مخدوم سجاد حسين قريشي

مخدوم سجاد حسين قريشي : تاريخي شھر ملتان جي نامور بزرگ بھاؤالدين زڪريا جي اولاد مان مخدوم سجاد حسين قريشي، درگاھہ بھاؤالدين زڪريا جو گادي نشين ۽ ملڪي تاريخ جو نامور سياستدان ٿي گذريو آهي. مخدوم صاحب، 24 سيپٽمبر 1923ع تي پيدا ٿيو. هو سٺو تعليم يافتہ ۽ بااخلاق انسان هو. سرائيڪي سندس مادري زبان هئي، پر سنڌي ۽ انگريزيءَ تي بہ عبور رکندو هو. مخدوم صاحب جو ابتدا کان وٺي سياسي تعلق مسلم ليگ سان رهيو. 1962ع ۾ مسلم ليگ جي پليٽفارم تان چونڊ وڙهيو ۽ ڪامياب ٿيو ۽ 1970ع وارين چونڊن ۾ ڪامياب نہ ٿي سگهيو. 1977ع وارين چونڊن ۾ پيپلز پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي چونڊ وڙهيو ۽ ڪامياب ٿيو. جڏهن جنرل ضياءُ الحق جو دور آيو تہ مخدوم سجاد حسين قريشي، مجلس شوريٰ جو رڪن، سينيٽ جو ڊپٽي چيئرمئن ۽ بعد ۾ پنجاب جو گورنر بڻيو. سجاد حسين قريشي غوثيه جماعت جو سربراھہ بہ هو، جنهن جا مريد سڄيءَ سنڌ (خاص ڪري ٿر واري علائقي)، پنجاب جي سرائيڪي حصي ۾ گهڻي ڀاڱي، هندستان ۽ ڪجهه افغانستان ۾ بہ آهن. سندس وفات 23 جنوري 1998ع تي ٿي، سندس مزار بہ درگاھہ غؤث بھاؤالدين ذڪريا جي درگاھہ ۾ آهي. مخدوم صاحب پونيرن ۾ ٻہ پٽ مخدوم شاھہ محمود قريشي ۽ مخدوم مريد حسين قريشي ڇڏيا آهن، جن مان شاھہ محمود قريشي درگاھہ جو گادي نشين بہ آهي، تہ ڊگهي عرصي تائين پيپلز پارٽيءَ جو اهم ليڊر بہ رهيو ۽ ڪجهہ وقت پيپلز پارٽيءَ جي سرڪار ۾ پرڏيهي وزير پڻ رهيو. اڳتي هلي پ پ سان اختلاف ڪري ’پاڪستان تحريڪ انصاف‘ ۾ شامل ٿيو ۽ هن وقت ان پارٽيءَ جو مرڪزي وائيس چيئرمئن آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1923.09.24  عيسوي

تاريخي شهر ملتان جي نامور بزرگ بهاؤالدين زڪريا جي اولاد مان مخدوم سجاد حسين قريشي، درگاهه بهاؤالدين زڪريا جو گادي نشين ۽ ملڪي تاريخ جو نامور سياستدان ٿي گذريو آهي. مخدوم صاحب، 24 سيپٽمبر 1923ع تي پيدا ٿيو.


1998.01.23  عيسوي

سجاد حسين قريشي جي وفات 23 جنوري 1998ع تي ٿي، سندس مزار به درگاهه غؤث بهاؤالدين ذڪريا جي درگاهه ۾ آهي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حسينا واجد شيخ
عبدالعزيز ميمڻ مولانا
حيات سنڌي ڊاڪٽر
جروار محمد رفيق
صديقي جھانگير
وفا اسلم شيخ
نرنجن دوداڻي ڊاڪٽر
آزاد قاضي
حڪيم پير عبدالحليم ثاني
ٽاڊ جيمس
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون