شيدي، مختيار

شيدي، مختيار

مختيار شيدي

مختيار شيدي : مشھور فنڪار ۽ نوحا خوان مختيار شيدي ولد ڪريم بخش شيدي، 11 اپريل 1968ع تي ڳوٺ ٻوراهو، تعلقي روهڙيءَ ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم مڊل پاس هئي، غربت سبب وڌيڪ تعليم پرائي نہ سگهيو. مختيار ننڍپڻ ۾ پيٽ گذر واسطي ڇولا کپايا ۽ ويگن ۽ بس جي ڪئلينڊري ڪئي. کيس ننڍپڻ کان ئي ڳائڻ سان دلچسپي هئي. هن راڳ جي شروعاتي سکيا استاد رسول بخش ابڙي کان ورتي. کيس ريڊيو پاڪستان خيرپور تي ناليواري براڊڪاسٽر ۽ شاعر مختيار ملڪ متعارف ڪرايو. جنهن دوران ناليواري شاعر محسن ڪڪڙائيءَ جو غزل ‘سونهن ڏسندي سرور ملندو آ، ڄڻ انڌي کي نور ملندو آ’ رڪارڊ ڪيو. مختيار شيديءَ جي آواز ۾ انتهائي درد سمايل هو. اهو ئي سبب هو، جو هن اڪثر شاعري درد واري ئي ڳائي. هن اٽڪل 25 سال ڪئسيٽ جي دنيا تي راڄ ڪيو. سندس ڪلام ڳوٺ، جهر جهنگ، هوٽلن تي شوق سان ٻڌا ويندا هئا. مختيار شيديءَ جو شمار انهن چند فنڪارن ۾ هو، جن جون ڪئسيٽون هٿو هٿ وڪرو ٿي وينديون هيون. هن جا ڪجهہ ڪئسيٽ البم مختيار قمبراڻيءَ جي نالي سان بہ رليز ٿيا. مختيار شيديءَ جي رليز ٿيل آڊيو ۽ وڊيو ڪئسيٽن جو تعداد 300 جي لڳ ڀڳ آهي. هن شاھہ لطيف، سچل سرمست، شيخ اياز سميت ڪيترن ئي شاعرن استاد بخاري، زخمي چانڊيو، وحيد هڪڙو، ساگر شاھہ، ممتاز مولائي، ارشاد جاگيراڻي، مير محمد عباسي، ڪفايت گل وغيرہ کي ڳايو. مختيار شيدي 2006ع ۾ ڳائڻ کي هميشہ لاءِ الوداع چئي نوحہ خواني شروع ڪئي. جنهن ۾ سندس 50 آڊيو ۽ وڊيو ڪئسيٽون رليز ٿيون. آخر ۾ گردن جي بيماريءَ ۾ مبتلا ٿيو، جنهن سبب 5 اپريل 2015ع تي وفات ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1986.04.11  عيسوي

مشهور فنڪار ۽ نوحا خوان مختيار شيدي ولد ڪريم بخش شيدي، 11 اپريل 1968ع تي ڳوٺ ٻوراهو، تعلقي روهڙيءَ ۾ پيدا ٿيو.


2015.04.02  عيسوي

مختيار شيدي 5 اپريل 2015ع تي وفات ڪئي.



راڳي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

منظور سخيراڻي
خورشيد علي خان
رجب علي
بينجمن سسٽرز
سرور سخيراڻي
شاهنواز سولنگي
اڪبر بروهي
استاد يوسف کٽي
روشن آرا بيگم
پنڪج اُڌاس
راڳي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون