مخدوم محمد معين ٺٽوي جو ڪتب خانو

مخدوم محمد معين ٺٽوي جو ڪتب خانو: مخدوم محمد معين ٺٽوي وڏو عالم ٿي گذريو آهي . هو حضرت شاھ عبدالطيف جو گهاٽو دوست ، همخيال ، شاھ ولي دهلوي محدث جو شاگرد ، حضرت ابوالقاسم نقشبنديءَ جو تربيت يافتہ ، تصوف ۽ ترڪ تقليد جو شاگرد ، راڳ رهاڻ جو شائق ۽ موسيقيءَ جو وڏو ڄاڻو هو . کيس مخدوم ٺاري جي نالي سان بہ سڏيندا هئا . مخدوم معين جي همعصر تذڪرن مان معلوم ٿئي ٿو تہ سندس ٺٽي ۾ وڏو مدرسو هو . مخدوم صاحب جون سوا سؤ کان مٿي عربي ۽ فارسيءَ ۾ تصنيفون مليون آهن . ان دور ۾ وٽس وڏو ڪتب خانو هو . پر اهو وقت گذرڻ سان ختم ٿي ويو .


هن صفحي کي شيئر ڪريو