ملا محب علي سنڌي سيوستاني : سنڌ جو وڏو شاعر، عالم ۽ صوفي هو، ملا محب علي سنڌيءَ جو والد مولانا حيدر علي سمرقندي، سمر قند مان لڏي اچي سيوهڻ ۾ ويٺو ۽ روزگار خاطر مير البقا بن غياث الدين سبزواري ۽ مير عبدالله سلطان عريضي ولد مير ابوالمڪارم جي ملازمت اختيار ڪيائين، جتي کيس 982ھہ/ 1574ع ۾ محب علي نالي پٽ عطا ٿيو. ٻار اڃا صغير ئي هو تہ سندس والد وفات ڪري ويو. وڏو ٿيو تہ علم حاصل ڪرن لاءِ سيوهڻ مان ٺتي آيو، ٺٽي جي عالمن ۽ فاضلن وٽ سڀني علمن ۽ فنن ۾ ڪمال حاصل ڪري ورتائين ۽ ٺٽي ۾ هميشہ لاءِ سڪونت پذير ٿيو. اڳتي هلي مولانا محمد رضا شڪيبي اصفهانيءَ جي معرفت سان عبدالرحيم خان خانان سان ٺٽي ۾ ملاقات ڪيائين، خان خانان شاعر بہ هو، هن ملا محب علي سنڌيءَ جي ڏاڍي عزت ڪئي ۽ کيس پنھنجي پٽ شاهنواز خان جي پڙهائيءَ لاءِ استاد مقرر ڪيو. 1025ھہ/ 1625ع ۾ خان خانان دکن تي ڪاھہ ڪئي ۽ پاڻ سان گڏ ملا محب علي ۽ پنھنجي پٽ شاهنواز کي بہ وٺي ويو. ملا محب علي سيوستاني سنڌيءَ ۽ سندس همعمر مولانا محمد رند شڪيبي اصفهانيءَ کي برهانپور مان حج جي ادائگيءَ لاءِ موڪليو ويو، بندرگاھہ تي سندس ملاقات صوفي درويش شيخ محمد فضل سان ٿي، جنهن جو دست بيعت ٿيو ۽ حرمين شريفين روانو ٿيو. سڄو وقت عبادت الاهيءَ ۾ گذاريندو هو، حج تان واپس اچي برهانپور ۾ مستقل سڪونت اختيار ڪيائين. شاھجھان جڏهن هندستان جو بادشاھہ ٿيو تہ هن ملا محب علي سنڌيءَ کي پاڻ وٽ گهرائي عزت ڏني. 1048ھہ/1648ع ۾ هندستان ۾ بارش نہ پوڻ ڪري سخت ڏڪار پيو، تڏهن شاھجھان جي حڪم موجب جن بزرگن برسات لاءِ دعائون گهريون، تن ۾ ملا محب علي بہ هڪ هو. شاھجھان خوش ٿي کيس ٺٽي ۾ هڪ جاگير عطا ڪئي. هن برهانپور ۾ 73 سالن جي عمر ۾ 1055ھہ/ 1645ع ۾ وفات ڪئي.