مظهر ابڙو

مظهر ابڙو

مظهر ابڙو

مظھر ابڙو: ڪھاڻيڪار، ناول نگار، ڊراما نويس۽ شاعر مظهر ابڙو ولد منظور حسين ابڙو 25 اپريل 1971ع تي خيرپور جي ڳوٺ ڪولاب جيئل، تعلقي گمبٽ، ضلعي خيرپورميرس ۾ پيدا ٿيو. ايم. اي. (سنڌي ۽ اڪنامڪس) جون ڊگريون حاصل ڪرڻ کانپوءِ، تعليم کاتي ۾ سنڌيءَ جو پروفيسر رهيو. سٺي ڪھاڻيڪار جي حيثيت ۾ هُن ڪيترائي ايوارڊ ماڻيا، جن ۾ پاڪستان اڪيڊمي آف ليٽرس، اسلام آباد جو شاھہ عبداللطيف ڀٽائي ادبي ايوارڊ، سچل سرمست يادگار ڪاميٽي ۽ ثقافت کاتي سنڌ جو سچل سرمست ايوارڊ، ماھوار نئين زندگي (پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ) حيدرآباد جو شاھہ عبداللطيف ڀٽائي ايوارڊ، سنڌي ادبي سنگت جو ’نسيم کرل‘ ايوارڊ، ماهوار ’سوجهرو‘ ڪراچيءَ جو بھترين ناول نگار ايوارڊ، صدارتي ايوارڊ (2005ع) ۽ ٻيا ڪيترائي ايوارڊ شامل آهن. سندس شايع ٿيل ڪتابن ۾: (1) ’ڌرتيءَ تي وکريل ٽانڊا‘ (ڪھاڻيون : 1993ع)، (2) ’خُواب-کوٽا سِڪا‘ (ڪھاڻيون: 1998ع)، (3) ’جيون-اجاڙ رستا‘ (ناول: 2000ع)، (4) ’سرد خاني ۾ رکيل خُواب‘ (ڪھاڻيون: 2000ع)، (5) ’درد جي آس پاس‘ (شاعري: 2002ع)، (6) ’خوابن جو سفر‘ (ناول/ڪٿا: 2009ع) ۽ (7) ’سڪل نديءَ جا نشان‘ (ڪھاڻيون: 2020ع) شامل آهن. 25 مارچ 2024ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1971.04.25  عيسوي

ڪهاڻيڪار، ناول نگار، ٽي وي ڊراما نويس۽ شاعر مظهر ابڙو ولد منظور حسين ابڙو 25 اپريل 1971ع تي خيرپور جي ڳوٺ ڪولاب جيئل ۾ پيدا ٿيو.


  عيسوي

مظهر ابڙي 25 مارچ 2024ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

صبيحه مغل ڊاڪٽر
جان بيمس
سيد محمد تقي بخاري
ديوان ڪوڏڻ مل
بچل شاھہ مياڻي وارو
چانڊيو عبدالحميد
ديوان شيوارام ڏيون مل وزيراڻي
حاجي محمد عظيم اعواڻ
روپا راڻي
طاهر محمد نسياني مير
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون