مخدوم عبداللطيف ٺٽوي

مخدوم عبداللطيف ٺٽوي : حافظ، عالم، مخدوم عبداللطيف ولد مخدوم محمد هاشم ٺٽوي، 14 شعبان 1144ھہ/31 جنوري 1732ع ڌاري ضلعي ٺٽي ۾ ڄائو. هيءُ پنھنجي والد جي دستور موجب هر جمعي جي ڏينهن جامع خسرو (دابگران واري مسجد) ۾ واعظ منعقد ڪندو هو، ان کانسواءِ دار العلوم هاشميه مدرسي کي پڻ سنڀاليندو هو. مخدوم عبداللطيف بدعتن جي رد ۽ حنفي فقہ ۾ ڏاڍو متشدد هو. هن علامہ مخدوم محمد معين ٺٽويءَ جي ڪتاب ’درسات اللبيت‘ جي رد ۾’ذب الذبابات‘ڪتاب عربيءَ ۾ لکيو. ان کانسواءِ سندس ٻيا بہ رسالا تصنيف ٿيل آهن، جن ۾ الحجة البيضاء، غايت المرام، الشهاب الثاقب لرجم الکاذب، فرائض الاسلام وغيرہ شامل آهن. مخدوم عبدالطيف، 45 سالن جي عمر ۾ 17 ذوالقعد 1189ھہ/9 جنوري 1776ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1732.01.31  عيسوي

حافظ، عالم، مخدوم عبداللطيف ولد مخدوم محمد هاشم ٺٽوي، 14 شعبان 1144هه/31 جنوري 1732ع ڌاري ضلعي ٺٽي ۾ ڄائو.


1776.01.09  عيسوي

مخدوم عبدالطيف، 45 سالن جي عمر ۾ 17 ذوالقعد 1189هه/9 جنوري 1776ع تي وفات ڪئي.



عالم - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سيد علي ثاني
ڊپٽي نذير احمد
ذهبي
آخوند محمد بچل انور
آخوند ﷲ بخش ڀٽي سيتائي
آخوند فيض محمد
ٿرائي ميون محمد مبين
مولانا عبدالصمد هاليجوي
پير الاهي بخش انصاري محبوب الاهي
خليفو عبدالحڪيم سيوستاني
عالم ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون