مير بھرام خان ٽالپر : ٽالپرن مان جنهن شخص کي ڪلهوڙن وٽ مانائتي حيثيت حاصل هئي ، سو مير شھداد خان هو . جو ميان يار محمد جو نهايت ڀروسي وارو ڪارڪن هو ۽ کيس ” برخوردار “ جو خطاب مليل هو . ڪلهوڙا حڪمرانن جي طرفان ڪنهن خاص ماڻهوءَ کي اهو خطاب ڏنو ويندو هو . ميان يار محمد خان کي جڏهن شاهي منصب مليو ، تڏهن شھزادي معز الدين حڪم ڪيو تہ ملتان جي طرف فوج موڪلي وڃي . ميان يار محمد خان مير شھداد خان کي اوڏانهن موڪليو هو . مير جي اعليٰ خدمتن کان خوش ٿي ، شھزادي کي پَٽ باران جي جاگير ڏني هئي . مير صاحب جي وفات ميان نور محمد جي دؤر ۾ 2 رجم 1147ھہ/1737ع تي ٿي . سندس مقبرو شاهپور چاڪر ويجهو هڪ ڳوٺ ۾ آهي جيڪو ” شھداد جو قبو “ نالي سان مشھور آهي . مير شھداد کي چار پٽ هئا . 1 . مير ڄام نندو ، جيڪو وڏو بھادر ۽ سپھہ سالار هو ، 2 . مير چاڪر خان جو خيرپور رياست جي حاڪمن جو وڏو وارث هو ، 3 . مير بھرام خان جو مڙني ۾ مٿانهين حيثيت جو مالڪ هو ، هو ميان غلام شاھہ ۽ ميان سرفراز جو عقيدتمند ، وفادار ۽ جان نثار هو . هيٺ مير صاحب جي جنگي ڪارنامن ، دانائي ، دور انديشي ، سچائي وفاداري ۽ ٻين گڻن جو مختصر ذڪر پيش ڪجي ٿو .
جنگين ۾ بهادريءَ جو مظاهرو: ( الف ) روهڙيءَ واري جنگ: سرمضان 1171ھہ بمطابق 7 جون 1858ع تي روهڙيءَ کان ٻاهر امرڪس واھہ جي ڪناري تي ميان عطر خان ، ميان احمد يار خان ۽ ميان غلام شاھہ جي وچ ۾ خونريز جنگ لڳي . ” جواهر عباسيه “ جي بيان مطابق ڄڻ رت جو درياھہ وهي پيو . ميان عطر خان ۽ ميان احمد يار خان جا هزارين ماڻهو مارجي ويا . ميان غلام شاھہ جا بہ ڪيترائي ماڻهو قتل ٿي ويا . راجا ليکيءَ جو ڀاءُ ۽ ٻيا ڪيترائي جوان ۽ پهلوان مارجي ويا . مير بھرام خان جيسلمير ۽ غلام شاھہ کان ڌار ٿي ويو هو ، سو عين لڙائي جي موقعي تي ميان صاحب جي خدمت ۾ پهچي ويو . ميان سندس اڳوڻي غلطي کي درگذر ڪندي ، دل سان سندس آڌر ڀاءُ ڪيو . مير صاحب هڪ شريف ماڻهو هو . هن سيني تي هٿ رکي پنھنجي غلطين جو اعتراف ڪيو ۽ هميشہ لاءِ ميان صاحب سان وفادار رهيو . هن جنگ ۾ ٿوري فوج هوندي بہ غلام شاھہ ڪامياب ٿيو ، ان جو سبب مير بھرام جي بهادري ۽ جنگي فن ۾ مهارت هو .
( ب ) اٻاوڙي واري جنگ: روهڙيءَ واري جنگ ۾ شڪست کائڻ کان پوءِ ميان عطر خان ۽ احمد يار خان ، بھادر خان الياڻي ۽ اختيار خان مداواڻي وٽ مدد لاءِ پهچي ويا . بھادر خان ۽ اختيار خان بھاولپور جي اولاهين حصي ۾ سردار مڃيا ويندا هئا . وڏي اثر رسوخ وارا ۽ وڏا بھادر هوندا هئا . جڏهن ميان غلام شاھہ بھاولپور ۾ دائود پوٽن جي رئيس محمد مبارڪ خان جي مدد سان سنڌ تي حملو ڪيو تہ رستي ۾ بھادر خان ۽ اختيار خان صاحب جي فوج سان مقابلو ڪيو هو . احمد يار خان ڪجهہ ڏينهن اتي ترسي هندستان هليو ويو . باقي عطر خان ڳڙهي اختيار خان ۾ ترسي پيو ۽ پنھنجي دوستن بھادر خان ۽ اختيار خان جي مدد سان فوج گڏ ڪري ، سنڌ تي حملي جون تياريون ڪرڻ لڳو . امير محمد مبارڪ خان ڪافي ڪوشش ڪئي تہ جيئن ڀائرن ۾ جنگ نہ ٿئي . ميان غلام شاھہ بہ عطر خان کي جاگير ڏئي صلح ڪرڻ تي آمادہ هو ، پر بھادر خان جو چوڻ هو تہ ” عطر خان سندس در تي اچي چڪو آهي . تنهن ڪري ان جي مدد ڪرڻ لازمي آهي . “ جڏهن صلح جون سموريون تدبيرون ڪارگر ثابت نہ ٿيون ، تڏهن ميان غلام شاھہ لشڪر وٺي روهڙيءَ کان ميرپور طرف روانو ٿيو . اٻاوڙي ۾ ميان صاحب ۽ بھادر خان جي وچ ۾ سخت جنگ لڳي . ميان جي لشڪر جو چڱو تعداد مارجي ويو . ڪجهہ ماڻهو ميدان ڇڏي ڀڄي ويا . ان هوندي بہ ميان پاڻ ڇھہ هزار فوج وٺي هڪ هنڌ ڄمي مقابلو ڪيو . هن جنگ ۾ غلام شاھہ کي فتح حاصل ٿي . بھادر خان مارجي ويو . وڏيرو محمد خان ۽ سبزل خان پڻ مارجي ويا . اختيار خان زخمي ٿي پيو . بھادر خان ڀاءٌ قائم خان ۽ احمد خان ، محمد عطر خان کي پاڻ سان گڏ وٺي جنگ جي ميدان مان ڀڄي ويا . هن جنگ جو تفصيلي احوال فتح نامي ۾ موجود آهي ، جنهن جو خلاصو هيءُ آهي تہ: ” عطر خان افغاني درٻار مان ملڪ جي سند وٺي آيو . اتان کان ڪي خان پڻ ميان صاحب جي مدد لاءِ مقرر ٿيا . دائود پوٽن جي نالي بہ حڪم صادر ٿيو تہ ميان صاحب جي مدد ڪئي وڃي . انهيءَ بنياد تي بھادر خان ، عطر خان جي مدد لاءِ تيار ٿيو . “ فتح نامي ۾ لڙائي جي سرسري ڪيفيت هن طرح بيان ڪيل آهي تہ: ” دشمنن ميان صاحب جي فوج کي شڪست ڏني ، باقي هڪ سؤ ويھہ ماڻهو وڃي ميدان ۾ رهيا ۽ ٻيا سڀ ڀڄي ويا . هيءَ حالت ڏسندي مير بھرام شينهن وانگر گجگوڙون ڪندو سامهون آيو . بھادر خان ۽ ان جا خاص ماڻهو گهوڙن تان لٿا تہ جيئن هٿئون هٿ لڙائي ڪن . ڳچ گهڙين تائين لڙائيءَ جي باھہ ايتري تيز رهي ، جو ان جا شعلا آسمان تي پهچڻ لڳا . مير بھرام انڌاڌنڌ تلوار هڻندو ٿي رهيو . سندس جسم تيرن ۽ ترارن سان رتو رت ٿي ويو هو . بھادر خان مارجي ويو . هن قيامت خيز لڙائيءَ ۾ دشمن جي فوج کي ڀڄڻ کان سوءِ ٻيو ڪو چارو نظر نہ آيو .
رسيدہ چوده عرض شاه اين خبر
بگفت آفرين باد بر شير نر
( ترجمو: بادشاھہ جي حضور ۾ فتح جي خبر پهتي ، تڏهن هن جي زبان مان بي اختيار نڪتو ، شير نر کي آفرين هجي . )
بفي مود کو مرد مردانه است
سزاوار الطاف شاهانه است
( چيائين تہ هيءُ شخص وڏو بھادر آهي ، شاهاڻين نوازشن جي لائق آهي . )
عطا کرد خلعت بان خان ملک
خطا بش فرد ستاد و فرمان ملک
( ملڪ جي هن سردار کي خلعت عطا ڪيائين ۽ حڪومت جي فرمان سان گڏ خطاب پڻ ڏنائين . )
مير بھرام جي بهادري: فتح نامي ۾ مير بھرام جي جيڪا بهادري بيان ڪئي ويئي آهي ، ان بابت غلام رسول مھر هيءَ راءِ ڏني آهي تہ ” هيءُ ڪتاب جيئن تہ ٽالپرن جي سرپرستيءَ ۾ لکيو ويو هو ، ان ڪري مير بھرام کي هن ڪارنامي ۾ عزت ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي.“ مھر صاحب جي هيءُ راءِ وزندار نہ آهي ڇو تہ مير بھرام خان وڏو بھادر ۽ جنگي فن جو ماهر هو. حقيقت هيءُ آهي تہ روهڙيءَ واري جنگ توڙي جبل واري جنگ'>جاڙي جبل واري جنگ ۾ ميان غلام شاھہ کي مير بھرام جي بهادري سبب فتح حاصل ٿي. ان کان علاوہ ڪڇ واري علائقي ۾ جبل واري جنگ'>جاڙي جبل واري جنگ ۾ بہ ميان غلام شاھہ کي مير بھرام جي بهادريءَ سبب فتح حاصل ٿي هئي. غلام رسول مھر جڏهن ٻين معاملن ۾ فتح نامي کي معتبر سمجهي ٿو، تہ پوءِ فتح نامي جي هن راءِ کي بہ معتبر سمجهڻ گهرجي.
(ج) جبل واري جنگ'>جاڙي جبل واري جنگ: تحفته الڪرام جي بيان مطابق ڪڇ تي پهرين ڪاھہ 9 ربيع الثاني 1176ھہ/28 آڪٽوبر 1762ع ۾ ٿي. ميان صاحب پهريائين پنهنجو لشڪر پونجا سيٺ روانو ڪيو ۽ پاڻ ڪڇ ڏانهن روانو ٿيو. ٿورو اڳتي رستي ۾ سندري وارو قلعو فتح ڪري اڳتي وڌيو. ٿورو اڳتي ڪڇ جي فوج جاڙي جبل تي جمع ٿيل هئي. سخت جنگ لڳي. ايترا تہ ماڻهو مئا جو رت جو درياھہ وهي هليو. ڪن روايتن موجب اڌ اڌ سير جا پٿر رت جي وهڪري ۾ لڙهي ٿي ويا. سنڌي فوج ستر هزار هئي. ڪڇ جي راءِ رستي جي سڀني کوهن کي پٿرن سان ڀرائي ڇڏيو هو تہ جيئن دشمن اڃ ۾ مري وڃي. پر ميان غلام شاھہ جي اٽل ارادي ۾ ڪو بہ فرق نہ آيو. جاڙي جبل تي، ڪڇ جا ڪيترائي سپاهي هڪ وڏي توپ جي آمهون سامهون جمع هئا. سنڌي فوج جا ڀاڳ ڀلا هئا جو اتفاق سان اها توپ ڇٽي پئي ۽ هن حادثي ۾ گهڻا ئي ماڻهو مارجي ويا. هن اتفاقي حادثي ماڻهن ۾ افراتفري پيدا ڪئي. عين انهيءَ موقعي تي سنڌي فوج جا بھادر سپاهي تراريون کڻي جبل تي چڙهي پيا. ڪڇ جو وزير ۽ ڪي ٻيا معزز امير رئيس ۽ سردار بهادريءَ سان وڙهندي مارجي ويا. ٽوپڻ مل لکيو آهي تہ: ”جاڙي جبل تي جيڪي ماڻهو سڀني کان پهرين پهتا، تن جو سردار بھرام خان ٽالپر هو ۽ سچ اهو ئي آهي تہ جبل واري جنگ'>جاڙي جبل واري جنگ ۾ مير صاحب جي دانائي ۽ مردانگيءَ سبب فتح حاصل ٿي، جيڪڏهن سنڌي فوج هيٺ ويٺي رهي ها تہ ڪڇ جا سپاهي مٿان کان گولا وسائي کين اڳتي وڌڻ کان روڪي ڇڏين ها ۽ نہ وري هيٺ سلامتيءَ سان رهي سگهن ها. جاڙي جبل تي ڪاميابي حاصل ڪرڻ کان پوءِ ميان صاحب اڳتي وڌي حملو ڪيو ۽ سندس فوجون ڪڇ جي گاديءَ واري هنڌ ڀڄ جي ويجهو پهچي چڪيون هيون. آخر پونجي مل وچ ۾ پئي ڪن شرطن تي صلح ڪرائي. جڏهن راءِ شرطن تان ڦري ويو تہ سيٺ پونجي کيس گهڻو ئي سمجهايو تہ وعدي خلافي نہ ڪرڻ گهرجي، پر راءِ کي هن خير خواهي واري مشوري تي ايڏي ڪاوڙ آئي جو هن پونجي کي پاڻ وٽ گهرائي پنھنجي هٿن سان زهر جو پيالو ڏنو. پونجي مجبوراً اهو زهر جو پيالو پيتو ۽ ويچارو مفت ۾ مري ويو.
مير بھرام جي شخصيت: مير بھرام خان نہ فقط هڪ بھادر ويڙهاڪ هو، پر وڏو داناءُ ۽ سفارتي معاملن جو پڻ ماهر هو. ان جو هڪ مثال هيءُ آهي تہ جڏهن ميان محمد سرفراز خان جي تخت نشينيءَ کان اٽڪل ٻہ مهينا پوءِ احمد شاھہ ابدالي 20 رجن 1186ھہ/17 آڪٽوبر 1772ع قنڌار ۾ وفات ڪئي تہ هڪدم تخت نشينيءَ تان پٺاڻن ۾ جهيڙو شروع ٿي ويو. احمد شاھہ جي وليعهد تيمور، ان وقت هرات ۾ هو. شاھہ ولي خان، وزيراعظم ابداليءَ جي ٻئي پٽ شھزادي سليمان کي، جو سندس نياڻو بہ هو، تخت تي ويهاريو. جڏهن تيمور کي پتو پيو تہ هن قنڌار تي ڪاھہ ڪئي. شاھہ ولي خان وزير ۽ سندس ٻہ پٽ جنگ ۾ مارجي ويا. تيمور تخت تي قبضو ڪيو. انهيءَ صورتحال کانپوءِ اهو ضروري هو تہ احمد شاھہ ابداليءَ جي عذرخواهيءَ لاءِ ڪنهن امير کي افغانستان اُماڻيو وڃي. ان لاءِ ميان محمد سرفراز خان، مير بھرام ٽالپر کي عذرخواهيءَ لاءِ قنڌار روانو ڪيو، جتان مير صاحب پنھنجي دانائيءَ سان ميان صاحب لاءِ خلعت ۽ حڪمرانيءَ جي سند سان گڏ ”خدا يار خان“ جو خطاب عطا ڪرايو.
ٽالپرن سان اختلاف: محمد سرفراز جي حڪومت جو سلسلو خوشگوار نموني هلندڙ هو. مير بھرام خان ٽالپر پنھنجي تدبر، جوانمردي، وفاداري ۽ عزيزن ۽ ملازمن جي گهڻائي ڪري، ميان غلام شاھہ جي وقت کان ممتاز حيثيت رکندڙ هو ۽ ميان سرفراز خان جو بہ تمام مخلص صلاحڪار هو. پر راجا ليکي ميان سرفراز تي وڌيڪ حاوي هو. هن کي ٽالپرن جو ايڏو اثر پسند نہ هو، تنهن ڪري ڪوڙيون ڳالهيون ٺاهي، ميان صاحب جي دل ۾، مير بھرام خلاف بدگمانيون، پيدا ڪرڻ لڳو. ڪن روايتن ۾ ٻڌايو ويو آهي تہ ميان ٽالپرن جي خلوص ۽ وفا جي آزمائش لاءِ مير بھرام جي ڌيءَ جو سڱ گهريو. مير جواب ڏنو تہ اسان جي خاندان ۾ڪنهن ڌارئي ماڻهو سان مائٽي ڪرڻ جو دستور نہ آهي، اهو ئي بنياد هو، جتان بدگمانيون شروع ٿيون. حقيقت ۾ سڱ گهرڻ واري ڳالھہ جڙتو نظر اچي ٿي. اصل سبب راجا ليکيءَ جو بغض ۽ ساڙ هو. هن چاهيو ٿي تہ ميرن جو اثر رسوخ ختم ڪري، پنهنجو وڌيڪ اثر قائم ڪري ۽ آخر انهيءَ شرارت ۾ هو ڪامياب ٿيو.
غلام رسول مھر مير بھرام جي شخصيت بابت لکيو آهي: ”مير بھرام ٽالپرن جي سڄي خاندان ۾ سڀني کان بلند شخصيت جو مالڪ هو ۽ ڪلهوڙا خاندان جي سڀني اميرن ۽ غالباً شاھہ بھاري کي ڇڏي، باقي ٻين ۾ مير بھرام جي پايي جو ڪو بہ شخص نہ هو.“ مير بھرام پنھنجي والد جي زندگيءَ ۾ ئي مٿانهون درجو حاصل ڪري ورتو هو. ان جي وفات کان پوءِ سڀني ٽالپرن ۽ بلوچن جو سرپرست بنيو رهيو. جڏهن محمد مراد ياب خان کي معزول ڪيو ويو، تڏهن ان جي جاءِ تي ميان غلام شاھہ کي فرمان روا بڻائڻ ۾ سڀني کان وڌيڪ سرگرم رهيو. محمد عطر خان جڏهن افغاني درٻار مان جانشيني جي سَنَد وٺي آيو ۽ ميان غلام شاھہ کي ملڪ ڇڏي جيسلمير وڃڻو پيو، تڏهن مير بھرام ٿورو پاسيرو ٿي ويو، پر پوءِ جن اميرن عطر خان ۽ احمد يار خان جي بدانتظامين کان تنگ ٿي اندران ئي اندران ميان غلام شاھہ کي دعوت نامہ موڪليا ۽ کيس پنھنجي وفاداريءَ جو يقين ڏياريو هو، تن ۾ مير بھرام بہ شامل هو. روهڙيءَ واري خونريز جنگ جي موقعي تي هو عطر خان ۽ احمد يار خان کان الڳ ٿي اچي ميان غلام شاھہ سان گڏيو هو ۽ پوءِ مير صاحب جو وڏي ڀروسي وارو صلاحڪار بڻيو ۽ ميان سرفراز خان جي دؤر ۾ بہ هن جي حيثيت ۾ ڪو بہ فرق نہ آيو.
راجا ليکيءَ جون شرارتون: راجا ليکيءَ مير بھرام کي ميان سرفراز جي نظرن ۾ ڪيرائڻ لاءِ ڪوڙين شڪايتن جو سلسلو جاري ڪيو. عظيم الدين ٺٽوي راجا کي ابوجهل ۽ ابولهب سان نسبت رکندڙ ٺهرائيندي چيو آهي:
نہ فضل و نہ علم و نہ دانش نہ دين
چـو بـوزيـنـه مـي بـود بـالا نـشيـن
]راجا کي فضل، علم، دانش ۽ دين سان ڪوبه تعلق نہ هو، هو باندر وانگر ماٿنهين جڳھہ تي ويهي رهيو هو.[
چوبا ميـر مي رفـت تـدبيـر کـار
بـجنبــا نــدي ريـش بـوزيـنه دار
]سرفراز خان جڏهن مير بھرام سان ملڪي ڪاروبار بابت مشورو ڪندو رهيو، تڏهن راجا باندر وانگر پنھنجي ڏاڙهي ويٺو لوڏيندو رهيو.[
ظاهري طرح مير بھرام خان جي وفاداري ۽ اطاعتگذاري انهيءَ حد تائين مڃيل ۽ معروف هئي جو مٿس بدگمان ٿيڻ جو ڪو بہ سبب نہ هو، ليڪن معلوم ٿئي ٿو تہ راجا ليکيءَ جي لڳاتار برغلائڻ سرفراز جي دل ۾ شبها يپدا ڪري وڌا ۽ ان جا طبعي نتيجا ظاهر ٿيڻ لڳا. غلام رسول مھر ”تاريخ ڪلهوڙا“ ۾ ميان سرفراز جي علم ۽ فضل جي تعريف ڪندي لکيو آهي تہ: ”حيرت آهي تہ اهڙو فضل وارو ۽ ڏاهو حاڪم راجا ليکي جهڙي شخص جي سخن سازيءَ جي دام ۾ ڪيئن ڦاسي پيو، جو هن مير بھرام جهڙي مخلص ۽ حڪومت جي پراڻي رڪن کي ۽ ان جي پٽ کي ناحق قتل ڪرايو ۽ اهڙيءَ ريت پنھنجي لاءِ خوفناڪ مصيبتون پيدا ڪيون.“