مولانا نور محمد شهدادڪوٽي : مولانا نور محمد ڪنڊي شهر، تعلقي ڀاڳناڙي رياست قلات، بلوچستان ۾ جنم ورتو. سندس جنم جي تاريخ معلوم نہ ٿي آهي. پاڻ ابتدائي طور پنھنجي آبائي ڳوٺ ڪنڊيءَ ۾ مولانا عبدالحليم جي درسگاھہ مان علم جي تحصيل ڪيائين، جنهن کانپوءِ عربي پڙهائڻ ۽ تدريس جو ڪم شروع ڪيائين ۽ ڪيتروئي عرصو پنھنجي ڳوٺ ۾ پڙهائيندو رهيو. اڳتي هلي خان آف قلات خان خداداد خان وٽ قاضي مقرر ٿيو. هيءُ سرائي پير بخش خان کهاوڙ جي اسرار تي شھدادڪوٽ اچي رهيو ۽ مستقل طور تي اتي ئي سڪونت اختيار ڪيائين. هن شھدادڪوٽ ۾ درسگاھہ قائم ڪئي، جتي سنڌ سميت بلوچستان مان بہ ڪيترائي طالب وٽس علم پرائڻ لا ايندا هئا. سندس پٽ مولانا گل محمد ۽ مولانا غلام صديق مذهبي علم ۽ فضيلت وارا هئا. غلام صديق جو شمار پنھنجي دور جي تمام وڏن عالمن ۾ ٿيندو هو، مولانا نور محمد وٽان ڪيترائي شاگرد فيضياب ٿي دستاربند عالم ٿيا. انهن مان خاص طور: مولانا مخدوم محمد قريشي (ڀاڳناڙي)، مولانا حاجي احمد بوهڙ (قنبر)، گل محمد شهدادڪوٽي (پٽ)، سيد پير بخش شاھہ حڪيم (لاڙڪاڻو)، مولانا حاجي احمد صاحب (لاڙڪاڻو) وغيرہ. مولانا نور محمد قادري سلسلي جو پوئلڳ هو. هن درس تدريس سان گڏ تاليف جو ڪم بہ ڪيو، سندس ڪتبخاني جي سڀني قلمي نسخن تي قلمي حاشيا لکيل آهن. مادري ٻولي سرائيڪي هئس. سنڌي پڙهڻ توڙي لکڻ تي کيس دسترس حاصل هئي. قلمي نسخن تي سندس لکيل حاشيا سندس علمي بصيرت جي ساک ڏين ٿا. هن صاحب علم شخص 12 ذوالحج 1296ھہ/ 27 نومبر 1879ع تي وفات ڪئي. سندس مزار شھدادڪوٽ شھر ۾ آهي.