مخدوم عبدالغفور سيوستاني

مخدوم عبدالغفور سيوستاني : هي بزرگ ذات جو پنهور هو، جيڪو سيوهڻ جي عالمن مان هو. سيوهڻ ۾ اسلامي تعليم ڏيندو هو. سندس ڪافي شاگرد هئا، پنھنجي زماني جو وڏو بزرگ، عالم، فقيھہ، محدث ۽ اهل هو. سيوهڻ مان هجرت ڪري وڃي ميرپور بٺوري ۾ ويٺو، جتي درس تدريس جو ڪم جاري رکيائين. کيس 10 ربيع الاول 1104ھہ/1692ع ڌاري هڪ پٽ ڄائو، جنهن جو نالو محمد هاشم رکيائين، جيڪو ابتدائي طور وٽس پڙهيو ۽ پوءِ مخدوم علامہ محمد هاشم ٺٽويءَ جي نالي سان مشھور ٿيو. روايتن ۾ آهي تہ مخدوم عبدالغفور سيوستاني المعروف فقير علويءَ جو بہ استاد هو ۽ علوي صاحب مخدوم محمد هاشم ٺتويءَ کان بہ حديث، فقه، طريقت جي سلسلن، ذڪر، اذڪار وغيرہ ۾ بہ اجازت حاصل ڪئي هئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو