مراد علي ڪاظم شيخ

مراد علي ڪاظم شيخ : سنڌ جو غزل گو شاعر شيخ مراد علي ‘ڪاظم’، 10 مئي 1901ع تي روهڙيءَ ضلعي سکر ۾ ڄائو. هن ابتدائي تعليم روهڙي ۽ خيرپور ميرس مان ورتي، ان کان پوءِ 1919ع ۾ سنڌ مدرسة الاسلام مان مئٽرڪ پاس ڪيائين. ساڳئي سال نوڪري مليس، پر طبيعت صحيح نہ هجڻ سبب نوڪري نہ ڪيائين. ان عرصي ۾ هن عربي ۽ فارسيءَ جي تعليم پڻ چڱن استادن کان حاصل ڪئي، ان کانسواءِ هن اردو ٻوليءَ ۾ پڻ مهارت حاصل ڪئي. هي زندگيءَ جي ابتدائي دور ۾ لاڙڪاڻي ۽ حيدرآباد جي ادبي حلقن سان وابستہ رهيو، انهيءَ دور ۾ هن مفتي سعيدالله وٽان فارسيءَ جي ڪتاب ‘ديوان حافظ’ جو پڻ درس حاصل ڪري ورتو. هن 1923ع کان شاعري ڪرڻ شروع ڪئي ۽ هڪ ديوان مرتب ڪيو. سندس ڪلام سنڌيءَ جي معياري، علمي ۽ ادبي رسالن توڙي اخبارن ۾ ڇپيو هو. هن جو ڪلام رنگين، پختو ۽ برجستو آهي. هن سنڌي ٻوليءَ سان گڏ فارسي ٻوليءَ ۾ بہ شاعري تي طبع آزمائي ڪئي آهي. سندس فارسي ڪلام ٻڌي هندستان جي شاعرہ ۽ اديبه سروجني نائيڊو پڻ داد ڏنو هو، جنهن جي هدايت موجب ئي هن ڌارين ٻولين ۾ طبع آزمائيءَ کي ڇڏي پنھنجي مادري سنڌي ٻوليءَ ۾ شعر چوڻ کي ترجيح ڏني. شيخ مراد عليءَ پنھنجي حياتيءَ جو ڳچ حصو ملازمت سانگي ڪراچيءَ ۾ گذاريو ۽ اتي ملازمت سان گڏوگڏ ادبي خدمتون پڻ سرانجام ڏيندو رهيو. سنڌ جي هن نامياري شاعر، آڪٽوبر 1954ع ۾ وفات ڪئي


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1901.05.10  عيسوي

سنڌ جو غزل گو شاعر شيخ مراد علي ‘ڪاظم’، 10 مئي 1901ع تي روهڙيءَ ضلعي سکر ۾ ڄائو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

علي صفدر
راشدي سيد محمد سليم شاھہ
حامد ﷲ ’حامد‘ تنيو
غلام شاھہ سيد
احمد شاڪر
صابر علي مير ٺٽوي
رشيد ڪليري
ميون تماچي اوريئڙي وارو
مينگهو فقيرشر
بلبل رئيس شمس الدين
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون