
مريم مجيدي
مريم مجيدي: مريم مجيدي 15 جون 1946ع تي ڳوٺ قيصر خان جتوئي لڳ جهوڪ شريف، تعلقي ميرپور بٺوري، ضلعي سجاول ۾ مشھور شاعر محمد خان مجيدي جي گهر ۾ جنم ورتو. ثانوي ۽ اعليٰ ثانوي تعليم سجاول مان حاصل ڪئي. ايم. اي (سنڌي ادب) سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان 1975ع ۾ ۽ ايم. ايڊ 1984ع ۾ ڪيائين. مريم مجيدي 1960ع کان هڪ استاد طور پنھنجي ملازمت جي شروعات ڪئي. 1980ع ۾ ايڇ. ايس. ٽي ٿي، ڪجهه عرصي کان پوءِ هيڊ مسٽريس طور گرلس مڊل اسڪول سجاول ۾ مقرر ٿي. 1991ع ۾ سب ڊويزنل آفيسر ايجوڪيشن سجاول، اي. ڊي. او (سجاول ۽ ميرپور ساڪرو) ۽ ڊي. اي. او (ٺٽو) پڻ رهي. 2002ع ۾ نوڪري تان رٽائرڊ ڪيائين. مريم مجيدي لکڻ جي شروعات 1975ع کان ڪئي. سندس پھريون شعر ڪراچي مان شايع ٿيندڙ ’برسات‘ رسالي ۾ شايع ٿيو. هُن شاعري کان سواءِ مقالا، ڪالم ۽ ڪھاڻيون پڻ لکيون، جيڪي مختلف سنڌي رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيل آهن. کيس علمي ۽ ادبي خدمتن عيوض ڪيترائي ايوارڊ ۽ شيلڊون مليون. مريم مجيديءَ جي ڇپيل ڪتابن ۾: ’سروم دکم دکم‘ (شاعري، 1986ع) ۽ ’نيرانا ئي نيڻ‘ (شاعري، 2012ع) شامل آهن. هن 18 مئي 2026ع تي وفات ڪئي.
1946.06.15 عيسوي
مريم مجيدي 15 جون 1946ع تي ڳوٺ قيصر خان جتوئي لڳ جهوڪ شريف، تعلقي ميرپور بٺوري، ضلعي سجاول ۾ مشھور شاعر محمد خان مجيدي جي گهر ۾ جنم ورتو.
2026.05.18 عيسوي
مريم مجيدي 18 مئي 2026ع تي وفات ڪئي.