
ممتاز مھر
ممتاز مھر: ممتاز ولد محمد سلمان مھر 9 مارچ 1942ع تي سکر ۾ جنم ورتو. انٽر تائين سکر ۾ پڙهيو. هن ايم. اي (فلاسافي) 1966ع ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان ڪئي. پاڻ بنيادي طور تي ڪھاڻيڪار ۽ نقاد هو. ڪيترو عرصو صحافت سان بہ لاڳاپيل رهيو. مختلف انگريزي اخبارن جو نمائندو رهيو. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ’زندگيءَ جو وهڪرو‘ (ڪھاڻيون، 1977ع)، ’ويچار‘ (ادبي تنقيد، 1980ع)، ’سنڌي ڪھاڻيءَ جي اوسر‘ (تنقيدي جائزو، 1983ع)، ’منزل ۽ ٻيون ڪھاڻيون‘ (ڪھاڻيون، 1983ع) ۽ ’جڏهن مان چوهٺ جو هوندس‘ (ڪھاڻيون، 2010ع) ڇپيل آهن. سندس ڪتاب ’ويچار‘ ڪراچي يونيورسٽي جي سيليبس ۾ پڙهايو وڃي ٿو. ان کانسواءِ سندس ڪيترائي مضمون ۽ ڪھاڻيون مختلف رسالن ۾ شايع ٿيل آهن. ھن عمر جي آخري حصي ۾ آتم ڪٿا لکي، جيڪا عوامي آواز اخبار جي مئگزين ۾ ’ڀلي نہ بيھجي بازار ۾‘ عنوان سان قسطوار شايع ٿي. ممتاز مھر 24 جنوري 2026ع تي ڪراچي ۾ وفات ڪئي.
1942.03.09 عيسوي
ممتاز ولد محمد سلمان مھر 9 مارچ 1942ع تي سکر ۾ جنم ورتو.
2026.01.24 عيسوي
ممتاز مھر 24 جنوري 2026ع تي ڪراچي ۾ وفات ڪئي.