مولانا قاضي عبدالقادرسرهيو

مولانا قاضي عبدالقادرسرهيو : مولانا قاضي عبدالقادر سرهيو ولد الھورايو خان سرهيو، شھر ڊرگهہ بالا تعلقي جوهي، ضلعي دادوءَ ۾ سال 1344ھہ/1925ع تي جنم ورتو، پرائمري تعليم پنھنجي ڳوٺ واري اسڪول مان حاصل ڪيائين. ان کانپوءِ ديني علم حاصل ڪرڻ لاءِ مولانا حاجي محمد حمزي سرهيي صاحب جي مدرسي ۾ داخل ٿيو، جتي قرآن شريف، عربي، فارسي، فقھ ۽ فتاويٰ جي سَنَدَ حاصل ڪيائين. مولوي محمد حمزي جي وفات بعد وڌيڪ تعليم مولانا عبدالله بروهي بلوچستاني مستوانيءَ وٽان حاصل ڪيائين. پوءِ ڪتاب مولانا امير محمد شاھہ اميناڻي شريف واري وٽ پورا ڪري سَنَدَ ميرث حاصل ڪيائين. مولانا عبدالقادر سرهيي کي علم ميراث ۽ علم فقھ ۾ خاص عبور حاصل هو. ايتريقدر جو سندس شمار مشھور فقيهن ۽ عالمن ۾ ٿيڻ لڳو ۽ مولانا صاحب کي مناظري جي حيثيت ۽ حاضر جوابيءَ ۾ خاص ملڪو حاصل هو. مولانا صاحب وٽ عوام جا فيصلا ايندا هئا تہ هو اُهي پنھنجي خداداد صلاحيتن سان حل ڪندو هو. کيس وڏيرا ۽ رئيس پنهنجو امين مقرر ڪندا هئا ۽ سندن فيصلا قبول ڪندا هئا. مولانا عبدالقادر سرهيو پنھنجي ڳوٺ ۾ ديني مدرسو قائم ڪيو، جتي تقريباً ويھہ سال درس ۽ تدريس جاري رکيائين. سندس مدرسي مان ڪيترائي طالب علم عالم ۽ حافظ ٿي ويا، مولانا صاحب ملاڪاتيار وارن بزرگن جو مريد هو، ان ڪري بزرگ ملاڪاتيار وارن پنھنجي صاحبزادن جي تعليم لاءِ کيس پاڻ وٽ گهرايو. پاڻ تقريباً 30 سال ملاڪاتيار جي بزرگن وٽ خطيب ۽ مدرس جي حيثيت ۾ رهيو ۽ درگاھہ جي مريدن جا فيصلا ۽ تحريرات جو ڪم ڪندا رهيو، جتي آخري الوداع جي تاريخ تائين درگاھہ تي رهيا. مولانا صاحب 5 جولاءِ 2003ع مطابق 4 ربيع الاول 1424ع ۾ وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاھہ ملاڪاتيار ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

2003.07.05  عيسوي

مولانا قاضي عبدالقادر سرهيو ولد الهورايو خان سرهيو، شهر ڊرگهه بالا تعلقي جوهي، ضلعي دادوءَ ۾ سال 1344هه/1925ع تي جنم ورتو، 5 جولاءِ 2003ع مطابق 4 ربيع الاول 1424ع ۾ وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

انور سيال
جمعو شيدي 2
ڀڳت واڌورام
ايڌي عبدالستار
جتوئي شير خان
غلام حيدر سولنگي
بگن چانڊيو
امير بيگم ڀٽو
عبدالله مڪاني
اَمانت گل
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون