مرزا محمد صالح ٺٽوي

مرزا محمد صالح ٺٽوي : مرزا محمد صالح ٺٽوي اصل ٺٽي جي اميراڻي گهر ۾ ڄائو ۽ ٺٽي ۾ پليو، پڙهيو ۽ وڏو ٿيو. مرزا عبدالوهاب ٺٽويءَ جو قريبي رشتيدار هو. جنهنڪري اميراڻي ٺاٺ سان رهندو هو. آقا محمد ڪريم اصفهاني ٺٽويءَ جي وفات کان پوءِ ٺٽي جو امين الملڪ ۽ رعيت پاران سرڪار ۾ وڪيل مقرر ٿيو. اهو عهدو ڪجهہ وقت نادر شاھہ جي زماني ۾ ۽ ڪجهه وقت ان کان پوءِ حاصل رهيس. ماڻهو هن جي خوش خلقيءَ کان ڏاڍا خوش هئا. گفتگوءَ جو سنجيدو، باادب۽ وڏي اخلاق جو مالڪ هو. نقاشِ ۽ خوشخطيءَ جي فن جو وڏو ماهر ۽ ڏاڍو برجستہ خيال شاعر هو. شعر ۾ تخلص ”واثق“ هوس. هي بزرگ شاعر مير علي شير قانع ٺٽويءَ جو همعصر هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن پاڻ ۾ شاعريءَ تي تبادلہ خيالات ڪندا هئا. سندس وفات 1179ھہ/ 1765ع ۾ ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو