مريم مختيار شيخ

مريم مختيار شيخ

مريم مختيار شيخ

مريم مختيار شيخ (شھيد): پاڪستان ايئر فورس جي پهرين شھيد پائليٽ عورت مريم مختيار جو تعلق پني عاقل شھر سان هو. هن نياڻيءَ ڪرنل ريٽائر مختيار احمد شيخ جي گهر، پهرين جنوري 1993ع تي جنم ورتو. مريم ابتدائي تعليم جا ٻہ درجا پني عاقل جي مهراڻ ماڊل اسڪول مان پڙهيا، جنهن بعد والد جي مختلف هنڌن تي بدلي ٿيڻ سبب مختلف شهرن مان پڙهندي، آرمي پبلڪ اسڪول ڪراچيءَ مان انٽرميڊئيٽ ڪئي. سندس والدين جو خيال هو تہ هوءَ سٺي انجنيئر بڻجندي، پر مريم کي ننڍپڻ کان ايئرفورس ۾ وڃڻ جو شوق هيو، تنهنڪري اين. اِي. ڊي يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ٿيڻ باوجود هن چئن مهينن کانپوءِ ايئر فورس ۾ ٽيسٽ ۽ انٽرويو ڏيئي، سنڌ جي پهرين عورت فلائنگ آفيسر بڻجڻ جو اعزاز حاصل ڪيو. ساڻس گڏ 2 ٻيون ڇوڪريون پڻ ان مرحلي تائين پهتيون، پر آسامي هڪ هئڻ ڪري مريم کي سندس قابليت آڌار ميرٽ تي چونڊيو ويو. ايئر فورس ۾ محنت ڪندي 2007ع ۾ ليڊي پائلٽ آفيسر طور گرئجوئيشن ڪيائين. ساڻس گڏ ڇھہ ٻيون ڇوڪريون بہ هيون. پاڪستان ايئر فورس ۾ ڪل 21 حاضر سروس عورتون پائلٽ موجود آهن، جن مان عائشہ فاروق کي پهرين ويڙهاڪ پائلٽ خاتون جو اعزاز مليو، ساڳئي سٿ ۾ مريم مختيار بہ شامل رهي. پر هن پاڪستان جي پهرين شھيد پائلٽ خاتون جو اعزاز ماڻيو. 24 نومبر 2015ع تي مريم مختيار جي معمول جي تربيتي اڏام دوران ايف- 7 جيٽ جھاز ۾ فني خرابي ٿي پئي. نيوز رپورٽن موجب تربيتي اڏام دوران سندس جھاز چشما ڍنڍ ڀرسان ميانواليءَ جي حدن ۾ هو. فني خرابي ٿيڻ کانپوءِ مريم مختيار پنھنجي جان بچائڻ لاءِ پيراشوٽ ذريعي ٽپو نہ ڏنو، پر شھري آباديءَ کي بچائڻ لاءِ جھاز ۾ رهي، ان کي اڏائي شھري آباديءَ کان پري وڃي اسڪواڊرن ليڊر ثاقب عباسيءَ سان گڏ پيراشوٽ ذريعي ٽپو ڏنو. ٻئي شديد زخمي ٿيا، پر مريم مختيار اسپتال پهچڻ وقت شھيد ٿي وئي. سنڌ ڄائي نياڻي مريم مختيار کي سندس جرئت ۽ محنت سبب حياتيءَ ۾ ئي شھرت ملي. سندس مختلف انٽرويو بي بي سي نيوز چئنل، جيو ٽي وي ۽ ڊان گروپ سميت مختلف اخبارن ۾ پڻ ڇپيا، جن ۾ هوءَ ٻڌائيندي هئي تہ کيس ننڍي هوندي کان آسمان ۾ اڏامندڙ جھاز وڻندا هئا ۽ هوءَ چاهيندي هئي تہ پاڪستان ايئر فورس جوائن ڪري هوا ۾ اڏامندي رهان. قدرت سندس خواهش پوري ڪئي ۽ کيس سوين انساني جانيون بچائڻ سبب شهادت بہ ملي. مريم مختيار جي شهادت بعد سندس جنازي نماز ڪراچيءَ ۾ ادا ٿي، جنهن ۾ ايئر چيف مارشل سھيل امانَ سميت مختلف اهم شخصيتن شرڪت ڪئي. گورنر سنڌ ۽ حڪومتي وزيرن سميت عام ماڻهن جو وڏو انگ تعزيت لاءِ سندس والدين وٽ پهتو. گورنر سنڌ، ڪراچيءَ ۾ تعمير ٿيندڙ هڪ فلاءِ اوور جو نالو بہ ‘مريم مختيار’ جي نالي سان منسوب ڪرڻ جو اعلان ڪيو. سنڌ جي هن بھادر نياڻيءَ پنھنجي جان جي قرباني ڏئي سوين شهرين کي تباهيءَ کان بچايو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1993.01.01  عيسوي

پاڪستان ايئر فورس جي پهرين شهيد پائليٽ عورت مريم مختيار پهرين جنوري 1993ع تي جنم ورتو.


2015.11.24  عيسوي

24 نومبر 2015ع تي مريم مختيار جي معمول جي تربيتي اڏام دوران ايف- 7 جيٽ جهاز ۾ فني خرابي ٿي پئي. نيوز رپورٽن موجب تربيتي اڏام دوران سندس جهاز چشما ڍنڍ ڀرسان ميانواليءَ جي حدن ۾ هو. فني خرابي ٿيڻ کانپوءِ مريم مختيار پنهنجي جان بچائڻ لاءِ پيراشوٽ ذريعي ٽپو نه ڏنو، پر شهري آباديءَ کي بچائڻ لاءِ جهاز ۾ رهي، ان کي اڏائي شهري آباديءَ کان پري وڃي اسڪواڊرن ليڊر ثاقب عباسيءَ سان گڏ پيراشوٽ ذريعي ٽپو ڏنو. ٻئي شديد زخمي ٿيا، پر مريم مختيار اسپتال پهچڻ وقت شهيد ٿي وئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ايسر سنگهہ بيدي
چوٽاڻي سپڙ
جتوئي عبدالرحيم آزاد
جتوئي غلام رسول عرف عاقب خان
چنا صاحب خان
ڀاڳت عالي فقير
تاج العاشقين محمد سنڌي
ضمير مرزا زرقي
اجمل خان حڪيم
بي ايڇ ايلس
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون