
مير صوبدار علي خان ٽالپر
مير صوبدار خان مير ٽالپر : مير صوبدار خان مير فتح علي خان جو فرزند هو. هو مير فتح علي خان جي آخري پساهن وارين گهڙين ۾ ڄائو هو ۽ هن اکين جي نُور جو نالو صوبدار رکيو ۽ جلد وفات ڪري ويو، مير صاحب جي پرورش چاچن ڪئي.
مير صوبدار خان وڏو ٿي پنھنجي چاچن کان حڪومت جي حصي وٺڻ لاءِ جنگ جو اعلان ڪيو، پر ڪامياب نہ ٿيو. جيتوڻيڪ چڱو خاصو لشڪر تيار ڪرايو هئائين. بعد ۾ جاگير جي هڪ حصي تي گذران ڪرڻ لڳو، جيئن تہ مير صاحب ابتدا کان وٺي انگريزن جو وفادار رهيو، ان ڪري سندس اهو خيال هو تہ مير علي مراد وانگي کيس بہ انگريز وفاداريءَ جي صلي ۾ حڪومت ڏيندا، پر مياڻيءَ جي جنگ بعد مير صوبدار کي بہ ٻين مير صاحبن وانگر قيد ڪري هندستان موڪليو ويو.
مير صاحب علم پرور ۽ سٺو شاعر هو، سندس تخلص ”مير“ هو. سندن تصنيفون هي آهن:
1. مثنوي سيف الملوڪ (تاليف سن 1247 ھہ/ 1831ع).
2. مثنوي فتح نامہ (تاليف سن 1244 ھہ/ 1828ع) هيءَ مثنوي ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي عھد جي تاريخ آهي، جيڪا ميرزا عباس علي بيگ مرتب ڪري چڪو آهي.
3. مثنوي خسرو شيرين (تاليف سن 1255 ھہ/ 1839ع)
4. مثنوي جدائي نامہ هيءَ مثنوي مير صاحب ڪلڪتي ۾ 1260ھہ/ 1844ع ۾ لکي.
5. ديوان مير، هي ديوان سن 1240 ھہ/ 1824ع ۾ مرتب ڪيائين، هن کان پهرين مير صاحب جا ٽي ديوان گم ٿي چڪا هئا.
مير صاحب جيڪا منڊي پائيندو هو، ان تي هيءَ تحرير لکيل هئي: ”صوبدارم من از نبي و ولي“ (1258 ھہ/ 1842ع).
تڪملهءِ مقالات الشعرا جي مصنف مخدوم محمد ابراهيم خليل مير صوبدار جي تصنيف ڪيل فتح نامي بابت لکيو آهي تہ ”مير محمد حسن علي خان ابن مير محمد نصير خان فتح نامي جو سنڌي نظم ۾ ترجمو ڪيو آهي“، تحقيق مطابق جيڪو غلط آهي. مير حسن علي خان سنڌ جي شاهنامي ۾ فتح نامہ سيد عظيم الدين ۽ فتح نامہ مير صوبدار خان بابت چوي ٿو تہ مٿيان ٻہ فتح ناما مون پڙهيا آهن. مون پنھنجي شاهنامي ۾ اُهي حقيقتون بيان ڪيون آهن، جيڪي شاھہ صاحب ۽ مير صاحب کان رهجي ويون آهن.
مير صاحب هڪ ديوان سن 1238 ھہ ۾ مرتب ڪيو، جنهن جي تاريخ يوسف خدمتگار ”چراغ دل“ مان ڪڍي ۽ ان ديوان جو ديباچو مير صاحب نظم ۾ لکيو ۽ جيڪو هن ’جدائي نامي‘ ۾ شامل ڪري ڇڏيو. مير صاحب ڪلڪتي ۾ 14 رجب 1262 ھہ/ 1845ع ۾ وفات ڪئي. سندس لاش کي خدا آباد ۾ آڻي سندس والد جي ڀر ۾ دفن ڪيو ويو، سندس مزار تي هيءَ تحرير موجود آهي:
”وفات جنت المڪان مير صوبدار خان عليہ رحمته تاريخ چهاردم ماھہ رجب 1262 هجري“مير صاحب پنھنجي خاندان مان شادي ڪئي ۽ کيس هڪ پٽ جو اولاد ٿيو، جنهن جو نالو مير فتح علي خان رکيائين.