مير ابوالقاسم خان زمان ٺٽوي : هن جو والد سيد قاسم خان بيگلار سمرقند مان سنڌ جي مرزا شاھ حسن بيگ ارغون جي زماني ۾ اچي ٺٽي ۾ رهيو، سيد صاحب هڪ وڏو بهادر، سٺو تير انداز ۽ وڏو پهلوان هو، جنهنڪري مرزا جي اميرن ۾ داخل ٿي ويو ۽ کيس جاگير به عطا ڪئي وئي. سيد صاحب عمر ڪوٽ جي راڻي ويرسي جي ڀاڻيجيءَ سان شادي ڪئي، جنهن مان مير ابوالقاسم 947ھه (1540ع) ۾ پئدا ٿيو. اڃا ٽن سالن جو مس هو ته نصيرالدين همايون بادشاھه، شير شاھه سوري افغان کان شڪست کائي سنڌ ۾ آيو، پر مرزا شاھه حسن، سندس سنڌ ۾ پير ڄمڻ ڪونه ڏنا. بدين ۾ سنڌ وارن جو بادشاھ همايون سان مقابلو ٿيو، ان مقابلي ۾ قاسم خان بيگلار قتل ٿي ويو ۽ سندس يتيم فرزند جي پرورش عمر ڪوٽ ۾ پنهنجي ماءُ جي آغوش ۾ ٿيندي رهي.هي ننڍڙو ئي هو، ته کيس شاھ حسن جي خدمت ۾ پيش ڪيو ويو. هن حاڪم ننڍڙي ٻار جي پيشانيءَ ۾ اقبال چمڪندو ڏسي سندس سنڀال اميراڻي طرز سان ڪرڻ جو ۽ پرورش جو حڪم ڏنو.جوانيءَ ۾ هو سپهه گريءَ جي فن ۾ اهڙو ماهر ٿيو، جو هي اڪيلو پوري فوج لاءِ ڪافي هوندو هو. جڏهن مرزا شاھ حسن 967ھه (1559ع) ۾ وفات ڪئي، تڏهن سندس ملڪ ٻن حصن ۾ ورهايو ويو. ڏکڻ سنڌ مرزا عيسيٰ ترخان کنئي ۽ اتر سنڌ سلطان محمد بکريءَ جي حصي ۾ آئي. ابوالقاسم خان مرزا عيسيٰ جي درٻاري اميرن ۾ داخل ٿيو ۽ سندس وفات کان پوءِ مرزا عيسيٰ جي پٽ مرزا جان بابا جو طرفدار رهيو. ان زماني ۾ ڀائرن جون جيڪي به خوفناڪ جنگيون ٿي گذريون، تن ۾ ابوالقاسم اهڙا بهادريءَ جا ڪم ڪري ڏيکاريا، جو نهايت حيرت ۾ وجھندڙ هئا، جن جو تفصيل ”بيگلار نامه“ ۾ موجود آهي، جيڪو ابوالقاسم جي ڪارنامن بابت هڪ مستقل تصنيف جي حيثيت رکي ٿو. جڏهن مرزا جان بابا قتل ٿي ويو ته مرزا محمد باقي سيد ابوالقاسم کي دلاسا ڏيئي پنهنجي طرف آندو. هن جي خاندان لاءِ نصرپور ۾ جاگير مقرر ڪيائين، مرزا باقيءَ جي خودڪشيءَ (993ھه مطابق 1585ع) کانپوءِ، سندس پوٽي مرزا جاني بيگ جو مددگار ٿي رهيو. انهيءَ زماني ۾ جلال الدين اڪبر جو سموري هندستان تي قبضو ٿيندو ويو ۽ ترخان گھراڻي جي وڏي مرزا محمد باقيءَ ملڪ ۾ معزز ماڻهن جا جيڪي خون ڪرايا هئا، تن جون دانهون به وقت به وقت کيس پهچنديون رهيون ٿي، جنهنڪري هن سنڌ تي قبضي ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪيو هو. هوڏانهن سلطان محمد بکري به انهيءَ زماني 998ھه/ 1589ع ۾ وفات ڪري ويو، جنهنڪري سنڌ جي اُتر–اوڀر وارو سمورو علائقو اڪبر جي قبضي ۾ اچي ويو. اڪبر اعظم مرزا جاني بيگ کي مطيع ڪرڻ لاءِ مرزا عبدالرحيم خان خانان کي سنڌ تي چاڙهي موڪليو، جنهن ٽن سالن جي جنگين کان پوءِ مرزا جاني بيگ تي سوڀ پائي، کيس سيد ابوالقاسم سميت لاهور دربار اڪبريءَ ۾ وٺي ويو. جڏهن جاني بيگ ۽ ابوالقاسم اڪبر جي روبرو حاضر ٿيا ته پهرئين ئي ڏينهن اڪبر سيد ابوالقاسم کان پڇيو، ته اوهان جي ڄمار ڪيتري آهي؟ سيد جي بدران مرزا جاني بيگ جواب ڏنو، 52 سال. وري بادشاھ پڇا ڪيس، ته ڪٿي ڄاوا آهيو؟ سيد پاڻ جواب ڏنو ته عمر ڪوٽ ۾، جنهن تي اڪبر خوش ٿي چيو ته آءٌ ۽ سيد هم عمر ته آهيون، پر اسان جي ڄمڻ جو هنڌ به ساڳيو آهي. عبدالرحيم خان خانان کان مرزا جاني بيگ وعدو ورتو هو، ته کيس موت جي سزا کان بچايو ويندو. ان ڪري، خان خانان اڪبر جي خدمت ۾ اڳ ۾ ئي اها گذارش ڪري ڇڏي هئي، اڪبر بادشاهه نه فقط جنگي معاهدي جي لڄ رکي، پر سنڌ وري به جاني بيگ جي حوالي ڪيائين، پر هن شرط سان، ته هو بادشاھ جي خدمت ۾ رهندو ۽ سنڌ جي پيدائش سندس حوالي هوندي ۽ پوئتان سندس 16 سالن جو فرزند غازي بيگ ڪم سنڀاليندو رهندو. ان موقعي تي اڪبر بادشاھ مرزا جاني بيگ کي خلعت به ڍڪائي. جاني بيگ 8 سالن تائين اڪبري درٻار ۾ رهيو ۽ برهانپور ۾ وفات ڪيائين، وفات بعد سندس لاش ٺٽي پهچايو ويو. جتي سندس مقبرو موجود آهي.