مخدوم عبداللطيف ٺٽوي : حافظ، عالم، مخدوم عبداللطيف ولد مخدوم محمد هاشم ٺٽوي، 14 شعبان 1144ھہ/31 جنوري 1732ع ڌاري ضلعي ٺٽي ۾ ڄائو. هيءُ پنھنجي والد جي دستور موجب هر جمعي جي ڏينهن جامع خسرو (دابگران واري مسجد) ۾ واعظ منعقد ڪندو هو، ان کانسواءِ دار العلوم هاشميه مدرسي کي پڻ سنڀاليندو هو. مخدوم عبداللطيف بدعتن جي رد ۽ حنفي فقہ ۾ ڏاڍو متشدد هو. هن علامہ مخدوم محمد معين ٺٽويءَ جي ڪتاب ’درسات اللبيت‘ جي رد ۾’ذب الذبابات‘ڪتاب عربيءَ ۾ لکيو. ان کانسواءِ سندس ٻيا بہ رسالا تصنيف ٿيل آهن، جن ۾ الحجة البيضاء، غايت المرام، الشهاب الثاقب لرجم الکاذب، فرائض الاسلام وغيرہ شامل آهن. مخدوم عبدالطيف، 45 سالن جي عمر ۾ 17 ذوالقعد 1189ھہ/9 جنوري 1776ع تي وفات ڪئي.
1732.01.31 عيسوي
حافظ، عالم، مخدوم عبداللطيف ولد مخدوم محمد هاشم ٺٽوي، 14 شعبان 1144هه/31 جنوري 1732ع ڌاري ضلعي ٺٽي ۾ ڄائو.
1776.01.09 عيسوي
مخدوم عبدالطيف، 45 سالن جي عمر ۾ 17 ذوالقعد 1189هه/9 جنوري 1776ع تي وفات ڪئي.