ميان الياس محمد ڪلھوڙي جو مقبرو
ميان الياس محمد ڪلھوڙو: ميان الياس پٽ ميان دائود پٽ ميان آدم شاهه ڪلهوڙو پنهنجي والد ميان دائود جي وفات کانپوءِ ڪلھوڙا خاندان جو اڳواڻ بنجي ويو. ڪن محققن اهو ڄاڻايو آهي ته ميان الياس، وڏيري جلال ابڙي جي مدد سان زمينون وڌائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي. هن بابت گهڻو احوال ميسر ٿي نه سگهيو آهي. هن متعلق مغل دور جو تذڪره نگار شاهنواز خان لکي ٿو ته، ”ميان الياس ابڙا قوم جو سردار هو ۽ آهستي آهستي ابڙا قوم تي غالب ٿي سندن زمينن تي قبضو ڪيائين.“. تذڪره نگار شاهنواز خان جي ان بهتان تي سنڌ جا سڀ تاريخدان ۽ محقق خاموش آهن. ميان الياس بابت ڪيترن ئي محققن پنهنجا رايا ڏنا آهن. علي محمد شاهه راشدي'>پير علي محمد شاهه راشدي (شڪارپور متعلق تاريخي يادداشت) لکي ٿو ته ”هن ڪيتريون ئي زمينون وري ٻيهر هٿ ڪيون، جي سندس والد جي زماني ۾ ڪلهوڙن کان ڦرجي ويون هيون ۽ مريدن جو پڻ تعداد وڌايو. هو وڏو عبادت گذار ۽ غريبن جو خير خواهه هو. کيس لاڙڪاڻي ضلعي ۾ گهاڙ واهه جي ڪپ تي دفن ڪيو ويو. ميان الياس جي وفات جي تاريخ ڪنهن به تذڪري ۾ ڄاڻايل نه آهي، ليڪن ”ڪلهوڙا دور حڪومت“ ڪتاب جو مصنف لکي ٿو ته، ”ميان الياس جي وفات جي تاريخ بابت سڀ محقق خاموش آهن، ليڪن همعصر مواد جي آڌار تي چئي سگهجي ٿو ته هن 1035هه مطابق 1625ع ۾ وفات ڪئي“ ۽ سندس مدفن بابت ”خدا يار خاني ميان سرفراز خان عباسي“ جو مصنف ميرزا عباس علي بيگ لکي ٿو ته، ”ميان الياس بن دائود بن آدم شاهه جو مقبرو لاڙڪاڻي ۽ هٽڙيءَ جي وچ تي ديري ڳوٺ ۾ موجود آهي. ميان الياس جو مقبرو ڪلهوڙن جي صاحبيءَ جي وقت جو آهي ۽ ديهه فريد آباد، تپي مڏ باھو، تعلقي ڏوڪري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ واقع آهي. ڪجهه تاريخن ۾ ھن مقبري جو ھنڌ انڙ آباد لکيو ويو آھي. مقبري جي اڏاوات ۽ ٺھرائيندڙ بابت به تاريخون خاموش آھن. ڪن تاريخن ۾ سندس مدفن گهاڙ واهه ڏيکاريل آھي. جڏهن ته باقراڻيءَ ويجهو گهاڙ واهه آھي ئي ڪونه. الياس محمد خان، شاھل محمد ڪلھوڙي جو وڏو ڀاءُ ھو، کانئس پوءِ ميان وال تحريڪ جي اڳواڻي شاھل محمد ڪئي. مقبري کي اڳيان احاطي طور پڪين سرن جي ڀت ڪنگرن ۽ چُن گاري سان لنبيل آھي. دروازو، ھڪ ڪمري وانگر اڏاوت ۾، جنھن جي ٻيڙ ٻني تي برجيون ھيون، سو ١٩٧٧ع تائين موجود ھو، پر ١٩٩٥ع ۾ اھو دروازو ڪونه ھو. اھو اوڀر طرف ھو. ھاڻي احاطي واريون ڀتيون ھنڌان ھنڌان ڪري پيون آھن. صرف ٽن نوڪدار ونگن سان دروازو ٺھيل آھي؛ جنھن جي پاسي ۾ اڀين ونگن سان پانيل ٺھيل آھي. وڏي ونگ جي ھيٺان ھڪ ننڍي ونگ ۾ ڪاٺ جو دروازو لڳل آھي، جيڪو 7.9 فوٽ اوچو آھي. وڏي ونگ تي ٻئي پانيل تي دروازي جي مٿان ڪاشيءَ جون سرون لڳل آھن. حاشيي کان مٿي مھاڙي، ڪاشيءَ جي اڀين ۽ سڌين سرن سان سينگاريل آھي. مھاڙيءَ واري وڏي ونگ 13.9 فوٽ اوچي، ٥ فوٽ کن ويڪري ۽ 2.9 فوٽ اندر تي لڳل آھي. مقبرو چورس 24.6 فوٽ ھر پاسي، ۽ پاسي واريون ڀتيون 25.10 فوٽ ۽ مھاڙي اوچائيءَ ۾ 22.6 فوٽ آھي. ڪنڊن وٽ لڳل برجين جي ماپ 3.8 فوٽ آھي. مقبري جي پاسي ۾، ٽن سڌين قطارن ۾ ٧ پانيل مستطيل نموني جا ٺھيل آھن. ڇت تي گنبذ اڌ گول نموني جو، اٺڪنڊي ڳچ (Drum) جي مٿان ٺھيل آھي. گنبذ جي گهيري جي ماپ 64.6 فوٽ آھي ۽ اوچائي 4.9 فوٽ آھي. گنبذ جي مٿان فانوس ۽ ان جي مٿان ڪلسو ڏنل آھي. ھن قسم جو فانوس ڪلھوڙن جي اڏاوتن ۾ پراڻي ۾ پراڻو آھي. حجرو چورس، جنھن جو ھر پاسو ١٦ فوٽن جو آھي. ھيٺان فرش کان گنبذ تائين جي ماپ 29.6 فوٽ آھي. ھر ڪنڊ تي ڪنڊ- جوڙ (squinches) ٺاھي چورس حجري کي اٺڪنڊي نموني جو ڪري مٿس ڳچ ٺاھيو ويو آھي. وقت به وقت جي مرمت مقبري جا اصل وسب (Feature) ختم ڪري ڇڏيا آھن. پوءِ به جوڙ- ڪنڊن، رھيل ڀتين ۽ گنبذ جي اندرئين حصي تي آلو چٽ (Fresco) اڃا به سھڻو بيٺل آھي. مقبري ۾ ڪل ٽي قبرون آھن، انھن مان اولهه طرف ڪجهه وڏي قبر ميان الياس محمد ڪلھوڙي جي، باقي اڀرندي طرف واريون ٻه قبرون سندس پٽن يارمحمد ۽ تاج محمد جون آھن.
1652.00.00 عيسوي
هن 1035هه مطابق 1625ع ۾ وفات ڪئي “ ۽ سندس مدفن بابت ” خدا يار خاني ميان سرفراز خان عباسي “ جو مصنف ميرزا عباس علي بيگ لکي ٿو ته ، ” ميان -الياس- -بن- دائود -بن- آدم شاهه جي قبر لاڙڪاڻي ۽ هٽڙيءَ جي وچ تي ديري ڳوٺ ۾ سندس مقبرو موجود آهي
1035.00.00 هجري
هن 1035هه مطابق 1625ع ۾ وفات ڪئي “ ۽ سندس مدفن بابت ” خدا يار خاني ميان سرفراز خان عباسي “ جو مصنف ميرزا عباس علي بيگ لکي ٿو ته ، ” ميان -الياس- -بن- دائود -بن- آدم شاهه جي قبر لاڙڪاڻي ۽ هٽڙيءَ جي وچ تي ديري ڳوٺ ۾ سندس مقبرو موجود آهي