مخدوم عبدالواسع صديقي سيوستاني : مخدوم عبدالواسع صديقي ولد مخدوم دين محمد صديقي هڪ وڏو عالم، فاضل، خطاط ۽ شاعر هو. هي مخدوم عبدلواحد سفير جو ڀائيٽو هو. هي پاڻ ۾ پنج ڀائر مخدوم محمد عارف، مخدوم عبدالواسع شاعر، مخدوم محمد صالح، قاضي سعدالله ۽ مخدوم محمد مراد صديقي هئا. مخدوم عبدالواسع کي ٻہ پٽ مخدوم مددالله ۽ مخدوم فضل ﷲ هئا، جيڪي پڻ خدا وارا، وڏا بزرگ ۽ عالم هئا. سندن خاندان ۾ تصوف ۽ علمن جو اوج هو. مخدوم صاحب وڏو فقيھہ ۽ صوفي اهل ﷲ هو. هن ابتدائي تعليم پنھنجي خانداني مدرسي مان حاصل ڪئي. هن مدرسي جو منتظم سندس وڏو ڀاءُ مخدوم محمد عارف هو. سندس وڏا حنفي ۽ نقشبندي طريقي جا هئا، پر پاڻ ملتان جي هڪڙي پير جي بيعت ڪري قادري طريقو اختيار ڪيو هئائين. اهو قادري پير هر سال لعل شھباز جي مزار تي حاضري ڀرڻ ايندو هو، جو وٽس مهمان ٿي رهندو هو. ڪڏهن ڪڏهن فارسي شعر ۾ طبع آزمائي ڪندو هو، ان ڪري پاڻ شاعر جي نالي سان بہ مشھور هو. هن بزرگ 13 هين صديءَ جي وچ ڌاري وفات ڪئي. مفيد عام لائبرري، سيوهڻ ۾ سندس شاعريءَ جو هڪ ننڍڙو قلمي نسخو 26 صفحن تي فارسي زبان ۾ موجود آهي، جنهن جو نالو ’ديوان جناب مخدوم عبدالواسع، ابن مخدوم محمد حسن صديقي سيوستاني‘ آهي. ڪتاب تي سال 1275ھہ لکيل آهي. ڪاتب عبدالوهاب فقير الي ﷲ النصير آهي. ڪتاب تي مخدوم صاحب جي مھر نصب ٿيل آهي، ڪتاب خوشخط ۽ سونهري رنگن سان سينگاريل آهي.