مخدوم محمد عارف سيوستاني 2: سنڌي ۽ فارسيءَ جو شاعر مخدوم محمد عارف سيوهڻ جي مشھور شاعر نورالحق ’مشتاق‘ جي اولاد مان هو. هو پنھنجي دور جو سنڌي ۽ فارسيءَ جو بھترين شاعر هو، ننڍپڻ کان ئي شاعري ڪندو هو. جوانيءَ ۾ پير رکندي ئي ملازمت اختيار ڪيائين، جتان 1907ع ۾ رٽائر ٿيو، کيس ادب سان گهري دلچسپي هئي، ڪريما جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيائين، جيڪو سندس حياتيءَ ۾ ڇپيو. سندس ديوان قلمي صورت ۾ آهي، جنهن ۾ 300 غزل آهن، ان کانسواءِ حمد ۽ نعت تي بہ ڪافي ڪلام چيل اٿس. قلندر لعل شھباز تي مداحون چيون اٿس، واعظ، نصيحت ۽ دنياداريءَ تي ڪافي ڪلام شامل آهي. مخدوم محمد عارف شاعريءَ ۾ پنهنجو نالو ’عارف‘ تخلص طور ڪتب آندو. هن 63 سالن جي عمر ۾ 1915ع ۾ وفات ڪئي.