مولانا جلال الدين ٺٽوي

مولانا جلال الدين ٺٽوي : هي بزرگ اصل ٺٽي جو رهاڪو هو، علم ۽ عقل جو مالڪ هو. پنھنجي علم ۽ ڄاڻ جي ذريعي همايون بادشاھ جي درٻار تائين رسائي حاصل ڪيائين. همايون وٽس ڪجهه وقت پڙهيو بہ ۽ همايوني سلطنت جو قاضي القضاة مقرر ٿيو، هو سھروردي سلسلي جو پير بہ هو. همايون جو ٻيو ساٿي مولانا محمد فرغلي توراني نقشبندي بہ هو، جيڪو حضر سفر ۾ هميشہ ساڻس گڏ رهندو هو. هي ٻئي صاحب استاد وقت ۽ علامہ هئا. هڪ دفعي سنہ 946 ھه/ 1539ع ۾ سلطان نصيرالدين همايون وقت جي وڏي عالم صوفي شيخ عبدالقدوس حنفي (متوفي 950 ھه/1543ع) جي ملاقات لاءِ آيو تہ ان وقت بہ مولانا جلال الدين ٺٽوي ۽ مولانا محمد فرغلي هن سان گڏ هئا. ٻئي دفعي سلطان همايون پنھنجي مرشد شيخ بھلول شطاريءَ جي زيارت لاءِ گواليار پهتو، تہ هنن ٻنهي بزرگن هلڻ کان انڪار ڪيو، ڇو تہ علامہ ٺٽوي سھروردي هو ۽ فرغلي نقشبندي، ان ڪري هنن هڪ شطاري بزرگ وٽ هلڻ کان ڪيٻايو ٿي، پر بادشاه جي حڪم آڏو مجبور هئا. ان ڪري هي شيخ بھلول جي خدمت ۾ پهتا، اتي بادشاه جي اشاري سان هنن ٻنهي بزرگن بہ شيخ بھلول شطار، جي بيعت ڪئي. ”تذڪره گلزار ابرار“ جو مصنف لکي ٿو تہ: ”جڏهن شير شاھه سوري همايون کي آگري مان تڙي فتح حاصل ڪئي، تڏهن مولانا جلال الدين ۽ همايون جي ان ڀاڄڙ ۾ جلال الدين جو ڪو پتو ڪو نہ پيو. اهو واقعو سنہ 947ھ/ 1540ع ۾ ٿي گذريو.“


هن صفحي کي شيئر ڪريو