مولانا جلال الدين ٺٽوي : هي بزرگ اصل ٺٽي جو رهاڪو هو، علم ۽ عقل جو مالڪ هو. پنهنجي علم ۽ ڄاڻ جي ذريعي همايون بادشاھ جي درٻار تائين رسائي حاصل ڪيائين. همايون وٽس ڪجھه وقت پڙهيو به ۽ همايوني سلطنت جو قاضي القضاة مقرر ٿيو، هو سهروردي سلسلي جو پير به هو. همايون جو ٻيو ساٿي مولانا محمد فرغلي توراني نقشبندي به هو، جيڪو حضر سفر ۾ هميشه ساڻس گڏ رهندو هو. هي ٻئي صاحب استاد وقت ۽ علامه هئا. هڪ دفعي سنه 946 ھه/ 1539ع ۾ سلطان نصيرالدين همايون وقت جي وڏي عالم صوفي شيخ عبدالقدوس حنفي (متوفي 950 ھه/1543ع) جي ملاقات لاءِ آيو ته ان وقت به مولانا جلال الدين ٺٽوي ۽ مولانا محمد فرغلي هن سان گڏ هئا. ٻئي دفعي سلطان همايون پنهنجي مرشد شيخ بهلول شطاريءَ جي زيارت لاءِ گواليار پهتو، ته هنن ٻنهي بزرگن هلڻ کان انڪار ڪيو، ڇو ته علامه ٺٽوي سهروردي هو ۽ فرغلي نقشبندي، ان ڪري هنن هڪ شطاري بزرگ وٽ هلڻ کان ڪيٻايو ٿي، پر بادشاه جي حڪم آڏو مجبور هئا. ان ڪري هي شيخ بهلول جي خدمت ۾ پهتا، اتي بادشاه جي اشاري سان هنن ٻنهي بزرگن به شيخ بهلول شطار، جي بيعت ڪئي. ”تذڪره گلزار ابرار“ جو مصنف لکي ٿو ته: ”جڏهن شير شاھه سوري همايون کي آگري مان تڙي فتح حاصل ڪئي، تڏهن مولانا جلال الدين ۽ همايون جي ان ڀاڄڙ ۾ جلال الدين جو ڪو پتو ڪو نه پيو. اهو واقعو سنه 947ھ/ 1540ع ۾ ٿي گذريو.“