
سومراڻي، مولانا محمد نصرالله
مولانا محمد نصرالله سومراڻي : مولانا نصرالله ولد مولانا غلام رسول سومراڻي اڳوڻي ضلعي سکر جي ڳوٺ مڏ کوسي ۾ 1933ع ڌاري ڄائو. هن قرآن مجيد جي تعليم پنھنجي والد بزرگوار وٽ حاصل ڪئي. ان بعد تر جي مشھور صوفي بزرگ ۽ عالم مولانا مھر ﷲ مھر وٽ تعليم حاصل ڪئي. بعد ۾ دارالهدى ٺيڙهيءَ مان دستار بند عالم ٿيو. ان کانسواءِ هن سنڌ ۽ پنجاب جي عالمن وٽ تعليم حاصل ڪئي. علم نحو، مفتي غلام قادر، مولانا قطب الدين انڍڙ ۽ مولانا مفتي عبدالواحد مھر محبوب ڳوٺ واري کان پڙهي، ان علم ۾ مهارت حاصل ڪيائين. درس نظاميءَ جي مشڪل ترين ڪتاب ’سراجي‘ جي تعليم مولانا عبدالهادي ٺيڙهيءَ واري ۽ مولانا عبدالرشيد لڌيانويءَ کان حاصل ڪيائين. مولانا نصرالله ڪجهه وقت ’کڏه مسجد سکر‘ ۾ خطابت جا فرائض سرانجام ڏنا. بعد ۾ مولانا امان ﷲ سومري رڪ واري، مير صبح صادق کوسي ۽ مولانا عبدالحق کوسي جي اصرار تي ڳڙهي خيري ۾، 1962ع ڌاري ’مدسه عربيه باب الهدى‘ جو بنياد وڌائين. هي ادارو اڄ بہ ڳڙهي خيري ۾ قائم آهي. 1982ع ڌاري مولانا صاحب شڪارپور ۾ آيو، انهيءَ وچ ۾ هن ڪجهه وقت سکر ۽ شڪارپور جي مختلف مدرسن ۾ تعليم ڏني. هن وقت شڪارپور شھر جي مدني ميمڻ مسجد مست علي شاھہ محلي ۾، درس ۽ تدريس جون خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. مولانا محمد نصرالله سومراڻي ’درس قرآن‘ ۾ دسترس رکي ٿو. مولانا صاحب حضرت هاليجويءَ جو دست بيعت هو ۽ سندس اهو تعلق درگاھہ سان اڄ بہ قائم آهي. مولانا جميعت علماءِ الاسلام سان واسطو رکي ٿو، پاڻ جيترو وقت ڳڙهي خيري ۾ رهيو ’جميعت علماءِ الاسلام‘ تعلقي ڳڙهي خيري جو امير رهيو ۽ ضلعي ۽ صوبائي شورى جو رڪن رهيو. مولانا محمد نصرالله ڪجهه ڪتاب بہ لکيا آهن، جن ۾: ’معين الوارثين‘، ’علم ميراث‘ (سنڌي) ۽ منطق جي مشھور ڪتاب ’سلوم العلوم‘ تي حاشيہ ۽ علم نحو جي هڪ ننڍي رسالي ’مائه عامل‘ جي سنڌيءَ ۾ شرح وغيرہ ذڪر جوڳا آهن. مولانا جي شاگردن ۾ آغا عبدالرؤف جان چشمي وارو، مولانا غلام غوث بلوچ ۽ مولانا عبدالغفور حيدري ۽ ٻيا شامل آهن.