مولانا آخوند ڇٽو ڀٽي سيتائي

آخوند مولانا ڇُٽو ڀَٽي سيتائي : سيتا ڳوٺ ۾ ڀٽين جي مدرسي جو بنياد، انگريز دور کان اڳي جو پيل هو، پر آخوند مولانا ڇُٽي ڀَٽيءَ ان مدرسي جو نئين سر نصاب ۽ نظام مقرر ڪري، ان کي باقاعدي ۽ باضابطه بڻايو. آخوند ڇُٽي جو جنم سندس خانداني روايت مطابق سنہ 1247ھہ/ 1831ع ۾ ٿيو. آخوند صاحب جي والد بزرگوار جو نالو آخوند گاهي هو. ديني تعليم ۽ عربي فارسي زبان سان وابستگيءَ کيس خانداني ورثي طور ملي هئي. هو ڪيترا سال درس و تدريس جو ڪم ڪندو رهيو. هن پٺتي پيل خطي ۾ ڪيترن شاگردن کي تعليم جي روشنيءَ سان منور ڪيو ۽ پنھنجي وقت جا بھترين معلم، مدرس ۽ عالم پيدا ڪيا کيس پهريائين هڪ نياڻي پيدا ٿي ۽ پوءِ ست پٽ ترتيبوار: عبدالرحمان، الھہ بخش، محمد صالح، الهڏنو، گاهي، عبدالرحيم ۽ دائود پيدا ٿيا. سندس ستن پٽن مان چار پٽ علم ۽ فضيلت سان بهرور ٿي آخوند جي لقب سان نمايان ۽ نروار ٿيا. جن جا نالا آهن: آخوند عبدالرحمان ڀٽي، آخوند بخش ڀٽي، آخوند محمد صالح ڀٽي، آخوند محمد دائود ڀٽي، اهي چارئي شخص پنھنجي دور جا عالم، فاصل، معلم ۽ مدرس بڻيا. اهي عالم دين نہ رڳو ديني علمن ۾ يڪتاء روزگار هئا، ۽ بھترين خوشنويس ۽ خطاط بہ هئا. سندس قلمي نسخا بھترين خوشنويسي ۽ رسم الخط جا اعليٰ نمونا آهن. آخوند مولانا ڇُٽو ڀٽي سيتائي، 68 سالن جي ڄمار ۾ سنہ 1317ھہ بمطابق 1899ع ۾ وصال ڪري ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو