ملا حسن درساڻي

ملا حسن درساڻي : سنڌ جو هيءُ بزرگ حضرت بهاؤ الدين ذڪريا ملتاني جي سلسلي جو بزرگ هو، سنڌ ۾ هن جي ارشاد جو سلسلو تمام گهڻو هليو. ملا حسن متعلق ملتان شريف جو اڳوڻو گادي نشين حسين بخش شاھہ مرحوم پنھنجي اردو ڪتاب ’انوار غوثيه‘ ۾ لکي ٿو تہ: ”ملا حسن درساڻي 47 ڀيرا ملتان ويو ۽ ورندي پوين پيرن آيو ۽ پٺ جو سبب ادب هو، جو هن مرشد کي پٺي نہ ٿي ڏيڻ چاهي. سندس روضو ڪڙياگهنور جي ويجهو آهي، جتي هر سال ميلو لڳندو آهي.“ هڪ عام روايت آهي تہ ملو حسن، ملي لُٽر سان گڏ اچ شريف کان آيو هو، ننڍي هوندي ملو حسن ميرپور ساڪري جي ويجهو ٻين شاگردن سان گڏ درياءَ پير وٽ تعليم وٺندو هو، هن کي ننڍي هوندي کان ئي ڪامل ڏسي پير صاحب چيس تہ: ”تون ڪافي پڙهيل آهين، هاڻي وڃي ٻين کي فيض رساءِ.“ نيٺ ملو حسن ملتان ويو، جتان واپس اچي انهيءَ جاءِ تي قيام ڪيائين، جتي هن وقت سندس درگاھہ آهي. هي درويش بڪيرا برادريءَ مان پرڻيو. کيس ميون فاضل ۽ ميون حسين ٻہ پٽ ٿيا، موجودہ پاڳارا ميين حسين شاھہ جي اولاد مان آهن. مذڪوره ٻن پٽن کانسواءِ هن درويش کي هڪ نياڻي بہ هئي، جنهن جو نالو ’ٻائي جبان‘ هو، جنهن جي قبر چوڪنڊي قبرستان ديھہ کٿڙ ۾ آهي. شاھہ عبدالڪريم جي ملفوظات ۾ ملا حسن جو ذڪر هن طرح ڪيل آهي: ”وقت جو شيخ ۽ امام، ارباب ذوق و شوق، جھان هو ٿنڀ ۽ جذبي وارن جو امام مخدوم حسن هر پرھہ دائري ۾ رهندو هو ۽ اهو ڳوٺ درڪ پرڳڻي ۾ واقع هو.“ کيس سماع سان گهري دلچسپي هوندي هئي، ان ڏس ۾ مخدوم محمود جي ملفوظات ۾ هن طرح آيل آهي تہ: ”هڪڙي ڏينهن مشائخن ۽ طالبن وچ ۾ حق جي بيان ۾ گفتار ٿي. ڪتاب ملفوظات بيان العارفين شاھہ عبدالڪريم قدس سرھہ ۾سندس ڪيترا بيان آيل آهن. پاڻ جيئري تاڪيد ڪيو هئائين تہ منهنجي قبر تي سماع ڪيو وڃي، سو اڄ تائين سندس قبر تي سماع ٿيندو آهي. ملا حسن جا فقير جنهن جاءِ تي سماع ڪندا هئا، ان کي رتول چوندا هئا، اها جڳھہ درگاھہ جي ڏاکڻي پاسي، ٻاهرين گيٽ وٽ هئي. روايت موجب ڪنهن بي ادبيءَ سبب هڪ دفعو رتول کي باھہ لڳي ۽ پوءِ راڳ هميشہ لاءِ بند ڪري ڇڏيائون. باقي درگاھہ جي اڳيان اڱڻ ۾ جيڪا ’قبي‘ آهي، اها درويش جي ڪچهريءَ جي جاءِ آهي، درگاھہ جي اڀرندي پاسي ديوار ۾ جيڪا قبر آهي، سا موسى شيديءَ جي آهي، جيڪو درگاھہ جو پاڻي ڀريندو هو.“ جنهن جي معنى ’هرٻي وارو‘ آهي. علامہ علي محمد مهيريءَ جو هڪ شعر آهي، جنهن ۾ پڻ ملا حسن کي ’حسن هرٻائي‘ چيل آهي. حسن هرٻائي هڪل ڪئي، دولھہ دوست خدا هاري شينهن هرن ۾، ناڙا نانگ ٿيا. ملا حسن ستين صدي هجريءَ جي آخر جو آهي ۽ اهو سنڌ ۾ سومرن جي حڪومت جو دور هو، ان لحاظ سان هي تمام آڳاٽو بزرگ آهي. هتي عام طور تي ائين چوندا آهن تہ ’ملا حسن درساڻي درس ورياڻي‘ جنهن جو مطلب اهو آهي تہ ملا حسن جو پيءُ درس ٿيو، جنهنڪري ملا حسن کي ’درساڻي‘ چون ٿا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو