مير علي شير قانع ٺٽوي (1140ھہ/1727ع- 1203ھہ/1788ع ):مير علي شير قانع ٺٽوي پنھنجي خاندان ۽ ابن ڏاڏن جو احوال پنھنجي ڪــجهہ تــصنيفن ۾ درج ڪــيـو آهي، ان کــان ســواءِ ”مــجالس المومنين“ مصنف قاضي نور ﷲ شوستري ۾ هن خاندان جي بزرگ سيد شڪر ﷲ شيرازيءَ جو احوال ملي ٿو. مير علي شير جو خاندان ايران جي شھر شيراز سان تعلق رکندو هو. سندس بزرگن ۾ سيد شڪر ﷲ شيرازي، شاھہ بيگ ارغون جي زماني 928 ھہ/1521ع ۾ شيراز مان سنڌ ۾ آيو. قانع پنهنجو نسب سيد شڪر ﷲ شيرازيءَ سان هن طرح ملايو آهي. مير علي شير قانع بن مير عزت ﷲ بن مير محمد ڪاظم بن مير محمد مقيم بن مير ظھير الدين ثاني بن سيد شڪر ﷲ ثاني بن مير ظھير الدين اول بن قاضي شڪر ﷲ اول شيرازي. مير علي شير ڀائرن ۾ سڀ کان ننڍو هو. هن ابتدائي تعليم ٺٽي مان حاصل ڪئي. ميان نعمت کان ’ميزان الصرف‘ کان ’شرح ملا‘ تائين تعليم حاصل ڪيائين. آخوند محمد شفيع ٺٽويءَ کان قصائد عرفي ۽ عروض سيفي پڙهيو. آخوند ابوالحسن بي تڪلف ٺٽويءَ کان فارسي پڙهيو ۽ مير حيدر الدين ابو تراب ڪامل کان شعر ۽ سخن جي تعليم حاصل ڪيائين. قانع هڪ ئي وقت عالم، شاعر، اديب، نثر نگار، مورخ، تاريخدان، محقق، تذڪر ي نگار هو. هن ٻارهن سالن جي عمر (1152ھہ/ 1739ع ) ۾ شعر چوڻ شروع ڪيو ۽ اٺ هزار شعرن تي مشتمل هڪ ديوان تيار ڪيائين، جيڪو پاڻ ئي ڪنهن سبب جي ڪري درياھہ ۾ لوڙهي ڇڏيائين. قانع جي ذهانت، قابليت، اهليت ۽ علميت کي آڏو رکندي، ان وقت جي حاڪم ميان غلام شاھہ ڪلهوڙي (1170ھہ/1756ع -1186ھہ/1772ع) کيس ڪلهوڙا خاندان جي تاريخ نويسيءَ لاءِ 1175ھہ/1739ع ۾ مقرر ڪيو. هن ڪلهوڙن جي تاريخ ٻن جلدن ۾ لکي، هڪ نظم ۾ منظوم ”شاهنامه فردوسي“ جي بحر تي ۽ ٻي نثر ۾. ليڪن هن درويش صفت مصنف کي شايد شاهي ملازمت پسند نہ آئي، انهيءَ ڪري شاهي درٻار ڇڏي ٺٽي ۾ واپس آيو ۽ 1180ھہ/ 1766ع ۾ ”تحفة الڪرام“ لکڻ شروع ڪيائين. زندگيءَ جي آخري ڏهاڙن ۾ بيماريءَ جي حالت ۾ بہ ٽي ڪتاب لکيائين. جن ۾ آخري ڪتاب ”معيار سالڪان طريقت“ آهي. مير علي شير قانع جون هيٺيون تصنيفون مشھور آهن: (1) ديوان علي 1152ھہ/1739ع، (2) مثنوي شمه از قدرت حق 1165ھہ/1751ع، (3) مثنوي قضا و قدر 1167ھہ/ 1753ع، (4) نو آئين خيالات 1169ھہ/1755ع، (5) مثنوي قصہ ڪامروپ 1169ھہ/ 1755ع، (6) ديوان ”قال غم“ 1171ھہ/1757ع، (7) ساقي نامہ 1174ھہ/ 1760ع، (8) واقعات حضرت شاھہ منظوم 1174ھہ/1760ع، (9) چهار منزلہ منظوم 1174ھہ/1760ع، (10) تــزويـج نـامـه حســن و عـشـق 1174ھہ/1760ع، (11) اشعار متفرقه در صنايع و تاريخ 1174ھہ/1760ع، (12) مڪلي نامہ ”بوستان بھار“ 1174ھہ/1760ع، (13) مقالات الشعراء 1174ھہ/1760ع، (14) تاريخ عباسيه (نثر) نامڪمل 1175ھہ/ 1761ع، (15) تاريخ عباسيه منظوم 1175ھہ/1761ع، (16) تحفة الڪرام (3 جلد) 1181ھہ/1767ع، (17) اعلانِ غم 1192ھہ/1778ع، (18) زبدة المناقب 1192ھہ/1778ع، (19) مختار نامہ 1194ھہ/1780ع، (20) نصاب البلغاء 1198ھہ/1783ع، (21) مثنوي ختم السلوڪ 1187ھہ/1773ع، (22) طومار سلاسل گزيده 1202ھہ/1787ع، (23) شجره اطهر اهلبيت 1202ھہ/1787ع، (24) معيار سالڪانِ طريقت 1202ھہ/1787ع. ان کانسواءِ قانع جي هيٺين تصنيفن جي سنن جي ڄاڻ ناهي. (1) انشائي قانع، (2) تھذيب طباع، (3) حديقه البلغاء، (4) ديوان اشعار، (5) رساله معمامع شرح (نثرءِ نظم)، (6) روضہ الانبياءَ منظوم، (7) زينت الاخلاق منظوم، (8) سرفراز نامه، (9) غوثيه منظوم. (10) قصاب نامہ مثنوي، (11) قصائدو و منقبت، (12) ڪان جواهر مثنوي، (13) لب تاريخ کلهوڙه، (14) محبت نامہ مثنوي، (15) محڪ الشعراءَ (بياض)، (16) ميزان الافکار منظوم، (17) ميزان فارسي. 1199ھہ/1784ع ۾ سنڌ ۾ ٽالپرن جي حڪومت قائم ٿي ۽ ڪلهوڙن جي حڪومت جو خاتمو مير فتح علي خان ٽالپر هٿان ٿيو ۽ مير فتح علي خان ئي ٽالپرن طرفان سنڌ جو پهريون حاڪم ٿيو. مير فتح علي خان جي زماني ۾ مير علي شير قانع هيٺيان ٽي ناياب ڪتاب تصنيف ڪيا. (1) طومار سلاسل گزيد، (2) شجره اطهر اهلبيت ۽ (3) معيار سالڪان طريقت. هي ٽئي ڪتاب 1202ھہ /1787ع ۾ تصنيف ڪيا ويا. مير فتح عليءَ جي دور ۾ ئي مير شير علي قانع 1203ھہ/ 1788ع ۾ وفات ڪئي. سندس تدفين مڪليءَ تي ٿي.
عيسوي
عيسوي