ملا حسن درساڻي : سنڌ جو هيءُ بزرگ حضرت بهاؤ الدين ذڪريا ملتاني جي سلسلي جو بزرگ هو، سنڌ ۾ هن جي ارشاد جو سلسلو تمام گهڻو هليو. ملا حسن متعلق ملتان شريف جو اڳوڻو گادي نشين حسين بخش شاهه مرحوم پنهنجي اردو ڪتاب ’انوار غوثيه‘ ۾ لکي ٿو ته: ”ملا حسن درساڻي 47 ڀيرا ملتان ويو ۽ ورندي پوين پيرن آيو ۽ پٺ جو سبب ادب هو، جو هن مرشد کي پٺي نه ٿي ڏيڻ چاهي. سندس روضو ڪڙياگھنور جي ويجهو آهي، جتي هر سال ميلو لڳندو آهي.“ هڪ عام روايت آهي ته ملو حسن، ملي لُٽر سان گڏ اچ شريف کان آيو هو، ننڍي هوندي ملو حسن ميرپور ساڪري جي ويجھو ٻين شاگردن سان گڏ درياءَ پير وٽ تعليم وٺندو هو، هن کي ننڍي هوندي کان ئي ڪامل ڏسي پير صاحب چيس ته: ”تون ڪافي پڙهيل آهين، هاڻي وڃي ٻين کي فيض رساءِ.“ نيٺ ملو حسن ملتان ويو، جتان واپس اچي انهيءَ جاءِ تي قيام ڪيائين، جتي هن وقت سندس درگاهه آهي. هي درويش بڪيرا برادريءَ مان پرڻيو. کيس ميون فاضل ۽ ميون حسين ٻه پٽ ٿيا، موجوده پاڳارا ميين حسين شاهه جي اولاد مان آهن. مذڪوره ٻن پٽن کانسواءِ هن درويش کي هڪ نياڻي به هئي، جنهن جو نالو ’ٻائي جبان‘ هو، جنهن جي قبر چوڪنڊي قبرستان ديهه کٿڙ ۾ آهي. شاهه عبدالڪريم جي ملفوظات ۾ ملا حسن جو ذڪر هن طرح ڪيل آهي: ”وقت جو شيخ ۽ امام، ارباب ذوق و شوق، جهان هو ٿنڀ ۽ جذبي وارن جو امام مخدوم حسن هر پرهه دائري ۾ رهندو هو ۽ اهو ڳوٺ درڪ پرڳڻي ۾ واقع هو.“ کيس سماع سان گهري دلچسپي هوندي هئي، ان ڏس ۾ مخدوم محمود جي ملفوظات ۾ هن طرح آيل آهي ته: ”هڪڙي ڏينهن مشائخن ۽ طالبن وچ ۾ حق جي بيان ۾ گفتار ٿي. ڪتاب ملفوظات بيان العارفين شاهه عبدالڪريم قدس الله سرهه ۾سندس ڪيترا بيان آيل آهن. پاڻ جيئري تاڪيد ڪيو هئائين ته منهنجي قبر تي سماع ڪيو وڃي، سو اڄ تائين سندس قبر تي سماع ٿيندو آهي. ملا حسن جا فقير جنهن جاءِ تي سماع ڪندا هئا، ان کي رتول چوندا هئا، اها جڳهه درگاهه جي ڏاکڻي پاسي، ٻاهرين گيٽ وٽ هئي. روايت موجب ڪنهن بي ادبيءَ سبب هڪ دفعو رتول کي باهه لڳي ۽ پوءِ راڳ هميشه لاءِ بند ڪري ڇڏيائون. باقي درگاهه جي اڳيان اڱڻ ۾ جيڪا ’قبي‘ آهي، اها درويش جي ڪچهريءَ جي جاءِ آهي، درگاهه جي اڀرندي پاسي ديوار ۾ جيڪا قبر آهي، سا موسى شيديءَ جي آهي، جيڪو درگاهه جو پاڻي ڀريندو هو.“ جنهن جي معنى ’هرٻي وارو‘ آهي. علامه علي محمد مهيريءَ جو هڪ شعر آهي، جنهن ۾ پڻ ملا حسن کي ’حسن هرٻائي‘ چيل آهي. حسن هرٻائي هڪل ڪئي، دولهه دوست خدا هاري شينهن هرن ۾، ناڙا نانگ ٿيا. ملا حسن ستين صدي هجريءَ جي آخر جو آهي ۽ اهو سنڌ ۾ سومرن جي حڪومت جو دور هو، ان لحاظ سان هي تمام آڳاٽو بزرگ آهي. هتي عام طور تي ائين چوندا آهن ته ’ملا حسن درساڻي درس ورياڻي‘ جنهن جو مطلب اهو آهي ته ملا حسن جو پيءُ درس ٿيو، جنهنڪري ملا حسن کي ’درساڻي‘ چون ٿا.