ٽالپر مير علي مراد خان

ٽالپر مير علي مراد خان

مير علي مراد خان ٽالپر

مير علي مراد خان ٽالپر : مير علي مراد خان ٽالپر مير سهراب خان جو ننڍي ۾ ننڍو پٽ هو ۽ کيس پيرسني ۽ گوشي نشينيءَ واري زماني ۾ سال 1815ع ۾ ڄائو. ننڍو هو تہ سندس ملڪيت مير مبارڪ خان جي سنڀال هيٺ هئي، هن جي طبيعت ننڍپڻ کان وٺي ٻين ميرن کان مختلف هئي. مير مبارڪ خان سندس ملڪيت جي سنڀال لاءِ پنهنجن ٽن پٽن: مير نصير خان، مير محمد علي خان ۽ مير فضل محمد خان کي ملازم ڪري رکيو هو ۽ ملازمت جي صلي ۾ مير علي مراد خان کين شاھہ ٻيلي ۽ ٻٻرلوءَ جا علائقا بخشي ڇڏيا هئا. ڪن جو چوڻ آهي تہ مير علي مراد خان هٿ جو ڪشادو هو، ان ڪري پنھنجي خرچ پوري ڪرڻ لاءِ اهي علائقا پنھنجي ڀاءُ مبارڪ خان وٽ گروي رکيا هئائين. مير علي مراد خان جڏهن وڏو ٿيو، تہ انهن علائقن (شاھہ ٻيلي ۽ ٻٻرلوءِ) واپس وٺڻ جي گهُر ڪيائين، پر مبارڪ خان کيس اهي علائقا واپس نہ ڪيا. مير مبارڪ خان جي وفات بعد مير علي مراد خان ۽ سندس ڀائٽين جو ان ملڪيت تي تڪرار رهيو. مير رستم خان ڀائٽين جو طرف ورتو ۽ نوبت وڃي نونارين واري جنگ تي پهتي، جنهن ۾ مير علي مراد خان ڪامياب ٿيو ۽ تڪراري ملڪيت سان گڏ ڪجهہ ٻيو علائقو بہ حاصل ڪيائين. انهيءَ تڪرار دوران انگريزن کي وچ ۾ ٽپڻ جو موقعو مليو ۽ پنھنجي سياسي حال طور مير علي مراد خان کي پنهنجو مهرو بڻايائون. نيٺ 1843ع ۾ مياڻيءَ جي جنگ لڳي ۽ ميرن جي حڪومت جو خاتمو ٿيو. اصلي حاڪم ميرن کي قيد ڪيو ويو. انگريزن پنھنجي حامي مير علي مراد خان کي خيرپور جي رياست عطا ڪئي. مير علي مراد خان کي مليل علائقي جي ايراضي ساڍا پنج هزار چورس ميل ۽ آدمشماري ٻہ لک هئي. علائقي جو گهڻو حصو شڪار گاهن ۽ ٻيلن هيٺ هو، پوءِ بہ ان جي اپت خرچ لٿي ڏھہ لک روپيا هئي. مياڻيءَ جي فتح کان پوءِ سڄيءَ سنڌ ۾ بيچيني پيدا ٿي وئي. ڪيترن بلوچ قبيلن سرحدن تي بغاوتون ڪيون، جن کي دٻائڻ لاءِ انگريزن مارشل لا لاڳوڪئي ۽ مير علي مراد خان جي مدد سان لشڪر ڪشي ڪئي. پورا ٻہ سال اها مھم جاري رهي. ڪيترائي سورما مارجي ويا، جيڪي بچيا، سي اچي پيش پيا، جن ۾ خان ڊومبڪي'>بجار خان ڊومبڪي، اسلام خان بگٽي ۽ دريا خان جکراڻيءَ جا نالا قابل ذڪر آهن. چارلس نيپئر جيستائين سڄي سنڌ تي مڪمل طرح قبضو نہ ڪيو هو، تيستائين مير علي مراد خان کي پنهنجو حامي ۽ دوست تصور ڪندو رهيو، پر ڪم ڪڍڻ کانپوءِ مٿس ڪڙي نظر رکيائين. هڪ دفعي کيس ڌمڪي آميز خط لکيائين: ”تون انگريزن جي زور تي وڏو بڻايو ويو آهين، اهڙي عزت توکي خواب ۾ بہ ملڻي نہ هئي. تو کي ياد رکڻ گهرجي تہ گورنر جنرل جي آڏو تون ائين آهين، جيئن باز جي چنبن ۾ جهرڪي، جيڪڏهن ذري جيتري بيوفائي ڪندين تہ تو تي لازمي طور تباهي اچي ويندي.“ انهن ڳالهين جي باوجود مير علي مراد خان انگريزن کي پنھنجي ملڪ ۾ دست اندازي ڪرڻ نہ ڏيندو هو. 1845ع ۾ چارلس نيپئر سان بہ هڪ عهدنامو ڪري پنھنجي ملڪ جي حدبندي ڪرايائين. چارلس نيپئر اهو عهدنامو گورنر جنرل جي منظوريءَ لاءِ موڪليو، پر ان جو جواب ڪيترن سالن تائين ڪونه آيو، ڇو جو ڪن ماڻهن شرارت ڪري مير علي مراد خان جي خلاف مخفي درخواستون موڪليون هيون، جن ۾ ڄاڻايو ويو هو تہ هن مير رستم خان واري عهدنامي ۾ ڦيرڦار ڪري ڪافي ملڪ ڦٻائي ورتو آهي. 1850ع ۾ هڪ ڪميشن ويٺي ۽ فريادين جا نالا ظاهر ڪيا ويا. مير علي مراد خان سڀني فريادين جي دشمني ظاهر ڪري، پنھنجي بچاءَُ ۾ ڪافي شاهد پيش ڪيا، پر انهن تي ڪميشن جي ميمبرن اعتبار نہ ڪيو ۽ فيصلو مير صاحب جي خلاف ڏنائون. نيٺ 21 جنوري 1852ع تي اعلان جاري ڪري مير صاحب کان مير رستم خان وارا سمورا پرڳڻا کسي، هن کي فقط اهو ملڪ ڏنائون، جيڪو مير سهراب خان جي وصيت موجب کيس مليل هو. مير صاحب ڪميشن جي فيصلي جي برخلاف ڪمشنر کان وٺي وائسراءِ تائين اپيلون ڪيون، مگر ڪوبه نتيجو ڪونه نڪتو. نيٺ 1856ع ۾ پنھنجي دادخواهيءَ لاءِ لنڊن ويو ۽ پورو ڏيڍ سال کن اتي رهيو، پر سکڻن دلاسن کان سواءِ ڪجهہ بہ حاصل نہ ڪري سگهيو ۽ محروم ٿي موٽي آيو. ان کان سواءِ هر موقعي تي گورنر يا وائسراءِ سان ملڻ وقت اشاري طور يا سڌي طرح ساڳيو ئي ملڪ واپس وٺڻ جو سوال دهرائيندو رهيو. انگريز سندس خدمتن جو اعتراف ڪندي هن جي وڏي عزت افزائي ڪندا رهيا پر ورتل ملڪ واپس نہ ڪيائون. 1876ع ۾ تمام گهڻي بارش سبب درياھہ اٿل کاڌي. اها اٿل ايڏي وڏي هئي، جو خيرپور تائين پهچي وچ واري حصي کان سواءِ سارو شھر ٻوڙي وئي. ماڻهو مشڪل سان سر بچائي ٻاهر نڪتا. مير صاحب انهيءَ هنگامي حالت ۾ اهو سڀ ڪجهہ ڪيو، جيڪو سندس وس ۾ هو. ماڻهن جي خوراڪ ۽ پوشاڪ جي بندوبست کان سواءِ تقاوي ڏئي، ٻيهر گهر بہ تعمير ڪري ڏنائين ۽ سندس ڪوشش سان شھر وري آباد ٿي ويو. 1882ع ۾ هڪ دفعي مير صاحب شڪار تي نڪتو تہ اوچتو هڪ ماڻهو مٿس خوني حملو ڪري، تمنچي جا فائر ڪيا ۽ مير صاحب زخمي ٿي پيو. سکر مان ڊاڪٽر پيڪاڪ کي گهرايو ويو، جنهن جي علاج سان ٻن مهينن اندر چاڪ ٿي ويو. 1891ع ۾ جڏهن مسٽر جيمس سنڌ جو ڪمشنر هو، تڏهن بمبئيءَ جو گورنر شڪارپور ۾ آيو ۽ هڪ وڏي درٻار ڪوٺائي مير علي مراد خان کي برٽش سرڪار طرفان ڪي.سي.جي.آءِ (K.C.G.I) جو خطاب عطا ڪيو. 1893ع ۾ ساڳيو ئي ڪمشنر مسٽر جيمس سکر ۾ آيو ۽ خيرپور جي سڀني ننڍن وڏن خاندانن سان تعلق رکندڙ ميرن کي سڏايائين. انهن کان روبرو احوال وٺي، سندن قرض ۽ خرچ پکي جي ياداشت تيار ڪري کين جاگيرون ۽ پينشنون مقرر ڪري ڏنائين. 1894ع ۾ مير علي مراد خان جڏهن دڙي جي منزل تي هو تہ بيمار ٿي پيو ۽ ٽن مهينن جي علالت کان پوءِ 25 رمضان 1311ھہ بمطابق 2 اپريل 1894ع تي وفات ڪيائين. مير علي مراد خان کي ڇھہ پٽ ۽ ٽي نياڻيون هيون. سندس پٽن جا نالا هي آهن: سهراب خان، شاهنواز خان، فيض محمد خان، جان محمد خان، خان محمد خان ۽ غلام مهدي خان. مير فيض محمد خان کان سواءِ سندس ٻيا سمورا پٽ سندس زندگيءَ ۾ ئي وفات ڪري ويا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1815.00.00  عيسوي

مير علي مراد خان 1815ع ۾ ڄائو


1894.04.02  عيسوي

مير علي مراد خان 25 رمضان 1311هه بمطابق 2 اپريل 1894ع تي وفات ڪيائين



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اسدالله کهڙوي
آدم شاھہ ڪلهوڙو
اميد علي ڀٽ
الھداد راهو
رئيساڻي غوث بخش
حسين بخش ذاڪري سماع ڌڻي
بندہ بيراگي
حسن علي عبدالرحمان
علي نواز علوي مير
پرڪاش مڻي دادي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون