مخدوم جھان سنڌي

مخدوم جھان سنڌي : هي مغل بادشاھہ اڪبراعظم جي دور جو هڪ وڏو عالم فاصل بزرگ، مفڪر ۽ خدا وارو ٻانهو ٿي گذريو آهي. سيوهڻ جي هن عالم ۽ فاضل جو اڪبري درٻار ۾ وڏو اثر رسوخ هو ۽ اڪبر هن جي تمام گهڻي عزت ڪندو هو. سندس خاندان جي ڪا خبر نہ ٿي پوي تہ ڪير هو، البت ’طبقات اڪبريءَ‘ ۾ سندس ذڪر هيٺين لفظن ۾ آهي: مخدوم جھان سندي در سيوستان ست، از فعول علماء بزهد و تقويٰ ممتاز ست. يعني مخدوم جھان سيوهڻ ۾ رهي ٿو، وڏن عالمن مان آهي. دنيا جي ترڪ ۽ پرهيزگاريءَ ۾ ممتاز درجو رکي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو