منشي ٻالچند: منشي ٻالچند ’آزاد‘ ڪلهوڙن جو درٻاري شاعر هو. هيءُ آخوند فيض ﷲ ’طپش‘ جي شاگردن مان هو ۽ مير علي شير قانع ٺٽويءَ جو دوست هو. غزل ۽ تاريخ گوئيءَ ۾ کيس وڏي مهارت حاصل هئي. هن جي چيل قطعه تاريخن کي پڙهڻ سان معلوم ٿئي ٿو تہ قطعه تاريخ جي فن ۾ هن جو ڪو ثاني نہ هو. جڏهن ميان غلام شاھہ ڪلهوڙو سنڌ جو حاڪم ٿيو، تڏهن هيٺين قطعه تاريخ لکيائين:
بہ نشت ’غلام شاھہ‘ بر ’مسند جاه‘
برخاست ’مرادياب نا اميد‘ بہ ’آه‘
1170ھہ=370-1540
منشي ٻالچند مير بھرام خان ٽالپر جي شهادت تي بہ هڪ طويل قطعه تاريخ چئي ۽ مير خان ٽالپر'>بجار خان ٽالپر جي شهادت تي ٻہ مادہ تاريخ ڪڍيائين.