ميان عبدالرحيم درس

ميان عبدالرحيم درس : بزرگ ميون عبدالرحيم درس 1292ھہ/1875ع ۾ ڄائو، سندس والد جو نالو ميان ولي محمد درس هو، سندس وڏا ڪلهوڙن جي دور کان اڳ ٿرپارڪر ضلعي جي سڪريلا ڍنڍ واري علائقي مان لڏي اچي ٽنڊو محمد خان لڳ ملاڪاتيار ۾ آباد ٿيا، ميان عبدالرحيم جو ڏاڏو ميان محمد قاسم ، حضرت غوث بهاؤالحق ذڪريا ملتاني جي سھروردي سلسلي جو فيض يافتہ بزرگ هو، پر سندس والد کي امانت لنواري جي نقشبندي بزرگن کان ملي ۽ نقشبندي طريقي جي تلقين ۽ تعليم پنھنجي والد ميان ولي محمد کان ورتائين ۽ طريقت جا سبق پڻ پرايائين، فارسي عربي پڙهي هئائين، حديث، فقہ ۽ تفسير مان چڱي واقفيت هئس، هي صاحب شريعت بزرگ هو، تزڪيہ نفس ۽ اخلاق جي درستگي سندس مشغلو هئي، هٺ، وڏائي ۽ تعصب کان آزاد هي بزرگ سمورو وقت ڳوٺ ۾ ياد الاهي ۽ معتقدن جي تربيت ۾ گذاريندو هو، سندس فيض يافتہ معتقد سموري ملڪ ۾ ڦهليل هئا، پاڻ اڪثر گوشه نشيني ۾ گذاريندو هو، پاڻ زندگي جا سڄا سارا ٽيھہ سال پنھنجي خانقاھہ مان ٻاهر نہ نڪتو، ملاڪاتيار ۾ ڪکن جي لانڍي ۾ نهايت سادگي سان زمين تي ويهي فيض ورهائڻ ۾ کيس دلي سڪون ملندو هو، سندس مجلس ۾ ويٺلن کي ” ويٺي جنين وٽ، ڏکندو دور ٿئي“، جهڙو آسيس ملندو هو، هي بزرگ هر خاص وعام کي فيض جون ڦڪيون ڏيندي ڏيندي 3 صفر 1359هجري مطابق 14 مارچ 1940ع تي وفات ڪري ويو، کيس ٽي فرزند هئا، وفات کانپوءِ سندس وڏو فرزند ميان محمد اسحاق مسند تي ويٺو.


لفظ ميان عبدالرحيم درسھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو