
مرتضيٰ شاهه ڏاڏاهي
سيد مرتضيٰ ڏاڏاهي: مشھور عوامي شاعر سيد مرتضيٰ ڏاڏاهي ولد سيد امام ﷲ شاھہ، 26 نومبر 1939ع تي ديھہ ڏاڏاھہ، تعلقي ٽنڊي باگي، ضلعي بدين (تڏهن ضلعو حيدرآباد) ۾ پيدا ٿيو. هن شاعريءَ جي ابتدا 1953ع کان 14 سالن جي ڄمار کان ڪئي. سندس پهريون ڪافي لاڙ پٽ جي مشھور فنڪار اسحاق ڪارو مڱڻهار ڳايو، اها محفل ڏاڏاهي صاحب جن جي اوطاق تي ٿي هئي ۽ ان محلف ۾ ڏاڏاهي صاحب جا والد صاحب سائين امام ﷲ شاھہ پڻ موجود هئا، پر انهن کي بہ اها خبر ڪونه هئي تہ ڪو اهو ڪلام سندن ئي فرزند سيد مرتضيٰ ڏاڏاهيءَ جو لکيل آهي. ان ڪلام جا ٻول ’انتظاري ۾ گذاري زندگي ساري اٿم‘ هئا، جيڪو وقت جو مشھور آئٽم نڪتو. ڏاڏهي صاحب جي شاعريءَ ۾ رهنمائي مشھور شاعر، محمد خان غنيءَ ڪئي، جيڪو وقت جو بھترين شاعر ۽ علم عروض جو ڄاڻو هو. جڏهن تہ پاڻ سنڌي، اردو، فارسي ۽ انگريزي جي تعليم گهر ۾ ئي پنھنجي والد صاحب کان حاصل ڪيائون. مرتضيٰ ڏاڏاهي ريڊيو ۽ ٽي. ويءَ جو مقبول شاعر آهي. سندس ڪيترو ئي ڪلام سنڌ جي ننڍن وڏن فنڪارن جھڙوڪ: عابدہ پروين، ڍول فقير، ماسٽر محمد ابراهيم، جلال چانڊيي، سرمد سنڌي، مائي ڀاڳي، چاڪر چانڊيي، ڦوٽي زرداري، فيروز گل، سليمان شاھہ سميت ٻين ڪيترن ريڊيو ۽ ٽي. وي تي ڳايو آهي. سندس ڪلام کي پير حسام الدين راشدي، طالب الموليٰ ۽ جي. ايم. سيد کان وٺي عام ماڻهن تائين پسند ڪيو ويو. سيد مرتضيٰ ڏاڏاهي جي شاعريءَ ۾ استعمال ٿيل ٻولي نهايت ئي سليس، ڳوٺاڻي ۽ دلپذير آهي. مرتضيٰ ڏاڏاهي مزاحيہ شاعري بہ ڪئي ۽ مزاحيہ ڪالم بہ مختلف عنوانن سان روزاني هلالِ پاڪستان ۽ ٻين اخبارن ۽ رسالن ۾ بہ لکيا. هيءُ صحافت سان بہ وابستہ رهيو. مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ سندس شاعري، ڪالم ۽ مضمون وغيرہ شايع ٿيل آهن. هن بزم مرتضيٰ، وتايو فقير يادگار ڪميٽي، ڏاڏاهي ادبي تنظيم ۽ پريس ڪلب ٽنڊي الهيار جو بنياد رکيو. بزمِ طالب الموليٰ سميت ڪيترين ئي ادبي ۽ سماجي تنظيمن سان وابستہ پڻ رهيا. سندن ڇپيل ڪتابن ۾: (1) زهر و زم زم (شاعري) 1984ع، (2) تون پارس آءٌ لوھہ (شاعري) 1994ع، (3) سھڻا سرها گل (حمديه، نعتيه ۽ دعائيه ڪلام) 1996ع، (4) مان ذرو تون ماهتاب (شاعري) 2011ع، (6) نہ هِن پاسي نہ هُن پاسي (مزاحيہ ڪالم) 2016ع، (7) ڏاڏهيءَ جا ڏوھہ هزار (شاعري) 2017ع ۽ (چڱو ٿيو اوهان کي بہ وسري وياسين (ڪافيون) 2019ع شامل آهن. جڏهن تہ سندن شخصيت تي مختلف ليکڪن جا ليک ايم حنيف لغاري ۽ جاويد مرتضيٰ ڏاڏاهي سهيڙي ’ٿورا نہ ٿورا‘ (2015ع) مجموعي جي صورت ۾ سهيڙي 2015ع ۾ پڌرو ڪيو. ڏاڏاهي صاحب کي ادبي ۽ صحافتي خدمتن عيوض ڪيترائي اوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ مليا، جن ۾: ‘سھڻي ميهار گولڊ ميڊل’، ‘نئين زندگي گولڊن جوبلي اوارڊ’، ‘قلندر شھباز اوارڊ’، سنڌ ماڻڪ موتي تنظيم طرفان ‘بھترين شاعر جو اوارڊ’، ‘مهراڻ ڪلچرل اوارڊ’، ‘ريڊيو پاڪستان حيدرآباد اوارڊ’، ‘سنڌي ادبي سنگت ٽنڊوالهيار اوارڊ’، ’ڍول فقير اوارڊ‘. سميت ٻيا ڪيترائي اوارڊ شامل آهن. جڏهن تہ 1992ع ۾ ٽنڊي الهيار ۾ سندن تاجپوشي ڪري سونو تاج بہ پارايو ويو هو ان کان علاوہ کين پاڪستان جو وڏي ۾ وڏو قومي ايوارڊ ’تمغهءِ حُسنِ ڪارڪردگي‘ 23 مارچ 2018ع ۾ ڏنو ويو. پاڻ ڪيترين ئي ادبي، سماجي ۽ ثقافتي انجمنن ۽ تنظيمن جا سرپرست، صدر ۽ ميمبر رهيا. سيد مرتضيٰ ڏاڏاهي 15 فيبروري 2021ع تي وفات ڪئي، سندن آخري آرامگاھہ ٽنڊوالهيار ۾ ريلوي اسٽيشن جي ڀر ۾ واقع آهي.
1939.11.26 عيسوي
ناليوارو شاعر سيد مرتضيٰ ڏاڏاهي ولد سيد امام الله شاهه، 26 نومبر 1939ع تي ڏاڏاهه، تعلقي ٽنڊي باگي، ضلعي بدين ۾ پيدا ٿيو.
2021.02.15 عيسوي
سيد مرتضيٰ شاهه ڏاڏاهي 15 فيبروري 2021ع تي وفات ڪئي.