ٽالپر مير علي نواز خان

ٽالپر مير علي نواز خان

مير علي نواز خان ٽالپر

مير علي نواز خان ٽالپر: مير علي نواز ’ناز‘ ولد مير امام بخش ٽالپر 9 آگسٽ، 1884ع تي ڪوٽ ڏيجيءَ ۾ ڄائو ۽ 37 سالن جي عمر ۾ 13 فيبروري 1921ع تي مسند نشين ٿيو. ابتدائي تعليم ڪوٽ ڏيجيءَ ۾ مخدوم بخش عباسيءَ ۽ مولانا شھاب الدين شاھہ هالاڻيءَ وارن کان حاصل ڪري، چيفس ڪاليج لاهور ۾ داخلا ورتائين. پوءِ ولايت ۾ نو مهينا رهي وڌيڪ تعليم حاصل ڪري آيو. مير صاحب جي حڪومت جا پهريان ڇھہ ست سال ڏاڍا سٺا گذريا ۽ اڳتي لاءِ رعايا کي وڏي اميد هئي تہ اهڙي تعليم يافتہ ۽ روشن خيال حاڪم جي سرپرستي ۾ رياست اوج تي ايندي، پر مير صاحب اوچتو ئي اوچتو عشق جي اري ۾ اچي ويو ۽ سڀ ڪجهہ محبت جي راھہ ۾ لٽائيندو رهيو. نتيجو اهو نڪتو جو خزانو خالي ٿيڻ لڳو. اهو حال ڏسي انگريزن وزارت جو عهدو ڪڍي، حڪومت جو انتظام هڪ ڪائونسل جي حوالي ڪيو، جنهن ۾ مير صاحب کان سواءِ ٻيا ٽي ڄڻا مسٽر هيليفاڪس، مسٽر امداد علي قاضي ۽ مير صاحب لواڻي مقرر ٿيا. اها ڪائونسل بہ ٻن ٽن سالن ۾ ناڪامياب ٿي ۽ 1930ع ۾ وري مسٽر ٽانٽن وزير مقرر ڪيو ويو. ٻن سالن بعد انهيءَ بہ استعيفا ڏني ۽ ان جي جاءِ تي سليڊن صاحب وزير ٿي آيو، جيڪو مير صاحب سان آخري دم تائين نڀائيندو رهيو. ڪائونسل جي ناڪاميءَ کان پوءِ مير صاحب صرف آئيني سربراھہ هو ۽ حڪوت جو ڪاروبار وزير صاحب جي هٿ ۾ هوندو هو. مير علي نواز خان نهايت حليم ۽ سادي طبيعت وارو انسان هو. سندس آمدنيءَ جو وڏو حصو فقيرن ۽ مسڪينن جي امداد ۾ خرچ ٿي ويندو هو. هو وڏو سخي مرد، عاشق مزاج، حضور شرم ماڻهو ۽ اعليٰ درجي جو شاعر هو. سندس شعر ۾ چڱو سوز ۽ گداز سمايل آهي. ڪڏهن ڪڏهن اميريءَ سان گڏ فقيري بہ اختيار ڪندو هو. بدن تي گيڙو ڪفني، مٿو اگهاڙو، هٿ ۾ يڪتارو ۽ زبان تي رندي ڪلام هوندا هئس. مير صاحب 1935ع ۾ وفات ڪئي. سندس لاش ڪوٽ ڏيجيءَ ۾ امانت طور رکيو ويو ۽ ڪجهہ عرصي بعد ڪربلا معليٰ ڏانهن موڪليو ويو. چيو وڃي ٿو تہ کيس ڪنهن ويجهي عزيز زهر ڏنو هو.


لفظ مير علي نواز خان ٽالپرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1884.08.09  عيسوي

مير علي نواز خان 9 آگسٽ 1884ع تي ڪوٽ ڏيجيءَ ۾ ڄائو


1935.00.00  عيسوي

مير علي نواز خان 1935ع ۾ وفات ڪئي



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حافظ شاھہ ناطق حسيني
برڪت علي ڪريمي ابڙو پروفيسر
حبيب ساجد
خواجہ محمد زمان لنواريءَ وارو
بھاري لال
آفاق صديقي
حاجي سعدالله سپاهي ابڙو
غزنوي حڪيم سنائي
انور هالائي
سودائي سومرو
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون