مخدوم عبدالرحمان ٺٽوي

مخدوم عبدالرحمان ٺٽوي : عالم، فاضل مخدوم عبدالرحمان ٺٽوي ولد مخدوم محمد هاشم ٺٽوي 16 شوال 1131ھہ/1719ع ڌاري ضلعي ٺٽي ۾ ڄائو. هن کي پنھنجي والد کانپوءِ سجادہ نشينيءَ جو شرف حاصل ٿيو. سندس والد جا مريد سنڌ کان ٻاهر ڪاٺياواڙ ۽ ڪڇ ۾ بہ پکڙيل هئا، جنهن ڪري هيءُ سنڌ کان ٻاهر مريدن جي هدايت ۽ تلقين لاءِ بہ ويندو هو. مخدوم عبدالرحمان جي تصنيفن ۾ حج جي مسئلن تي منظوم سنڌي ڪتاب ’حيات العاشقين‘ آهي، جيڪو سندس والد جي فارسي ڪتاب ’حيات الى زيارت المحبوب‘ جو منظوم ترجمو آهي. هن 51 سالن جي ڄمار ۾ 5 ربيع الاول 1181ھہ/ پهرين آگسٽ 1767ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1131.10.16  هجري

عالم، فاضل مخدوم عبدالرحمان ٺٽوي ولد مخدوم محمد هاشم ٺٽوي 16 شوال 1131هه/1719ع ڌاري ضلعي ٺٽي ۾ ڄائو.


1181.03.05  هجري

مخدوم عبدالرحمان ٺٽوي 5 ربيع الاول 1181هه/ پهرين آگسٽ 1767ع تي وفات ڪئي.



عالم - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عبدالله بنگلديرائي
عبدالغني منصور سيال
علي بن موسيٰ ديبلي
شھيد ثالث قاضي سيد نورالله شوستري
عبدالباسط ٺٽوي شيخ
قاضي ثناءَ ﷲ پاڻيپتي
احمد بن محمد المنصوري
مخدوم محمد معين ٺٽوي
چوهڙ شيخ عبدالجليل
مخدوم عبداللطيف ٺٽوي
عالم ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون