مولابخش ساغر

مولابخش ساغر: شاعر مولابخش ’ساغر‘ ولد شاھہ محمد سانگي، پهرين جنوري 1924ع تي لاڙڪاڻي ضلعي جي ڳوٺ سڄڻ سانگيءَ ۾ ڄائو. هن ابتدائي تعليم ڳوٺ جي اسڪول مان حاصل ڪئي ۽ ان کانپوءِ لاڙڪاڻي جي مدرسہ هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ ڪئي. سي. ايس. ڪاليج شڪارپور مان 1944ع ۾ بي. اي ڪيائين، جنهن بعد ايل. ايل. بي جي ڊگري وٺي وڪالت شروع ڪيائين ۽ پوءِ بدين ضلعي ۾ سيشن جج مقرر ٿيو. شاعريءَ جو ذوق کيس ننڍپڻ کان ئي هو، شعر جي اصلاح ڊاڪٽر عطا محمد ’حامي‘ ۽ محمود ’خادم‘ کان ورتائين. ’ساغر‘ تخلص ڪتب آڻيندو هو. ڪجهه وقت ’سنڌ سڌار سوسائٽيءَ‘ جو سرگرم ڪارڪن بہ ٿي رهيو. مولابخش ’ساغر‘ جو پهريون شعري مجموعو ’دور ساغر‘ نالي سان 1974ع ۾ ۽ ٻيو نثري نظم جو ڪتاب ’ساز زندگي‘ 1978ع ۾ شايع ٿيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1924.01.01  عيسوي

شاعر مولابخش ’ساغر‘ ولد شاهه محمد سانگي، پهرين جنوري 1924ع تي لاڙڪاڻي ضلعي جي ڳوٺ سڄڻ سانگيءَ ۾ ڄائو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

زبيدہ ميتلو
حافظ محمد عبدالله ٽکڙائي بسمل
عبدالله خواب حيدرآبادي
جعفر جاني
اياز امر شيخ
علي گل سانگي
شاھہ جھانگير هاشمي
محمد ابراهيم خليل ٺٽوي
احسن حافظ محمد چنا
زين العابدين شاھہ زينل پير
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون