد سليمان ڦرڙو 10 فيبروري 1936ع تي ڳوٺ علي محمد ڦرڙي، تعلقي محرابپور، ضلعي نوشھري فيروز ۾ پيدا ٿيو. سنڌي اديب (1958ع)، سنڌي عالم (1959ع)، سنڌي اديب فاضل (1967ع)، ايم. اي سنڌي (1975ع) ۽ ايم فل (1988ع) جون ڊگريون سنڌ يونيورسٽي، ڄام شوري مان حاصل ڪيون. 1951ع ۾ پرائمري استاد مقرر ٿيو، جتان 1985ع ۾ رٽائرڊ ڪيائين. هي ’الڪبير اڪيڊمي‘ ڪوٽڙي ڪبير جو ڊائريڪٽر، سنڌي ادبي سنگت، شاخ خانواهڻ جو سيڪريٽري، سنڌي لغت ۽ لوڪ ادب اسڪيم، هسٽاريڪل سوسائٽي نوابشاھہ، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي حيدرآباد جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر ۽ درگاھہ لواري شريف بدين جي مئنيجنگ ڪميٽيءَ جو ميمبر رهيو. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ’امواج محمدي‘ (محمد فقير جي سوانح ۽ ڪلام-1981ع)، ’لواري جا لال‘ (سوانح حيات ۽ تحقيق- 1983ع)، ’گلدسته لواري شريف‘ (ترتيب)، ’راحمي بادشاهي- پير لواري‘ (سوانح حيات پير فيض محمد نقشبندي، ڀاڱو چوٿون-1999ع)، ’ڀارت ياترا‘ (سفر نامو-2001ع) ۽ ’هندي- سنڌي لغت‘ (سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، 2007ع) شامل آهن. اُن کانسواءِ سندس ڪيترائي مقالا ۽ سووينئر پڻ ڇپيا. کيس ادبي خدمتن عيوض صدارتي اوارڊ 1987ع، سنڌي ٻوليءَ اوارڊ جئپور، ڀارت 1999ع، سنڌي اڪيڊمي اوارڊ، دهلي 1999ع، اجميري اوارڊ، اجمير ڀارت 1999ع، شاھہ عبداللطيف ڀٽائي اوارڊ، دادا ڀائي اوارڊ 1986ع، ٻہ ڀيرا حمل فقير اوارڊ 91-1990ع، شاھہ عبداللطيف يونيورسٽي، خيرپور پاران تصوف جي موضوع تي شيلڊ ۽ نشات تنظيم لواري شريف پاران ’لائيف ٽائيم اچيومينٽ‘ اوارڊ 2016ع مليل آهن. ان کانسواءِ ٻاراڻي ادب، سنڌي لغت ۽ لوڪ ادب تي سنڌي ادبي بورڊ ڄام شوري، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد ۽ سنڌ يونيورسٽي، ڄام شوري پاران انعام مليا. هن 08 فيبروري 2017ع تي وفات ڪئي.


لفظ محمد پناھہ ڦرڙوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1936.02.10  عيسوي

اديب، محقق ۽ اُستاد محمد پناهه ولد محمد سليمان ڦرڙو 10 فيبروري 1936ع تي ڳوٺ علي محمد ڦرڙي، تعلقي محرابپور، ضلعي نوشھري فيروز ۾ پيدا ٿيو.


2017.02.08  عيسوي

محمد پناهه ڦرڙو 08 فيبروري 2017ع تي وفات ڪئي.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حيدر بخش عزيز گوپانگ
قابل ڏاهري
عبدالقدير ڪاڃون
سجاد ظھير
سيد عبدالحسين موسوي
الياس سيتا پوري
دادا سنڌي
حسن عابدي
عالم سجاولي پير
انتظار حسين ڇلڳري
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون