مخدوم محمد ابراهيم ٺٽوي : عالم ۽ بزرگ مخدوم محمد ابراهيم بن عبداللطيف 1748ع ڌاري ٺٽي ۾ جنم ورتو. وقت جي وڏي عالم، محدث ۽ فقيهه مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جو پوٽو هو. هن جي تعليم ۽ تربيت پنهنجي علمي گهراڻي ۾ ٿي. سندس والد کيس تعليم ڏني. تيرهن سالن جي ڄمار تائين سندس ڏاڏو مخدوم محمد هاشم ٺٽوي حيات هو. ڪتاب ’مونس المخلصين‘ جو مصنف لکي ٿو ته: ”مخدوم محمد ابراهيم بن مخدوم عبداللطيف بن مخدوم محمد هاشم ٺٽوي ڪامل ۽ راسخ ولين مان هو. طريقت ۾ خواجه صفي الله ڪابليءَ جو مريد هو. اوچي رتبي تي پهتل هو. خواجه صاحب کيس خلافت عطا ڪئي هئي. محمد امين سنڌي ڇتراڻي سندس حالات، فضائل ۽ مناقب بابت مستقل رسالو لکيو آهي. سندس ولادت سندس ڏاڏي جي زندگيءَ ۾ 1162هه/1748ع ۾ ٿي ۽ وفات 1225هه/1810ع ۾ ڪڇ جي مڏئي بندر ۾ ٿي، جتي سندس مزار تي قبو اڏيل آهي.“ مخدوم محمد ابراهيم وڏو مؤلف ۽ مصنف هو. سندس تربيت علمي گهراڻي ۾ ٿيڻ ۽ عرب ملڪن سان گهڻي اچ وڃ سبب سندس عربي عبارت ۾ گهڻي رواني آهي. کيس ان وقت جي حالتن مطابق هڪ جاءِ تي ويهڻ ۽ تاليف جو ڪم ڪرڻ جو خاص موقعو ۽ سڪون ميسر نه هو. ان دور ۾ ٺٽو علمي لحاظ کان اجڙي ويو هو. حڪومت به ڪمزور ٿي وئي هئي. ان ڪري سندس ڪا به قدرداني ٿي نه سگهي. ڪڏهن ڪٿي ته ڪڏهن ڪٿي ڪشالا ڪڍندو رهيو. نقشبندي طريقي ۾ داخل ٿي ورد وظيفن ۽ رياضتن ۾ گهڻو وقت گهاريائين، ان ڪري سندس صحت به اطمينان جوڳي نه رهندي هئي. ان جي باوجود به علمي ڪم سان لڳاءُ گهڻو رهيس. سندس تصنيفن جو ذخيرو ٽڙيل پکڙيل آهي. مخدوم ابراهيم جي تصنيفن جي لسٽ پير حسام الدين راشديءَ ’تڪمله مقالات‘ جي حاشيي ۾ ڏني آهي. پير جهنڊي جي لائبريري، پير حسام الدين راشديءَ جي ذاتي لائبريري، سنڌ يونيورسٽيءَ جي لائبريري ۽ مدرسه مظهر العلوم کڏه ڪراچيءَ جي لائبريريءَ ۾ سندس ڪتاب موجود آهن. سندس تصنيف ڪيل ڪتابن ۾ ’تهذيب البيان‘، ’الاجازة للطريقة النقشبنديه‘، ’توثيق الاسباق في مسالة الصداق‘، ’دماج المخنم‘، ’الجفر الجعفري‘ ۽ ڪيترائي ٻيا شامل آهن. سندس سمورا ڪتاب عربيءَ ۾ آهن. هن 1810ع ڌاري وفات ڪئي.