مولانا گل محمد شهدادڪوٽي

مولانا گل محمد شهدادڪوٽي : مولانا گل محمد ولد نور محمد 21 رجب 1240ھہ/11 مارچ 1825ع تي ڪنڊي شهر، ڀاڳناڙي، رياست قلات، بلوچستان ۾ جنم ورتو. سندس والد مولانا نور محمد مذهبي علم جو ڄاڻو ۽ علمي اڪابر هو، جنهن قلات جي خان وٽ قاضيءَ جون خدمتون پڻ سرانجام ڏنيون هيون. هيءُ ابتدائي طور تي ڪنڊي شھر ۾ پڙهيو، والد جي شھدادڪوٽ لڏي اچي مقيم ٿيڻ تي پوري خاندان سان گڏ هيءُ بہ شھدادڪوٽ ۾ رهيو ۽ وڌيڪ تعليم اتي پرايائين. هيءُ پنھنجي والد جي تمام ويجهو رهيو، جنهن جي سرپرستيءَ هيٺ تربيت حاصل ڪري عربي سکيو ۽ مذهبي علم تي عبور حاصل ڪيائين. هن خاندان مان مشھور بزرگ علامہ عبدالحليم ڪنڊائي روهڙيءَ وارو پڻ ٿي گذريو آهي. مولانا گل محمد ٻاويهن سالن جي عمر ۾ علم جي تحصيل ڪئي. هن وٽان ڪيترن ئي شاگردن تعليم پرائي ۽ فارغ التحصيل ٿي درس ۽ تدريس جي ميدان ۾ خدمتون سرانجام ڏنائون. هن جي شاگردن مان مولانا عبدالحڪيم (افغانستان)، مولانا محمد حسين (حيدرآباد) ۽ قاضي داد محمد (مڪران) پنھنجي وقت جا صاحب علم بزرگ ۽ معلم ٿي گذريا آهن. پنھنجي والد وانگر هيءُ بہ قادريه سلسلي سان واڳيل هو. نهايت ئي نيڪ سيرت ۽ سچ گو بزرگ هو . مولانا گل محمد عربي ۽ فارسي ٻوليون پڻ چڱي نموني ڄاڻندو هو. فارسيءَ ۾ شاعري بہ ڪيائين. سندس شاعريءَ ۾ رباعيون ملن ٿيون. هن صاحب علم بزرگ ۽ معلم 27 ذوالحج 1306ھہ/ 25 جولاءِ 1889ع تي وفات ڪئي. هن جي مزار شھدادڪوٽ ۾ سندس ئي قائم ڪيل مدرسي جي احاطي ۾ آهي


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1825.03.11  عيسوي

مولانا گل محمد ولد نور محمد 21 رجب 1240هه/11 مارچ 1825ع تي ڪنڊي شهر، ڀاڳناڙي، رياست قلات، بلوچستان ۾ جنم ورتو.


1889.07.25  عيسوي

مولانا گل محمد 27 ذوالحج 1306هه/ 25 جولاءِ 1889ع تي وفات ڪئي. هن جي مزار شهدادڪوٽ ۾ سندس ئي قائم ڪيل مدرسي جي احاطي ۾ آهي



عالم - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

مخدوم سعدالله صديقي
شھيد ثالث قاضي سيد نورالله شوستري
قاضي محمد جعفري ٺٽوي
شبير احمد عثماني علامہ
خادم حسين شاھہ نقوي
احمد ٺٽوي ملا
تاج محمود امروٽي
مير حيدرالدين سبزواري
عبدالعليم صديقي قادري
سلطان احمد سلطان
عالم ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون