مخدوم محمد صادق ٺٽوي : محمد صادق ولد ميان عبدالمجيد ولد مخدوم احمد علي قمري ٺٽي جو وڏو عالم ۽ بزرگ ٿي گذريو آهي. مخدوم احمد علي ٺٽي جي مشهور ولي ڪامل مخدوم، آدم نقشبنديءَ جو ڀاءُ هو ۽ کيس خوش الحانيءَ سبب قمريءَ جو لقب ڏنو ويو هو، سندس فرزند عبدالجميل ٺٽي جي مشهور فاضل مخدوم ضياءُالدين جو ناٺي هو، جنهن مان مخدوم محمد صادق پيدا ٿيو. محمد صادق علمي خاندان ۾ جنم وٺڻ سبب نوجوانيءَ ۾ ئي سمورن علمن جي تحصيل ڪئي. ان کان پوءِ حرمين شريف جو سفر ڪري حديث جي سند حاصل ڪري ٺٽي ۾ اچي رهيو. ڪن معتقدن جي ڪشش ۽ ڪوشش سان جهونا ڳڙهه به وڃي رهيو، جتي سندس گهڻو احترام ٿيندو رهيو. هڪ دفعي ٺٽي ۾ واپس اچي جڏهن ٻيهر جھونا ڳڙهه ڏانهن اُسهيو ۽ ڪڇ ڀڄ رياست مان لنگھي رهيو هو ته ”نري“ جي ڳوٺ ۾ وفات ڪيائين. مخدوم صاحب ٻارهين صديءَ جي پوئين اڌ ڌاري اُتي ئي دفن ٿيو. مير علي شير قانع مقالات الشعراء ۾ لکي ٿو ”ته زبان جو اهڙو چٽو ۽ صاف گو هوندو هو، جو گفتگو ڪندي نثر کي نظم ۾ ادا ڪندو ويندو هو. سندس طبيعت جي ذڪاءَ تي فخر ڪرڻ گھرجي. هڪ دفعي علامه فيضيءَ جي هڪ غزل تي گفتگو ٿي رهي هئي، جنهن غزل جو هر هڪ مصرعو چئن بحرن ۾ تقطيع ڪري پيو سگھجي. انهيءَ غزل جي عروضي صنعت موجب هيٺين بحرن ۾ تقطيع ڪري سگھجي ٿي. (1) رجز مطوي: مفتعلن مفتعلن فاعلن (2) بحر رمل خفيف: فاعلاتن مفاعلن فعلن (3) بحر رمل سالم- فاعلاتن فاعلاتن فاعلن (4) بحر رمل مجنون، فاعلاتن فعلاتن فعلن. انهيءَ صنعت تي هن به هڪ غزل چيو مير فاتح لکي ٿو ته: ”انهي مجلس ۾ آءُ به هئس جو سندن ادنيٰ شاگرد آهيان“. سندس همعصرن ۽ حالات مان معلوم ٿئي ٿو ته هو ٻارهين صديءَ جي بزرگن مان هو.