ٽالپر مير عبدالحسين خان سانگي

ٽالپر مير عبدالحسين خان سانگي

مير عبدالحسين خان ٽالپر سانگي

ٽالپر، مير عبدالحسين خانسانگي ‘:شهداداڻي خاندان جو آخري فرمان روا، شاعر، نثر نويس ۽ افسانہ نگار، مير عبدالحسين خان سانگي، مير عباس علي خان ٽالپر جو فرزند هو. سندس سنڌي شاعريءَ ۾ تخلص ”سانگي“ ۽ اردو ۽ فارسيءَ ۾ ”عبدالحسين“ هو. مير عباس علي خان ڪلڪتي ۾ نظربنديءَ واري دور ۾ هڪ انگريز خاتون سان شادي ڪئي هئي. جنهن مان 1851ع ۾ عبدالحسين خان سانگي پيدا ٿيو. ٻي شادي پهرين زال جي مرڻ کان پوءِ ڪيائين، جنهن مان کيس مير احمد حسين ڄائو، جنهن ڏهن سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي، جڏهن مير عبدالحسين ڇھن ورهين جو هو تہ سندس والد جو ڪلڪتي ۾ انتقال ٿيو ۽ پاڻ پنھنجي چاچي مير حسن علي خان سان گڏ رهڻ لڳو. 1863ع ۾ مير حسن علي خان جڏهن سنڌ واپس آيو تہ مير عبدالحسين خان بہ ان سان گڏ سنڌ آيو. ڪجهہ وقت سانگي پنھنجي چاچي مير حسن علي سان رهيو، پر پوءِ مير صاحب، مير محمد خان ۽ مير يار محمد خان سان گڏ رهيو. جتي سندس والدہ بہ رهندي هئي. مير سانگيءَ کي ڪلڪتي ۾ فارسي تعليم، سيد ميرزا حسن علي عرف ميرزا بزرگ ”وفا“ کان ملي. سنڌ ۾ اچڻ بعد سندس سنڌيءَ جو استاد آخوند احمد ولد آخوند عبدالعليم هالائي مقرر ٿيو. فارسي ۽ اردو شعر ۾ مولانا ابوالحسن لکنويءَ ۽ سنڌي شاعريءَ ۾ سيد غلام محمد شاھہ ”گدا“ سندس استاد هئا. مير عبدالحسين جڏهن اوڻيهن سالن جو ٿيو تہ کيس ”هزهائينس“ جو خطاب مليو. سانگيءَ جي عمر جا پهريان ويھہ سال پنھنجي وڏن جي سايي ۾ آرام ۽ آسودگيءَ ۾ گذريا، پر 1871ع ۾ مهراڻ جي ڪيٽيءَ ۾، جتي پاڻ شڪار ڪرڻ ويندو هو، اتي هڪ ڀيري شڪار ڪندي اوچتو سندس نظر هڪ مهاڻي ذات جي عورت تي پئي، جنهن جي هڪ ئي نظر سندس هوش وڃائي ڇڏيا. سانگي آيو تہ شڪار ڪرڻ لاءِ هو پر هاڻي پاڻ شڪار ٿي ويو ۽ بيساخته چئي ڏنائين: پــاڻ آهـيـان شـڪـار ٿـيـو هـاڻــي ”سانگي“ ڪهڙو وڃي شڪار ڪريان آخرڪار عشق رنگ لاتو ۽ مير صاحب ملاح ڇوڪري بيبي حاجران کي نڪاح ۾ آندو. شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي روضي تي پاڻ جمعي جي رات حاضري ڀرڻ ويندو هو ۽ صبح جو حيدرآباد ورندو هو. مير صاحب ۽ سندس گهر واري بيبي حاجران کي چار سال مس ٿيا، جو بيبي حاجران 24 رمضان 1291ھہ/ 1874ع ڌاري گذاري وئي. مير صاحب پنھنجي هن گهر واريءَ جي مڙھہ کي ڀٽ شاھہ کڻائي ويو ۽ حضرت شاھہ عبداللطيف جي روضي جي ڇانو ۾ دفن ڪرايائين. سانگيءَ جي زندگيءَ جو ٻيو دور 1877ع کان شروع ٿئي ٿو. جنهن ۾ هن هڪ انگريزياڻي، ڊاڪٽر رائيٽ جي ڌيءُ سان شادي ڪئي. هي دور بہ سانگيءَ لاءِ عجب هو. اهل ۽ عيال جي پرورش، نالي ماتر پينشن، (1807ع ۾) مير حسن علي خان جي وفات ۽ ملڪيت جي مقدمي جي ناڪاميءَ سانگيءَ جي دل ۽ دماغ تي وڏو اثر ڪيو. مير عبدالحسين خان سانگيءَ کي شاعري ورثي ۾ ملي هئي ۽ هن پنھنجي شاعريءَ جو آغاز اردو شاعريءَ سان ڪيو هو. جيئن تہ مير صاحب جي پيدائش ڪلڪتي ۾ ٿي هئي، ان ڪري ننڍپڻ جا ست اٺ سال اتي ئي گذاريائين. سنڌ ۾ اچڻ کان پوءِ سندس تعليم لاءِ جيڪي استاد مقرر ٿيا، تن مان هڪ مولوي سيد ابوالحسن لکنوي هو، جيڪو پاڻ بہ شاعر هو. مير صاحب کي اردو شاعريءَ جو ذوق مولانا صاحب جي صحبت ۾ ٿيو. بعد ۾ سنڌي شعر چوڻ لڳو. سنڌي ۽ اردوءَ سان گڏ فارسيءَ ۾ بہ طبع آزمائي ڪيائين. سانگي عالم، اديب ۽ عاشق مزاج شاعر هو، سندس علمي وسعت سندس شاعرانه شعور ۾ اضافو ڪيو، جنهنڪري هن شاعريءَ جي مقصد کي سمجهيو ۽ خاص ڪري نئين سنڌي شاعريءَ جي رائج رجحانن توڙي نين تقاضائن کي محسوس ڪيو ۽ ان ۾ جدت ۽ انفراديت پيدا ڪئي. ٻين شاعرن جي ڀيٽ ۾ سانگيءَ غزل ۾ نئين ماحول ۽ ٻوليءَ ۾ وڌيڪ ڪامياب تجربو ڪيو. هن پنھنجي شاعريءَ ۾ شيراز ۽ اتان جي باغن ۽ بلبلن جي ذڪر بجاءِ حيدرآباد ۽ سنڌو درياھہ جي ڪناري کي ڳايو. مهراڻ جي ڪيٽيءَ ۽ گهاري کي حافظ جي مصليٰ ۽ رڪن آباد سان تشبيھہ ڏنائين. ڊاڪٽر محمد ابراهيم خليل مير سانگي جي باري ۾ لکيو آهي تہ ”سانگي سنڌي ٻوليءَ جو اهو پهريون شاعر آهي، جنهن موزون شاعري ۾ قدرتي نظارن تي دلچسپ نموني لکيو آهي ۽ تخيلات جي دائري کان نڪري حقيقت نگاري ۾ قدم رکيو آهي.“
سانگي جنهن دور ۾ پيدا ٿيو ۽ ننڍو ٿي وڏو ٿيو، اهو سنڌ تي انگريزن جي اوائلي قبضي ۽ تسلط وارو دور هو. جنهن نئون سياسي، سماجي ۽ ادبي ماحول پيدا ڪيو. سياسي لحاظ کان انگريزن جي غاصبانه قبضي جي ڪري هڪ تہ وطن جي آزادي ختم ٿي ٻيو تہ سندس خاندان تي زوال آيو ۽ تڪليفن مٿان تڪليفون آيون. سانگي پنھنجي هر شعر ۾ وطن تي فرنگيءَ جي قبضي، وطن جي تباهي ۽ ويراني، عزيزن دوستن کان دوريءَ جو ذڪر کليءَ طرح ڪيو آهي.
انهي غلاميءَ ۾ مير صاحب جنهن بهادريءَ سان انگريزن خلاف قلم کنيو، ان جو مثال همعصر شاعرن ۽ اديبن وٽ نہ ٿو ملي. وطن جي ويرانيءَ سان گڏ مير صاحب کي پنھنجي خاندان جي زوال ۽ ڌارين جي نا انصافين جو احساس هو. سانگي پهريون سنڌي شاعر هو، جنهن پنھنجي شعر ۾ وطن پرستيءَ ۽ قوميت جي جذبي جو اظهار ڪيو ۽ ڌارين جي غلاميءَ خلاف آواز بلند ڪيو.
مير صاحب جوانيءَ وارو زمانو شعر شاعريءَ ۽ شڪار جي شوق ۾ گذاريو. کيس مئجسٽريٽ بہ بنايو ويو. ان وقت مير صاحب جي عمر 27 سال هئي ۽ 45 سال هن عهدي تي فائز رهيو. 1922ع ۾ هن عهدي تان استعيفا ڏيڻ چاهيائين ٿي، پر وقت جي ڪليڪٽر اصرار ڪيو تہ توهان ڪيس هلائيندا رهو. سندس عمر بہ وڏي هئي پر ڏکن سانگيءَ کي پيري ۾ داخل ڪري ڇڏيو هو، ان ڪري مير صاحب ڪيس هلائڻ بند ڪري ڇڏيا. حيدرآباد شھر ۾ مير صاحب کان سواءِ مير شاهنواز خان پٽ مير علي قاسم خان آنرري مئجسٽريٽ هو پر پهرئين ڪلاس جا پاور فقط سانگيءَ، قاضي امام علي ۽ ديوان جڳت راءِ کي مليل هئا.
سانگي مئي 1924ع ۾ بيمار ٿيو ۽ 12 جون 1924ع مطابق 8 ذيقعد 1342 ھہ ۾ وفات ڪيائين. سندس لاش مير عباس علي خان واري مقبري ۾ امانت طور دفن ڪيو ويو ۽ ڇھن مهينن بعد سندس وصيت مطابق سندس مڙھہ حضرت شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي مقبري جي صحن ۾ سندس پهرين گهر واريءَ جي ڀرسان دفن ڪيو ويو.
مير صاحب حضرت شاھہ عبداللطيف جي ڪلام جو غور سان مطالعو ڪيو ۽ شاھہ سائينءَ جي سوانح حيات ۽ سندس ڪلام تي ابتدائي قلم کنيو.
سانگيءَ جون جيڪي تصنيفون هن وقت تائين مليون آهن: سي هن ريت آهن. (1) سوز سانگي (ڪافيون)، (2) لطائف لطيفي (حضرت شاھہ عبداللطيف جي سوانح فارسي)، (3) ديوان سانگي (ٽي جلد)، (4) ڪهاڻي محبت هاڻي، (5) قصص راحت افزا، (6) آکاڻي رات وهاڻي، (7) قصہ دلچسپ، (8) داستان فرحت افزان، (9) فارسي شاعرن جي ڪلام مان انتخاب،(10) مثنوي مشتمل برسر گذشت دار وگير (هن مثنوي ۾ مير حسن علي خان جي وفات کانپوءِ مير نور محمد خان ۽ مير سانگي جي وچ ۾ ملڪيت تان تڪرار ٿيو، جنهن ۾ سانگيءَ کي شڪست ملي، انجو مڪمل احوال آهي- هيءَ مثنوي اڻ ڇپيل آهي)، (11) اردو شاعرن جي ڪلام مان انتخاب، (12) صرف ونحو تي فارسيءَ ۾ لکيل ڪتاب.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1851.00.00  عيسوي

مير عبدالحسين خان سانگي 1851ع ۾ پيدا ٿيو


1924.06.12  عيسوي

مير عبدالحسين خان سانگي مئي 1924ع ۾ بيمار ٿيو ۽ 12 جون 1924ع مطابق 8 ذيقعد 1342 هه ۾ وفات ڪيائين



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شيخ عبدالسبحان ٺٽوي
دانشور خان
حبدار سولنگي
ڀرتري هري
غلام محمد غازي
اميد علي ڪلهوڙو
اسير امتياز
تنھا اصغر
صمد ساز رضوي
محمد روشن ٺٽوي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون