
سکرامداس اوجها، مهاراج
مهاراج سکرامداس اوجها : ڪراچيءَ ۾ سلھہ (T.B) خلاف جهاد ڪندڙ شخص ۽ ’اوجها انسٽيٽيوٽ آف چيسٽ ڊزيزز‘ (Ojha Institute of Chest Diseases) جو اصل بنياد وجهندڙ ڪير هو، اها ڄاڻ شايد گهڻن سنڌ واسين کي نہ هجي. بين الاقوامي مڃتا ماڻيندڙ سلھہ جي هيءَ اسپتال، جيڪا هن وقت ڊائو ميڊيڪل هاسپيٽل ۽ يونيورسٽيءَ سان لاڳاپيل آهي، اُن جو بنياد وجهندڙ شخص، مهاراج سکرامداس اوجها هو، جنهن پنھنجي وڏي ڀاءُ ڏيپچند تيجنداس جي نالي سان ’ڏيپچند ٽي. اوجها انسٽيٽيوٽ‘ قائم ڪيو هو، جيڪو ڪراچيءَ جو وڏو سماجي خدمتگار هو ۽ 1910ع جي بلدياتي چونڊن ۾ ڪراچي ميونسپل ڪميٽيءَ جو ميمبر چونڊيو ۽ اڳتي هلي وائيس پريزيڊنٽ ٿيو. هو ڪائونسلريءَ واري عرصي ۾ لياري، کڏي ۽ کارادر ۾ قائم ڊسپينسرين جي ڪاميٽين جو ميمبر هو ۽ هن جو گهڻو ڌيان سلھہ جي مريضن ڏانهن هوندو هو. هن سياسي ۽ سماجي طرح ’سنڌ سڀا‘ ۽ ڪانگريس جي پليٽفارم تان خدمتون سرانجام ڏنيون. 1931ع ۾ آل انڊيا نيشنل ڪانگريس جي ڪراچيءَ ۾ ٿيل اٺاويهين اجلاس جي مرحبائي ڪميٽيءَ جو ميمبر بہ هو. ان اجلاس کان ترت پوءِ مهاراج ڏيپچند اوجها گذاري ويو. سندس ننڍو ڀاءُ مهاراج سکرامداس اوجها حڪمت ڪندو هو. هي اصل ۾ ٺٽي جا رهندڙ هئا ۽ بعد ۾ ڪراچيءَ ۾ اچي کاري در واري علائقي ۾ رهيا. مهاراج سکرامداس جو شفاخانو ڪراچيءَ ۾ ميري ويدر ٽاور جي ويجهو، لکميداس اسٽريٽ ۾ هوندو هو. هو خاص ڪري سلھہ جي علاج جو ماهر هو. ڪيترائي ويد ۽ حڪيم کانئس تعليم پرائڻ ايندا هئا. هو ويدڪ علاج جو وڏو ڄاڻو هو. مهاراج سکرامداس جي شفاخاني ۽ جديد ڪراچيءَ جي معمار سيٺ هرچندراءِ جي آفيس تي هر وقت سياسي ۽ سماجي ماڻهن جا ميڙا متل هوندا هئا. مهاراج سکرامداس جڏهن 1931ع ۾ حڪمت جي ڊگري حاصل ڪئي تہ ڪراچي واسين سندس مان ۾ هڪ آجياڻو ڏنو، جنهن ۾ شريڪ ماڻهن ڪراچيءَ ۾ سلھہ جي وڌندڙ مرض تي ڳڻتي ظاهر ڪئي هئي، گڏوگڏ سلھہ جي مرض خلاف مهاراج سکرامداس ۽ مهراج ڏيپچند اوجها جي خدمتن جي ساراھہ بہ ڪئي وئي هئي، اُن موقعي تي مهاراج سکرامداس اوجها، پنھنجي مرحوم ڀاءُ مهاراج ڏيپچند اوجها جي نالي سان هڪ ’سلھہ گهر‘ (Senitorium) قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ پنھنجي ڀاءُ جي يادگيريءَ ۾ 50 هزار ۽ پنھنجي سرڳواسي پٽ پرڀورام سکرامداس اوجها جي ياد ۾ 5 هزار روپيا ڏيڻ جو اعلان ڪيو ۽ ان ڪم کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ’دي آير ويد ٽيوبرڪلوسز رليف ائسوسيئيشن‘ جي قيام جو بہ اعلان ڪيو. هن ائسوسيئيشن ’ڏيپچند اوجها سلھہ گهر‘ جي قيام لاءِ هڪ مئنيجنگ ڪميٽي جوڙي، جنهن جو ڪنوينر ان وقت جي ڪراچي ميونسپالٽيءَ جي چيئرمئن جمشيد نسروانجي مهتا کي مقرر ڪيو ويو. مهاراج سکرامداس اوجها ۽ سيٺ غلام علي چاڳلا نائب صدر، منو ڀائي، ڏونگرسي ۽ چندرسين جيٽلي سيڪريٽري، شِو جي ويلجي ڪوٺاري خزانچي مقرر ڪيا ويا. ڪاميٽيءَ جي ميمبرن ۾ سکديو اوڌو داس ڀارواڻي، ڪماري ڄيٺي سپاهيملاڻي، مروانجي ڪانڊاوالا، جگن ناٿ ٽنڊن، سيٺ شيو رتن موهاٽا، مهاراج ڏونگرسي، روپلال شنڪرلال، ايسرداس ورند مل، ڄيٺانند هيرانند، ڪنيالال، جھانگير پنٿڪي، هريداس لالجي، روچيرام ٺاڪرداس ۽ بي. ٽي. ٺڪر شامل هئا. ڪاميٽيءَ ۾ ايترن وڏن سياسي، واپاري ۽ سماجي نالن جي موجودگي ٻُڌائي ٿي تہ مهاراج سکرامداس ۽ مهاراج ڏيپچند اوجها، ڪراچيءَ ۾ ڪيترا نہ هر دلعزيز هئا. ’دي آير ويد ٽيوبرڪلوسز رليف ائسوسيئيشن‘ جي هن ڪميٽيءَ سنڌ حڪومت کي زمين ڏيڻ لاءِ لکپڙھہ شروع ڪئي، پر سنڌ جي بمبئيءَ کان ڌار ٿيڻ واري تحريڪ جي ڪري 8 سالن کانپوءِ سنڌ اسيمبليءَ، ﷲ بخش سومري جي وزارت ٺھڻ کانپوءِ ڪميٽيءَ کي زمين ڏني. الھہ بخش وزارت جي انجنيئرنگ کاتي جي وزير، ديوان نهچلداس وزيراڻيءَ خاص دلچسپي وٺي، ديھہ صفوران ۾ 100 ايڪڙ زمين ڪميٽيءَ کي هن نيڪ ڪم لاءِ الاٽ ڪئي. ديھہ صفوران ۾، 16 جون 1939ع تي، سنڌ حڪومت جي وزير نهچلداس وزيراڻيءَ سينيٽوريم جي پيڙھہ جو پٿر رکيو. جيئن تہ هن سلھہ گهر لاءِ مهاراج سکرامداس اوجها 55 هزار روپيا ڏئي چڪو هو، ان ڪري سلھہ گهر جو نالو ’مهاراج ڏيپچند ٽي اوجها سينيٽوريم‘ رکيو ويو. پيڙھہ واري پٿر واري تقريب ۾ ڪميٽيءَ جي ميمبرن کانسواءِ شھر جا معزز بہ وڏي تعداد ۾ موجود هئا. هي سلھہ گهر، مهاراج سکرامداس اوجها ۽ ’دي آيرويد ٽيوبرڪلوسز رليف ائسوسيئيشن‘ جي نگرانيءَ ۾، 1942ع ۾ ٺھي راس ٿيو. پر ان کان اڳ ۾، مهاراج سکرامداس اوجها عارضي طور سينيٽوريم ۾ سلھہ جو علاج شروع ڪيو هو. هتي حڪمت سان گڏ ايلوپيٿڪ علاج جو بندوبست بہ ڪيو ويو هو. ڏيپچند اوجها سينيٽوريم ۾ مريضن کي علاج، کاڌو پيتو، رهائش، هنڌ بسترا وغيرہ مفت ڏنا ويندا هئا. 1939ع کان 1948ع تائين مهاراج سکرامداس اوجها ۽ سندس ٽيم سخت محنت ڪري سوين مريضن جو مفت علاج ڪيو. 1948ع ۾ سکرام داس اوجها بہ لکين هندو سنڌين سان گڏ وطن جا وڻ ڇڏڻ تي مجبور ٿيو، پر سندس يادگار اوجها سينيٽوريم کي پاڪستان سرڪار پنھنجي هٿ ۾ ورتو. 1970ع ۾ سينيٽوريم کي سنڌ حڪومت جي حوالي ڪيو ويو ۽ 1973ع ۾ سينيٽوريم جو درجو وڌائي، ان کي ’سينيٽوريم آف چيسٽ ڊزيزز‘ جو درجو ڏنو ويو. ضرورت ان ڳالھہ جي آهي تہ هن سينيٽوريم جي بانين جا نالا، ڄم ۽ لاڏاڻي جون تاريخون درج ڪري سندن تصويرون هن اداري ۾ لڳايون وڃن تہ جيئن تاريخ اڏيندڙن کي ياد ڪري.