مير بهرام خان ٽالپر

مير بهرام خان ٽالپر : ٽالپرن مان جنهن شخص کي ڪلهوڙن وٽ مانائتي حيثيت حاصل هئي ، سو مير شهداد خان هو . جو ميان يار محمد جو نهايت ڀروسي وارو ڪارڪن هو ۽ کيس ” برخوردار “ جو خطاب مليل هو . ڪلهوڙا حڪمرانن جي طرفان ڪنهن خاص ماڻهوءَ کي اهو خطاب ڏنو ويندو هو . ميان يار محمد خان کي جڏهن شاهي منصب مليو ، تڏهن شهزادي معز الدين حڪم ڪيو ته ملتان جي طرف فوج موڪلي وڃي . ميان يار محمد خان مير شهداد خان کي اوڏانهن موڪليو هو . مير جي اعليٰ خدمتن کان خوش ٿي ، شهزادي کي پَٽ باران جي جاگير ڏني هئي . مير صاحب جي وفات ميان نور محمد جي دؤر ۾ 2 رجم 1147هه/1737ع تي ٿي . سندس مقبرو شاهپور چاڪر ويجھو هڪ ڳوٺ ۾ آهي جيڪو ” شهداد جو قبو “ نالي سان مشهور آهي . مير شهداد کي چار پٽ هئا . 1 . مير ڄام نندو ، جيڪو وڏو بهادر ۽ سپهه سالار هو ، 2 . مير چاڪر خان جو خيرپور رياست جي حاڪمن جو وڏو وارث هو ، 3 . مير بهرام خان جو مڙني ۾ مٿانهين حيثيت جو مالڪ هو ، هو ميان غلام شاهه ۽ ميان سرفراز جو عقيدتمند ، وفادار ۽ جان نثار هو . هيٺ مير صاحب جي جنگي ڪارنامن ، دانائي ، دور انديشي ، سچائي وفاداري ۽ ٻين گڻن جو مختصر ذڪر پيش ڪجي ٿو .
جنگين ۾ بهادريءَ جو مظاهرو: ( الف ) روهڙيءَ واري جنگ: سرمضان 1171هه بمطابق 7 جون 1858ع تي روهڙيءَ کان ٻاهر امرڪس واهه جي ڪناري تي ميان عطر خان ، ميان احمد يار خان ۽ ميان غلام شاهه جي وچ ۾ خونريز جنگ لڳي . ” جواهر عباسيه “ جي بيان مطابق ڄڻ رت جو درياهه وهي پيو . ميان عطر خان ۽ ميان احمد يار خان جا هزارين ماڻهو مارجي ويا . ميان غلام شاهه جا به ڪيترائي ماڻهو قتل ٿي ويا . راجا ليکيءَ جو ڀاءُ ۽ ٻيا ڪيترائي جوان ۽ پهلوان مارجي ويا . مير بهرام خان جيسلمير ۽ غلام شاهه کان ڌار ٿي ويو هو ، سو عين لڙائي جي موقعي تي ميان صاحب جي خدمت ۾ پهچي ويو . ميان سندس اڳوڻي غلطي کي درگذر ڪندي ، دل سان سندس آڌر ڀاءُ ڪيو . مير صاحب هڪ شريف ماڻهو هو . هن سيني تي هٿ رکي پنهنجي غلطين جو اعتراف ڪيو ۽ هميشه لاءِ ميان صاحب سان وفادار رهيو . هن جنگ ۾ ٿوري فوج هوندي به غلام شاهه ڪامياب ٿيو ، ان جو سبب مير بهرام جي بهادري ۽ جنگي فن ۾ مهارت هو .
( ب ) اٻاوڙي واري جنگ: روهڙيءَ واري جنگ ۾ شڪست کائڻ کان پوءِ ميان عطر خان ۽ احمد يار خان ، بهادر خان الياڻي ۽ اختيار خان مداواڻي وٽ مدد لاءِ پهچي ويا . بهادر خان ۽ اختيار خان بهاولپور جي اولاهين حصي ۾ سردار مڃيا ويندا هئا . وڏي اثر رسوخ وارا ۽ وڏا بهادر هوندا هئا . جڏهن ميان غلام شاهه بهاولپور ۾ دائود پوٽن جي رئيس محمد مبارڪ خان جي مدد سان سنڌ تي حملو ڪيو ته رستي ۾ بهادر خان ۽ اختيار خان صاحب جي فوج سان مقابلو ڪيو هو . احمد يار خان ڪجهه ڏينهن اتي ترسي هندستان هليو ويو . باقي عطر خان ڳڙهي اختيار خان ۾ ترسي پيو ۽ پنهنجي دوستن بهادر خان ۽ اختيار خان جي مدد سان فوج گڏ ڪري ، سنڌ تي حملي جون تياريون ڪرڻ لڳو . امير محمد مبارڪ خان ڪافي ڪوشش ڪئي ته جيئن ڀائرن ۾ جنگ نه ٿئي . ميان غلام شاهه به عطر خان کي جاگير ڏئي صلح ڪرڻ تي آماده هو ، پر بهادر خان جو چوڻ هو ته ” عطر خان سندس در تي اچي چڪو آهي . تنهن ڪري ان جي مدد ڪرڻ لازمي آهي . “ جڏهن صلح جون سموريون تدبيرون ڪارگر ثابت نه ٿيون ، تڏهن ميان غلام شاهه لشڪر وٺي روهڙيءَ کان ميرپور طرف روانو ٿيو . اٻاوڙي ۾ ميان صاحب ۽ بهادر خان جي وچ ۾ سخت جنگ لڳي . ميان جي لشڪر جو چڱو تعداد مارجي ويو . ڪجهه ماڻهو ميدان ڇڏي ڀڄي ويا . ان هوندي به ميان پاڻ ڇهه هزار فوج وٺي هڪ هنڌ ڄمي مقابلو ڪيو . هن جنگ ۾ غلام شاهه کي فتح حاصل ٿي . بهادر خان مارجي ويو . وڏيرو محمد خان ۽ سبزل خان پڻ مارجي ويا . اختيار خان زخمي ٿي پيو . بهادر خان ڀاءٌ قائم خان ۽ احمد خان ، محمد عطر خان کي پاڻ سان گڏ وٺي جنگ جي ميدان مان ڀڄي ويا . هن جنگ جو تفصيلي احوال فتح نامي ۾ موجود آهي ، جنهن جو خلاصو هيءُ آهي ته: ” عطر خان افغاني درٻار مان ملڪ جي سند وٺي آيو . اتان کان ڪي خان پڻ ميان صاحب جي مدد لاءِ مقرر ٿيا . دائود پوٽن جي نالي به حڪم صادر ٿيو ته ميان صاحب جي مدد ڪئي وڃي . انهيءَ بنياد تي بهادر خان ، عطر خان جي مدد لاءِ تيار ٿيو . “ فتح نامي ۾ لڙائي جي سرسري ڪيفيت هن طرح بيان ڪيل آهي ته: ” دشمنن ميان صاحب جي فوج کي شڪست ڏني ، باقي هڪ سؤ ويهه ماڻهو وڃي ميدان ۾ رهيا ۽ ٻيا سڀ ڀڄي ويا . هيءَ حالت ڏسندي مير بهرام شينهن وانگر گجگوڙون ڪندو سامهون آيو . بهادر خان ۽ ان جا خاص ماڻهو گھوڙن تان لٿا ته جيئن هٿئون هٿ لڙائي ڪن . ڳچ گھڙين تائين لڙائيءَ جي باهه ايتري تيز رهي ، جو ان جا شعلا آسمان تي پهچڻ لڳا . مير بهرام انڌاڌنڌ تلوار هڻندو ٿي رهيو . سندس جسم تيرن ۽ ترارن سان رتو رت ٿي ويو هو . بهادر خان مارجي ويو . هن قيامت خيز لڙائيءَ ۾ دشمن جي فوج کي ڀڄڻ کان سوءِ ٻيو ڪو چارو نظر نه آيو .
رسيده چوده عرض شاه اين خبر
بگفت آفرين باد بر شير نر
( ترجمو: بادشاهه جي حضور ۾ فتح جي خبر پهتي ، تڏهن هن جي زبان مان بي اختيار نڪتو ، شير نر کي آفرين هجي . )
بفي مود کو مرد مردانه است
سزاوار الطاف شاهانه است
( چيائين ته هيءُ شخص وڏو بهادر آهي ، شاهاڻين نوازشن جي لائق آهي . )
عطا کرد خلعت بان خان ملک
خطا بش فرد ستاد و فرمان ملک
( ملڪ جي هن سردار کي خلعت عطا ڪيائين ۽ حڪومت جي فرمان سان گڏ خطاب پڻ ڏنائين . )
مير بهرام جي بهادري: فتح نامي ۾ مير بهرام جي جيڪا بهادري بيان ڪئي ويئي آهي ، ان بابت غلام رسول مهر هيءَ راءِ ڏني آهي ته ” هيءُ ڪتاب جيئن ته ٽالپرن جي سرپرستيءَ ۾ لکيو ويو هو ، ان ڪري مير بهرام کي هن ڪارنامي ۾ عزت ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي.“ مهر صاحب جي هيءُ راءِ وزندار نه آهي ڇو ته مير بهرام خان وڏو بهادر ۽ جنگي فن جو ماهر هو. حقيقت هيءُ آهي ته روهڙيءَ واري جنگ توڙي جبل واري جنگ'>جاڙي جبل واري جنگ ۾ ميان غلام شاهه کي مير بهرام جي بهادري سبب فتح حاصل ٿي. ان کان علاوه ڪڇ واري علائقي ۾ جبل واري جنگ'>جاڙي جبل واري جنگ ۾ به ميان غلام شاهه کي مير بهرام جي بهادريءَ سبب فتح حاصل ٿي هئي. غلام رسول مهر جڏهن ٻين معاملن ۾ فتح نامي کي معتبر سمجھي ٿو، ته پوءِ فتح نامي جي هن راءِ کي به معتبر سمجھڻ گھرجي.
(ج) جبل واري جنگ'>جاڙي جبل واري جنگ: تحفته الڪرام جي بيان مطابق ڪڇ تي پهرين ڪاهه 9 ربيع الثاني 1176هه/28 آڪٽوبر 1762ع ۾ ٿي. ميان صاحب پهريائين پنهنجو لشڪر پونجا سيٺ روانو ڪيو ۽ پاڻ ڪڇ ڏانهن روانو ٿيو. ٿورو اڳتي رستي ۾ سندري وارو قلعو فتح ڪري اڳتي وڌيو. ٿورو اڳتي ڪڇ جي فوج جاڙي جبل تي جمع ٿيل هئي. سخت جنگ لڳي. ايترا ته ماڻهو مئا جو رت جو درياهه وهي هليو. ڪن روايتن موجب اڌ اڌ سير جا پٿر رت جي وهڪري ۾ لڙهي ٿي ويا. سنڌي فوج ستر هزار هئي. ڪڇ جي راءِ رستي جي سڀني کوهن کي پٿرن سان ڀرائي ڇڏيو هو ته جيئن دشمن اڃ ۾ مري وڃي. پر ميان غلام شاهه جي اٽل ارادي ۾ ڪو به فرق نه آيو. جاڙي جبل تي، ڪڇ جا ڪيترائي سپاهي هڪ وڏي توپ جي آمهون سامهون جمع هئا. سنڌي فوج جا ڀاڳ ڀلا هئا جو اتفاق سان اها توپ ڇٽي پئي ۽ هن حادثي ۾ گھڻا ئي ماڻهو مارجي ويا. هن اتفاقي حادثي ماڻهن ۾ افراتفري پيدا ڪئي. عين انهيءَ موقعي تي سنڌي فوج جا بهادر سپاهي تراريون کڻي جبل تي چڙهي پيا. ڪڇ جو وزير ۽ ڪي ٻيا معزز امير رئيس ۽ سردار بهادريءَ سان وڙهندي مارجي ويا. ٽوپڻ مل لکيو آهي ته: ”جاڙي جبل تي جيڪي ماڻهو سڀني کان پهرين پهتا، تن جو سردار بهرام خان ٽالپر هو ۽ سچ اهو ئي آهي ته جبل واري جنگ'>جاڙي جبل واري جنگ ۾ مير صاحب جي دانائي ۽ مردانگيءَ سبب فتح حاصل ٿي، جيڪڏهن سنڌي فوج هيٺ ويٺي رهي ها ته ڪڇ جا سپاهي مٿان کان گولا وسائي کين اڳتي وڌڻ کان روڪي ڇڏين ها ۽ نه وري هيٺ سلامتيءَ سان رهي سگهن ها. جاڙي جبل تي ڪاميابي حاصل ڪرڻ کان پوءِ ميان صاحب اڳتي وڌي حملو ڪيو ۽ سندس فوجون ڪڇ جي گاديءَ واري هنڌ ڀڄ جي ويجھو پهچي چڪيون هيون. آخر پونجي مل وچ ۾ پئي ڪن شرطن تي صلح ڪرائي. جڏهن راءِ شرطن تان ڦري ويو ته سيٺ پونجي کيس گھڻو ئي سمجھايو ته وعدي خلافي نه ڪرڻ گھرجي، پر راءِ کي هن خير خواهي واري مشوري تي ايڏي ڪاوڙ آئي جو هن پونجي کي پاڻ وٽ گھرائي پنهنجي هٿن سان زهر جو پيالو ڏنو. پونجي مجبوراً اهو زهر جو پيالو پيتو ۽ ويچارو مفت ۾ مري ويو.
مير بهرام جي شخصيت: مير بهرام خان نه فقط هڪ بهادر ويڙهاڪ هو، پر وڏو داناءُ ۽ سفارتي معاملن جو پڻ ماهر هو. ان جو هڪ مثال هيءُ آهي ته جڏهن ميان محمد سرفراز خان جي تخت نشينيءَ کان اٽڪل ٻه مهينا پوءِ احمد شاهه ابدالي 20 رجن 1186هه/17 آڪٽوبر 1772ع قنڌار ۾ وفات ڪئي ته هڪدم تخت نشينيءَ تان پٺاڻن ۾ جھيڙو شروع ٿي ويو. احمد شاهه جي وليعهد تيمور، ان وقت هرات ۾ هو. شاهه ولي خان، وزيراعظم ابداليءَ جي ٻئي پٽ شهزادي سليمان کي، جو سندس نياڻو به هو، تخت تي ويهاريو. جڏهن تيمور کي پتو پيو ته هن قنڌار تي ڪاهه ڪئي. شاهه ولي خان وزير ۽ سندس ٻه پٽ جنگ ۾ مارجي ويا. تيمور تخت تي قبضو ڪيو. انهيءَ صورتحال کانپوءِ اهو ضروري هو ته احمد شاهه ابداليءَ جي عذرخواهيءَ لاءِ ڪنهن امير کي افغانستان اُماڻيو وڃي. ان لاءِ ميان محمد سرفراز خان، مير بهرام ٽالپر کي عذرخواهيءَ لاءِ قنڌار روانو ڪيو، جتان مير صاحب پنهنجي دانائيءَ سان ميان صاحب لاءِ خلعت ۽ حڪمرانيءَ جي سند سان گڏ ”خدا يار خان“ جو خطاب عطا ڪرايو. ٽالپرن سان اختلاف: محمد سرفراز جي حڪومت جو سلسلو خوشگوار نموني هلندڙ هو. مير بهرام خان ٽالپر پنهنجي تدبر، جوانمردي، وفاداري ۽ عزيزن ۽ ملازمن جي گھڻائي ڪري، ميان غلام شاهه جي وقت کان ممتاز حيثيت رکندڙ هو ۽ ميان سرفراز خان جو به تمام مخلص صلاحڪار هو. پر راجا ليکي ميان سرفراز تي وڌيڪ حاوي هو. هن کي ٽالپرن جو ايڏو اثر پسند نه هو، تنهن ڪري ڪوڙيون ڳالهيون ٺاهي، ميان صاحب جي دل ۾، مير بهرام خلاف بدگمانيون، پيدا ڪرڻ لڳو. ڪن روايتن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ميان ٽالپرن جي خلوص ۽ وفا جي آزمائش لاءِ مير بهرام جي ڌيءَ جو سڱ گھريو. مير جواب ڏنو ته اسان جي خاندان ۾ڪنهن ڌارئي ماڻهو سان مائٽي ڪرڻ جو دستور نه آهي، اهو ئي بنياد هو، جتان بدگمانيون شروع ٿيون. حقيقت ۾ سڱ گھرڻ واري ڳالهه جڙتو نظر اچي ٿي. اصل سبب راجا ليکيءَ جو بغض ۽ ساڙ هو. هن چاهيو ٿي ته ميرن جو اثر رسوخ ختم ڪري، پنهنجو وڌيڪ اثر قائم ڪري ۽ آخر انهيءَ شرارت ۾ هو ڪامياب ٿيو. غلام رسول مهر مير بهرام جي شخصيت بابت لکيو آهي: ”مير بهرام ٽالپرن جي سڄي خاندان ۾ سڀني کان بلند شخصيت جو مالڪ هو ۽ ڪلهوڙا خاندان جي سڀني اميرن ۽ غالباً شاهه بهاري کي ڇڏي، باقي ٻين ۾ مير بهرام جي پايي جو ڪو به شخص نه هو.“ مير بهرام پنهنجي والد جي زندگيءَ ۾ ئي مٿانهون درجو حاصل ڪري ورتو هو. ان جي وفات کان پوءِ سڀني ٽالپرن ۽ بلوچن جو سرپرست بنيو رهيو. جڏهن محمد مراد ياب خان کي معزول ڪيو ويو، تڏهن ان جي جاءِ تي ميان غلام شاهه کي فرمان روا بڻائڻ ۾ سڀني کان وڌيڪ سرگرم رهيو. محمد عطر خان جڏهن افغاني درٻار مان جانشيني جي سَنَد وٺي آيو ۽ ميان غلام شاهه کي ملڪ ڇڏي جيسلمير وڃڻو پيو، تڏهن مير بهرام ٿورو پاسيرو ٿي ويو، پر پوءِ جن اميرن عطر خان ۽ احمد يار خان جي بدانتظامين کان تنگ ٿي اندران ئي اندران ميان غلام شاهه کي دعوت نامه موڪليا ۽ کيس پنهنجي وفاداريءَ جو يقين ڏياريو هو، تن ۾ مير بهرام به شامل هو. روهڙيءَ واري خونريز جنگ جي موقعي تي هو عطر خان ۽ احمد يار خان کان الڳ ٿي اچي ميان غلام شاهه سان گڏيو هو ۽ پوءِ مير صاحب جو وڏي ڀروسي وارو صلاحڪار بڻيو ۽ ميان سرفراز خان جي دؤر ۾ به هن جي حيثيت ۾ ڪو به فرق نه آيو. راجا ليکيءَ جون شرارتون: راجا ليکيءَ مير بهرام کي ميان سرفراز جي نظرن ۾ ڪيرائڻ لاءِ ڪوڙين شڪايتن جو سلسلو جاري ڪيو. عظيم الدين ٺٽوي راجا کي ابوجهل ۽ ابولهب سان نسبت رکندڙ ٺهرائيندي چيو آهي:
نه فضل و نه علم و نه دانش نه دين
چـو بـوزيـنـه مـي بـود بـالا نـشيـن
]راجا کي فضل، علم، دانش ۽ دين سان ڪوبه تعلق نه هو، هو باندر وانگر ماٿنهين جڳهه تي ويهي رهيو هو.[
چوبا ميـر مي رفـت تـدبيـر کـار
بـجنبــا نــدي ريـش بـوزيـنه دار
]سرفراز خان جڏهن مير بهرام سان ملڪي ڪاروبار بابت مشورو ڪندو رهيو، تڏهن راجا باندر وانگر پنهنجي ڏاڙهي ويٺو لوڏيندو رهيو.[
ظاهري طرح مير بهرام خان جي وفاداري ۽ اطاعتگذاري انهيءَ حد تائين مڃيل ۽ معروف هئي جو مٿس بدگمان ٿيڻ جو ڪو به سبب نه هو، ليڪن معلوم ٿئي ٿو ته راجا ليکيءَ جي لڳاتار برغلائڻ سرفراز جي دل ۾ شبها يپدا ڪري وڌا ۽ ان جا طبعي نتيجا ظاهر ٿيڻ لڳا. غلام رسول مهر ”تاريخ ڪلهوڙا“ ۾ ميان سرفراز جي علم ۽ فضل جي تعريف ڪندي لکيو آهي ته: ”حيرت آهي ته اهڙو فضل وارو ۽ ڏاهو حاڪم راجا ليکي جھڙي شخص جي سخن سازيءَ جي دام ۾ ڪيئن ڦاسي پيو، جو هن مير بهرام جھڙي مخلص ۽ حڪومت جي پراڻي رڪن کي ۽ ان جي پٽ کي ناحق قتل ڪرايو ۽ اهڙيءَ ريت پنهنجي لاءِ خوفناڪ مصيبتون پيدا ڪيون.“


هن صفحي کي شيئر ڪريو